اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا جي افغانستان جي مامرن بابت خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد ڪالهه پاڪستان جو دورو ڪيو، آمريڪي سفارتخاني مطابق زلمي خليل زاد وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ زلمي خليل زاد افغان طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جو حل سياسي طور ڪڍڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته انهن ملاقاتن ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ افغانستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، آمريڪي سفارتخاني جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ مستقل جنگ سان پوري خطي ۾ امن خراب ٿي سگهي ٿو، افغانستان ۾ امن ٿيڻ سان علائقائي ترقي ۽ تجارتي عمل کي هٿي ملندي. ذريعن موجب ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ بدامني، عدم استحڪام پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي، افغان تڪرار سان پناهگيرن جي پاڪستان آمد جو خدشو آهي، پرامن افغانستان سان خطي ۾ معاشي تعاون جا موقعا پيدا ٿيندا، آمريڪي نمائندي زلمي خليل سان ملاقات دوران هن وڌيڪ چيو ته طاقت جي زور تي حڪومت مسلط ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، ڳالهيون ئي افغانستان ۾ امن آڻي سگهن ٿيون، پاڪستان امن لاءِ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ رهندو، وزيراعظم سمورن افغان اسٽيڪ هولڊرز تي لچڪ جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو.