اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ايف اي ٽي ايف ۾ ڀارتي سازشن خلاف عالمي فورم تي آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو، پرڏيهي کاتي جَي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير اعتراف ڪيو ته مودي سرڪار پاڪستان خلاف فيٽف ۾ معاملو سياسي بڻائي رهي آهي، پاڪستان ڀارتي سازشن کي فيٽف ۾ اُٿاريندو، وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته فيٽف ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.