سياسي گرمي ۽ مڪاني چونڊن ۾ وسري ويل ٻوڏ متاثر

0
200
سياسي گرمي ۽ مڪاني چونڊن ۾ وسري ويل ٻوڏ متاثر

جنيوا ڪانفرنس کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي هئي ته سرڪار ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ شروع ڪندي جن سان انهن کي ڪجهه رليف ملي سگهندو ۽ اهي پنهنجي بحالي واري ڪم ۾ سرڪاري سهڪار سان اڳڀرا ٿي سگهندا،پر لڳي ٿو جنيوا ڪانفرنس تائين ئي ٻوڏ متاثر سرڪار کي ياد هئا جن جي نالي تي سڄي دنيا کي امداد يا فنڊ ڏيڻ جي اپيل ڪرڻي هئي پر انهي ڪانفرس کانپوءِ اهي ٻوڏ متاثر سرڪار کان وري وسري ويل آهن جيئن مڪاني چونڊن کان ڪجهه ڏينهن اڳ تائين وسري ويل هئا پر جڏهن انهن ضلعن ۾ جتي ٻوڏ آئي هئي چونڊون ويجهو آيون ته ٻوڏ متاثرن لاءِ به ڪجهه سرگرميون ٿيون نه ته اڳ ۾ اهي سڀ پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي زندگي جو گاڏو گهلي رهيا هئا.مڪاني چونڊن کان اڳ ڪجهه سرويز ٿيون ،ڀاڻ ۽ ٻج ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا پر اهو سڀ ڪجهه لڳي ٿو  جنيوا ڪانفرنس ٿيڻ ۽ مڪاني چونڊون جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سرڪار جي ايجنڊا تان ئي لهي ويو آهي.جنهن ڪري هي سياري جا سخت ڏينهن به ٻوڏ متاثر کليل آسمان ۽ بنا ڇت جي گذارڻ تي مجبور آهن.

سانوڻي جي برساتي ٻوڏ ۾ سنڌ واحد صوبو هو جيڪو سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو،پر جيڪڏهن انهن ٻوڏ متاثرن جي ان وقت امدادي رليف ۽ هاڻي بحالي واري ڪم کي ڏسجي ٿو ته اهو ان پئماني جو نه هو جنهن سان انهن ٻوڏ متاثرن کي تڪليفن کان بچائي سگهجي ها.سرڪار،انتظاميا ۽ ايستائين جو چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نه بيمارين کان بچاءُ جون ڪيمپون لڳي سگهيون نه انهن کي وقت تي کاڌو مهيا ٿي سگهيو نه ئي جن جا گهر ڊهي ويا انهن کي اجهو فراهم ٿي سگهيو هو. ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت روڊن رستن تي وڃي ويٺا رهيا جن مان اڃا به ڪيترائي انهن رستن ۽ ڪيمپن ۾ ويٺل آهن جيڪي انهن پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪيون هيون.ڪيترن علائقن مان  اڃا تائين پاڻي ئي نه نڪري سگهيو آهي جو آبادگار پنهنجا فصل پوکي سگهن. جن جي زمين پوکي لائق آهي ته انهن وٽ ايترو ڪجهه بچيو ئي ناهي جو ڀاڻ ۽ ٻج وٺي پوکي ڪري سگهن.سرڪار واعدا ته وڏا وڏا ڪيا ته آبادگارن کي ڀاڻ ۽ ٻج مفت فراهم ڪيو ويندو پر آبادگار به آسري ۾ ئي رلي ويا ۽ ڪڻڪ جي پوکائي جي موسم به گذري وئي.هڪ طرف ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر انهي حالت ۾ گذاري رهيا هئا ته ٻئي طرف وري سرڪار سميت سڀئي سياسي ڌريون پنهنجي اقتدري ويڙهه ۾ پوريون هيون .پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ ڪي پي اسيمبلي جي ٽوڙڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن ته وري قومي اسيمبلي ۾ واپسي جا اشارا ڏنا پيا وڃن جڏهن ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ به سياسي ڌرين کان وٺي سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن به آمهون سامهون هيون جيڪي غير يقيني جو شڪار ٿيندي ٿيندي آخرڪار ٿي ويون.انهي سڄي سياسي گرمي ۽ مڪاني چونڊن جي گوڙ ۾ اهي ٻوڏ متاثر ڪنهن کي به ياد نه رهيا جن کان ئي انهن کي ووٽ وٺڻا هئا ڇاڪاڻ ته هي چونڊون انهن ضلعن ۾ ٿي رهيون هيون جن ۾  برسات جو سبب ڄاڻائي ملتوي ڪيون ويون هيون ۽ اڪثر اهي ضلعا هئا جتي انهي برساتي ٻوڏ جا متاثر ئي ووٽر هئا.

اسان سمجهون ٿا ته مڪاني چونڊون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سرڪار خاص ڪري سنڌ سرڪار کي انهن ٻوڏ متاثرن تي ئي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي اڃا تائين امداد ۽ بحالي جي آسري ويٺا آهن.جنيوا ڪانفرنس ۾ جيڪي اعلان ٿيا انهن تي عمل ٿيندي ٿيندي  سال گذري ويندا پر ڇا سنڌ ۽ وفاقي سرڪار جيڪي اعلان ڪيا انهن تي عمل لاءِ شروعاتي قدم نه ٿا کڻي سگهجن جنهن سان ٻوڏ متاثرن جون ڪجهه تڪليفون گهٽ ٿي سگهن. ڇا انهن آبادگارن جي مالي مدد ۽ ماڻهن جي گهرن جي نقصان جو معاوضو  نه ٿو ڏئي سگهجي جو اهي ماڻهو جيستائين عالمي امداد پهچي  سرڪار جي ڏنل مدد سان پنهنجي زندگي جو گاڏو هلائڻ جي ڪوشش ڪن. تنهن ڪري سرڪار سياسي خفن ۽ مڪاني چونڊن مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هاڻي انهن ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ تڪڙا قدم کڻي جن ووٽ ڏئي کين هر هنڌ ڪامياب ڪيو آهي.