ٺٽو:آر او جي گهر تي پوليس چڙهائي، اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سان ڏند چڪ

0
278

ٺٽو(رپورٽر) ٺٽي تعلقي جي آر او ۽ ڊي اِي او پرائمري ايجوڪيشن جا گهر تي پوليس چڙهائي کانپوءِ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سان ڏند چڪ، آر او محمد رحيم سومرو ۽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو عبدالرحمان وچ ۾ ڏند چڪ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

ريجنل اليڪشن ڪمشنر جي هدايتن تي مڪلي پوليس رات آر او محمد رحيم سومرو جي گهر تي چڙهائي ڪري کيس کنڀي اليڪشن ڪميشن جي آفيس کڻي آئي

آر او محمد سومرو احتجاج ڪندي چيو ته اڻويهين گريڊ جو ذميوار آفيسر ۽ آر او آهيان، توهان فون ڪرڻ بدران پوليس موڪلي ڇو گهرايو؟

ريجنل اليڪشن ڪمشنرعبدالرحمان چيو ته توهان پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو هو، آر او سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن کي گهرائڻ جو هي ڪهڙو طريقو آهي؟

ڊِي اِي او پاران گهر تي ڇاپي خلاف ٺٽي ۾ استادن پاران احتجاج ڪيوويو، ريجنل اليڪشن ڪمشنر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو

هي به پڙهندا

ميهڙ مان پوليس پاران کنڀيل پي ٽي آءِ اميدوار جي گرفتاري ظاهر