مڪاني چونڊون، متبادل جي خواهش ۽ غير سنجيدگي

0
266
مڪاني چونڊون، متبادل جي خواهش ۽ غير سنجيدگي

 عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن پاران سخت موقف رکڻ تي نيٺ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو به مڪمل ٿي ويو. چونڊن جي نتيجن ۽ اڳتي جي منظرنامي کي هڪ پاسي رکندي ان سوال تي ڪجهه بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي متبادل طور ڪابه ڌر سگهاري نموني اڀري نه سگهي. جيتوڻيڪ ڪجهه هنڌن تي قومپرست پارٽين جا ورڪر سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيا پر مجموعي طور اهو انگ تمام ننڍو آهي. پهرئين مرحلي ۾ به ڪجهه هنڌن تي اهڙا مثال نظر آيا هئا پر اهي به مجموعي انگ جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورا هئا.

                 قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ته خرچ ايڏا وڏا ٿي چڪا آهن جو وچولي ۽ هيٺين طبقي جي اميدوارن لاءِ وڏيرن جو مقابلو ڪرڻ نهايت ڏکيو عمل آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ مڪاني چونڊن ۾ تڪ ننڍا هجڻ، اميدوارن جي مقامي سطح تي بهتر ساک جو فائدو هجڻ سبب اتي گهٽ خرچ سان به مقابلو ڪرڻ ممڪن ٿي پوي ٿو. درحقيقت قومپرست ۽ کاٻي ڌر وارين تنظيمن لاءِ اليڪشني ميدان ۾ پنهنجي ساسي سگهه ڏيکارڻ لاءِ اهو ئي هڪ بهترين موقعو هوندو آهي ته پيپلز پارٽي توڙي ٻين وڏين پارٽين کي عوام اڳيان جوابده بڻائڻ جو به اهو ئي موقعو هوندو آهي. ساڳي طرح هنن چونڊن وسيلي هيٺين سطح تي متبادل ساکائتي قيادت اڀارڻ جو به موقعو حاصل ٿيندو آهي.  اهي سڀ موقعا اليڪشني سياست ۾ تمام گهڻي اهميت وارا هوندا آهن. بدقسمتيءَ سان سنڌ جون قومپرپست ڌريون انهن موقعن لاءِ سنجيدگيءَ سان تياري نه ٿيون ڪن. هن ڀيري به مڪاني چونڊن جي ٻنهي مرحلن لاءِ پارٽين جي قيادت ڪا سنجيده مهم نه هلائي جيڪي ٿوريون گهڻيون سيٽون کٽي سگهيا اهي به اميدوارن جي مقامي سطح تي ساک ۽ ذاتي جاکوڙ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيون. جيئن ته سنڌ جي سياست ڪندڙ تنظيمون اڪيلي سر چونڊن واري محاذ تي ڪمزور آهن، تنهن ڪري هنن لاءِ گڏيل چونڊ محاذ ٺاهڻ ئي واحد آپشن آهي. هڪ پاسي ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جا ڌڙا هڪ ٻئي جي ڇتي مخالفت ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ايجنڊا لاءِ گڏ ٿي ويا ته ٻئي پاسي سنڌ جي قومپرست ڌرين پاران رڳو وقتي چونڊ اتحاد ڪرڻ جي به ڪا اڳڀرائي نظر نه آئي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ به قومپرست ڌرين بجاءِ جي ڊي اي سان اليڪشني اتحاد ڪيو. ان جي باوجود به اها ڪا تمام وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي. اها ڳالهه خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿي ته جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست ۽ کاٻي ڌر واريون پارٽيون ڪو گڏيل چونڊ محاذ قائم ڪري سڄي سنڌ ۾ ڪا گڏيل چونڊ مهم هلائين ها ته پيپلز پارٽي جي سياسي هڪ هٽيءَ کي ڪجهه لوڏو اچي پئي سگهيو. ڪائونسل ۽ وارڊ جي سطح تي ڪجهه سئو ووٽن جي ان مقابلي ۾ قومپرست ڌرين جو گڏيل چونڊ اتحاد مهيني ٻن جي جاکوڙ سان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ سيٽون کٽي ٿي سگهيو.

سنڌ جون مختلف سياسي ڌريون، ليکڪ، صحافي ۽ ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو سنڌ ۾ پ پ جي متبادل هجڻ جي خواهش رکندڙ ذهن ۽ ڪجهه اڳواڻ ته عام عوام کي اکيون ٻوٽي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ جي ميار به ڏين ٿا پر ان صورتحال کي رڳو عوام جي اياڻپ قرار ڏيڻ سياسي سائنس جي اصولن جي ابتڙ آهي. ان سڄي لقاءَ جو سياسي تجزيو ڪرڻ ۽ متبادل سياسي قوتن جي ڪمزورين جو ڇيد ڪرڻ کان سواءِ ڪو نتيجو نه ڪڍي سگهبو. سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي ڪمزور حڪمتعمليءَ جو اعتراف نه ڪرڻ ۽ رڳو اسٽيبلشمينٽ کي پ پ جي ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ ڏيڻ سياسي طور ٺيڪ نه ٿيندو. ساڳي طرح ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ کي وڌيڪ سيٽون ملڻ جي هڪ واقعي کي عوامي احتساب جو مجموعي اظهار قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ دوران خراب ڪارڪردگيءَ سبب عوام حڪومت کان ڪاوڙيل هو، ان حساب سان ته هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ميهڙ جهڙا نتيجا اچڻ گهرجن ها. هن ڀيري ٻوڏ ۾ ريسڪيو (بچاءَ) ۽ رليف (واهر) دوران عوام تي جيڪو عذاب گذريو هو، جيڪڏهن قومپرست ڌرين ٻوڏ دوران ماڻهن جي ٿوري گهڻي واهر ڪئي هجي ها ۽ ان کانپوءِ منظم چونڊ مهم هلائي هجي ها ته پيپلز پارٽيءَ اڳيان مقامي سطح تي هڪ بهتر متبادل اڀري پئي سگهيو. اهو سڀ ڪجهه نه ڪرڻ سان حڪومت کي کليل ميدان ملي ويو. دراصل سنڌ ۾ سياسي متبادل نه اڀرڻ جون ذميوار اهي ئي سياسي ڌريون آهن جيڪي پ پ جو متبادل هجڻ جي خواهش ۽ دعويٰ ڪن ٿيون. زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ ڪنهن به قوت جو متبايدل ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته ان قوت کان بهتر نه ته ان جيترو سگهارو ڪردار ادا ڪجي. مڃون ٿا ته پيپلز پارٽيءَ وٽ حڪومت ۾ هجڻ ۽ مٿئين طبقي جي موجودگيءَ سبب وڌيڪ وسيلا هوندا پر ان لاءِ ته ويتر وڌيڪ سنجيدگي ۽ مضبوط حڪمت عمليءَ جي گهرج آهي. ان جي ڀيٽ ۾ قومپرست ڌريون چونڊ عمل کان عملي طور پاسيريون نظر آيون. اهو غيرسنجيده رويو ۽ ڪمزور حڪمت عملي پيپلز پارٽي جي متبادل نه ٺهڻ جو اهم ڪارڻ آهي. سڄي سنڌ ۾ هزارين نه ته سوين ساکائتا عوامي ڪردار ضرور ملي ويندا، جن کي مڪاني چونڊن ۾ ڪائونسلر سطح تي ٿوري به سياسي مدد ۽ پليٽ فارم فراهم ڪجي ها ته اهي ووٽ حاصل ڪري ٿي سگهيا. منهنجي نظر مان قومرپست ڌرين پاران اميدوارن کان ٽڪيٽن يا حمايت جي درخواست وارو ڪو سڏ به ناهي گذريو. جيڪڏهن مقامي سطح تي ساک رکندڙ پارٽي ڪارڪنن، سماجي ورڪرن، ليکڪن، صحافين ۽ عام نوجوانن جي فهرست ٺاهي کين چونڊ مقابلي لاءِ همٿائجي ۽ سندن سياسي حمايت ڪجي ها ته گهڻو اثر پوي ها پر ان قسم جي سادي حڪمت عملي به نظر نه آئي. منظم پارٽيون ته تڪ جي سطح تي رٿابندي ڪري سياسي مقابلو ڪنديون آهن پر هتي اهڙي ڪا عملي خواهش ۽ ڪوشش نظر نه آئي. متبادل بڻجڻ رڳو خواهش نه عمل جي به تقاضا ڪري ٿو.