سياسي بحران پڄاڻي تي پهچندو يا وڌندو ؟

0
163
سياسي بحران پڄاڻي تي پهچندو يا وڌندو ؟

 پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي ناڪام قرار ڏجي يا ڪامياب لانگ مارچ سڏجي وارو سوال پنهنجي جاءِ تي اهم آھي پر ان کان به اهم سوال هي آھي ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ سبب ملڪ اندر جيڪا سياسي عدم استحڪام جي صورتحال پيدا ٿي هئي ڇا پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي  پڄاڻي سان اها صورتحال ختم ٿي سگهي آهي؟   اهو سوال ان ڪري اهم، غور طلب ۽ بحث ڪرڻ جهڙو آھي جو ملڪ اندر پيدا ٿيل سياسي بحران سبب نه رڳو ملڪي معيشت جي  سڪرات سخت ٿيندي پئي وڃي پر ملڪي معيشت جي سڪرات ملڪ اندر عوام تي اهڙي سڪتي جي ڪيفيت طاري ڪئي آھي جنهن ڪيفيت جو اظهار يا منظرڪشي ڪرڻ به عوام جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آھي. مهانگائي جو ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ راڄ آھي غريب طبقي جي آمدني ٻيون ضرورتون ته پري جي ڳالهھ آھي پر ان آمدني مان ٽن ويلن جي ماني جو بندو بست ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آھي پر عوام جون اهي تڪليفون ميڊيا جي خبرن جو مرڪز ته پري جي ڳالهھ پر ڪنهن به خبرنامي ۾ هيڊ لائين ان ڪري نٿيون بڻجي سگهن جو ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ ئي خبرن، ٽاڪ شوز جو مرڪز بڻيل آھن. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي پڄاڻي سان ڇا ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام ۾ گهٽتائي آئي آھي واري مٿي ڏنل سوال جو ظاهر آھي جواب انڪار ۾ ان ڪري آھي جو لانگ مارچ جي ريسلنگ ختم ڪري هاڻي وري اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ واري سياسي ڊگڊگي شروع ٿي وئي آھي. 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ ته عمران خان اهو اعلان ڪيو هو ته “اسان هن نظام جو حصو نه رهڻ جو فيصلو ڪيو آھي مان صوبن جي وڏن وزيرن ۽ پارلياماني ليڊرن سان مشاورت ڪرڻ بعد اسيمبلين مان ٻاهر اچڻ جو اعلان ڪندس” جيتوڻيڪ عمران خان 26 نومبر تي اسيمبلين مان ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هڪ ڏينهن بعد ان اعلان ۾ تبديلي ڪندي اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ بجاءِ پنجاب ۽ ڪي پي صوبن جو اسيمبليون ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.  جيتوڻيڪ آئين ۾ ڪنهن به صوبي جي وڏي وزير کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سفارش ڪرڻ جو اختيار ڏنل آھي پر آئين ۾ ڪهڙي حالت ۾ صوبي جي وڏي وزير کي اهڙو اختيار استعمال ڪرڻ گهرجي بابت ڪي به شرط مقرر ٿيل نه  آھن، آئين ۾ اسيمبلي تحليل ڪرڻ جو صوابديدي اختيار صوبي جي وڏي وزير کي ڏنو ويو آھي. مهذب معاشرن ۾ صوابديدي اختيارن کي ڇو سٺو نه تصور ڪيو ويندو آھي واري سوال کي سمجهڻ لاءِ ملڪ اندر پيدا ٿيل نئين ڌماچوڪڙي ڪافي آھي.

پنجاب اسيمبلي ۾ ڪل ميمبرن جو تعداد 371 آھي انهن ميمبرن ۾ 180 پي ٽي آءِ ۽ 10 ميمبر مسلم ليگ ق جا آھن، مطلب ته 371 ميمبرن مان پنجاب صوبي جي  حڪومتي اتحاد جي ميمبرن جو ڪل تعداد 190 آھي جنهن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جو تعداد 182 آهي. سوال هي آھي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ فيصلو ڪيو آھي ته هن نظام جو حصو نه رهندا ته کين اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي پر اهو ڪٿان جو انصاف آھي ته پي ٽي آءِ فيصلو ڪيو آھي ته اسيمبلي جو حصو نه رهبو ته جيڪي مخالف ڌر جا ميمبر پي ٽي آءِ يا حڪومتي اتحاد جو حصو به نه آھن انهن کي به وڏي وزير کي مليل آئيني اختيارن جو استعمال ڪري اسيمبلين مان مرضي جي خلاف کڻي ٻاهر ڦٽو ڪجي. سوال هي به آھي ته عمران خان صاحب جي اها ڪهڙي قسم جي مشاورت آھي جو اسيمبلين مان هو ٻاهر نڪرڻ جو اعلان پهريان ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان حوالي سان ميمبرن سان مشاورت بعد ۾ ڪري ٿو ۽ اعلان بعد جڏهن کيس محسوس ٿئي ٿو ته ڪيترائي ميمبر استعيفائون ڏيڻ لاءِ راضي ناهن ته پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي مڪمل طور تي استعيفائون نه ڏيڻ سبب پي ٽي آءِ ۾ سامهون ايندڙ اختلافن جي صورتحال کان بچڻ لاءِ اسيمبلي ئي ختم ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ان سان نه سمورن ميمبرن کي استعيفائن لاءِ راضي ڪرڻ جي ضرورت پوندي نه حڪومت پي ٽي آءِ بعد ڪنهن ٻئي وٽ وڃي سگهندي.  پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته “ملڪ اندر قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي ڪل 859  جنرل سيٽن تي سڌي ريت چونڊون ٿينديون آھن تحريڪ انصاف جي استعيفائن جي نتيجي  ۾ 563 سيٽن تي چونڊون ٿينديون ” هڪ ته فواد چوڌري صاحب جو بيان درست نه آھي ڇو ته انهن خالي ٿيندڙ سيٽن ۾ ان پنجاب ۽   ڪي پي  صوبي جي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي سمورين جنرل سيٽن کي به شامل ڪري ڇڏيو آھي. فواد چوڌري پنجاب صوبي جون 297  جنرل سيٽون خالي ٿيڻ جي ڳالھه ڪئي آھي اهي پنجاب صوبي جي اسيمبلي جون ڪل جنرل سيٽون آھن

انهن سمورين سيٽن تي چونڊ رڳو پي ٽي آءِ جي استعيفائن سبب نه ٿي ٿي سگهي. انهن سمورين سيٽن تي چونڊن اپوزيشن ميمبرن کي به گهر موڪلڻ بعد ٿي سگهي ٿي ايئن ڪي پي صوبي جي اسيمبلي جون ڪل 115 جنرل سيٽون پي ٽي آءِ جي استعيفائن سبب خالي ٿيندڙ ڄاڻائي به غلط بياني ڪئي آھي. خير هن وقت پي ٽي آءِ سياسي جنگ ۾ لٿل آھي پيار ۽ جنگ ۾ سڀ جائز آھي واري سوچ تي هلندي محسوس ٿي رهي آھي جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته “هم تو ڊوبي هين صنم تم ڪو ڀي لي ڊوبينگي” وانگر اسان ته اسيمبلين مان ويندا سين توهان کي به ڪڍنداسين جي سوچ اختيار نه ڪئي وڃي ها. سوال هي به آھي ته پي ٽي آءِ ٻنهي اسيمبلين مان استعيفائن بجاءِ اسيمبليون ئي ڇو ٿي ٽوڙڻ چاهي، ان جو سادو ۽ سمجھه ۾ ايندڙ جواب اهو آھي ته  استعيفائن جي ڪيل اعلان تي عمل تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن سمورا پي ٽي آءِ ميمبر راضي هجن جنهن جو امڪان گهٽ آھي. ٻيو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن استعيفائون ڏنيون ويون ۽  انهن سيٽن تي چونڊ ٿي وئي ته خالي سيٽن مان ن ليگ يا حڪومتي اتحاد 10 کان پندرنهن سيٽون به پنجاب ۾ حاصل ڪيون ته پنجاب جي حڪومت هٿن مان نڪري ويندي. اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته استعيفائن جي صورت ۾ وڏي تعداد واري ضمني چونڊ ۾ پي ٽي آءِ کي حصو وٺڻو پوندو، ان ۾  ناڪامي پي ٽي آءِ لاءِ ايندڙ عام چونڊن بابت خراب صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي. ان ڪري پي ٽي ٽي آءِ انهن صوبن ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڌمڪي ڏئي سياسي دٻاءَ پيدا ڪرڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن ان دٻاءَ ڪم نه ڪيو ته پي ٽي آءِ هن وقت پنهنجي بظاهر مقبوليت مان فوري ۽ بنادير جي سياسي فائدو ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۽ ڪي پي  ۾ صوبائي سيٽن تي چونڊون ڪرائي حاصل ڪرڻ گهري  ٿي. ڏسجي ته پي ٽي آءِ جو اهو عمل به سياسي جوا وانگر آھي جيڪڏهن انهن صوبن جي صوبائي تڪن تي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي وئي ته ان بعد باقي صوبن ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي بعد ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾  به پنجاب ۽ ڪي پي حڪومت هجڻ سبب ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. اهو سوچيو نٿو وڃي ته ان عمل جو ملڪ جي سياسي ماحول تي ڪهڙو اثر پوندو ۽ نئين حڪومت ۾ به سياسي تڪرار ختم ٿيڻ بجاءِ ڳنڀير ٿي ويندا، پر اهڙي سياسي بالغ نظري جي ڪنهن کان اميد ڪجي، ان پي ٽي آءِ کان جيڪا ان خوف ۾ مبتلا آھي ته جيڪڏهن چونڊون وقت تي ٿيون ته اٺن مهين بعد موجوده سياسي مقبوليت نه گهٽجي وڃي يا ان حڪومتي اتحاد کان اهڙي اميد ڪجي جيڪو به ان خوف ۾ مبتلا آھي ته جيڪڏهن فوري چونڊون ٿيون ته انهي اتحاد کي شڪست ٿي سگهي ٿي پنهنجي مفادن کي ذهن ۾ رکندڙن کان عوام ۽ ملڪي مفادن جي ڪهڙي ۽ ڪيئن اميد ڪجي؟

گذريل اڱاري ڏينهن تي جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي سترهين آرمي چيف طور چارج سنڀالي ورتي آھي جنهن سان جنرل قمر جاويد باجوه جي آرمي چيف طور 6 سالن جو دور پڄاڻي تي پهچي ويو آھي جتي فوج جي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري پاليسي بابت اڳوڻي آرمي چيف جي دور ۾ باضابطه طور تي ڪيل اعلان يا پاليسي تي عملدرآمد جاري رهندو يا نه وارن سوالن تي بحث ٿي رهيو آھي. ڪمانڊ جي ڇڙي نئين آرمي چيف حوالي ڪرڻ جي ٿوري دير بعد   قمر جاويد باجوا کي تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر تنقيد جو نشانو بنائڻ لاءِ باضابطه طور بيان جاري ڪيو  جنهن ۾ هن چيو آھي ته “ جنرل عاصم منير جي اولين ترجيح قوم ۽ فوجي قيادت جي وچ ۾ احترام ۽ محبت جو رشتو بحال ڪرڻ آھي، نه اهو رشتو هڪ طرفو ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي طاقت ۽ جبر سان حاصل ٿي سگهي ٿو. 8 مهينن جي فيصلن ان رشتي کي بري طرح ڌڪ لڳايو آھي ملڪ جو دفاع ڪندڙ فوجي تي قوم اڄ به ناز ڪري ٿي” اسد عمر جي ان بيان تي تمام تفصيلي  تبصرو ٿيڻ گهرجي  جنهن  سان هي  ڪالم ڊگهو ٿي ويندو ان ڪري اسد عمر جي بيان تي صرف اهو سوال ڪرڻ چاهيان ٿو ته گذريل اٺن مهينن جي فيصلن پاڪ فوج ۽ عوام وچ ۾ رشتي کي ڇا ان ڪري نقصان پهچايو جو پي ٽي آءِ حڪومت کي مدد ڏيڻ بند ڪئي وئي؟  ڇا اٺن مهينن کان اڳ وارو ڪردار ان ڪري پي ٽي آءِ کي قبول آھي جو انهي وقت ۾ کين مدد ملي رهي هئي؟ عمران خان تازو ئي چئي چڪو آھي ته منهنجي حڪومت دوران نيب اسان جي ڪنٽرول ۾ نه اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ۾ هئي جيڪڏهن عمران خان اهو سچ ڳالهائي رهيو آھي ته پوءِ پي ٽي آءِ کي ان تي اعتراض ڇو نه آھي ڇا ان تي اعتراض ان ڪري نه پيو ڪيو وڃي ته ان ڪردار سان پي ٽي آءِ کي سياسي مخالفن کي سوڙهو ڪرڻ ۾ مدد ملندي رهي. سوال هي به آھي ته ن ليگ جي ڌرڻي وقت عمران خان بار بار جنهن امپائر جي آڱر مٿي ٿيڻ جا فخر سان قصا بيان ڪندي نه ٿڪبو هو اهو انداز پي ٽي آءِ کي ان ڪري پسند هو جو امپائر هڪ سائيڊ تي کين محسوس ٿي رهيو هو، ڇا هاڻي اهو امپائر پي ٽي آءِ کي ان ڪري پسند ناهي جو اهو نيوٽرل ٿي ويو آھي يا کين پاڻ سان گڏ بيٺل نظر نٿو اچي. سوال هي به آھي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ جيڪو سياسي مخالفن سان ٿيو ڇا اهو سڀ جائز هو. پي ٽي آءِ جي سياسي مخالفن کي سينيٽ ۾ 104 ميمبرن جي ايوان ۾ واضح اڪثريت وارو تعداد ظاهر ڪندڙ 68 ميمبر هجڻ باوجود 36 ميمبرن جي مدد سان پي ٽي آءِ شڪست ڏني ڇا اهو شفاف ترين ۽ جائز عمل هو. پي ٽي آءِ دور ۾ به قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير کي بيان ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو اها گرفتاري پي ٽي آءِ کي ايتري خراب ڇو نه لڳي هئي، جيتري شهباز گل ۽ اعظم سواتي جي گرفتاري کين بري لڳي رهي آھي، ڇا علي وزير جي گرفتاري تي کين اعتراض ان ڪري نه هو جو ان جو تعلق پي ٽي آءِ سان نه هو ؟  عمران خان هاڻي  اڪثر تقريرن ۾ چئي رهيو آھي ته مونکي معلوم هو ته هي مون مٿان گند اڇلائيندا، سوال هي آھي ته عمران خان کي پاڻ ۽ ساٿين مٿان لڳندڙ الزام برا لڳي رهيا آھن جڏهن عمران خان جي ڪابينه ۾ شامل وزير  ڏينهن ۾ چار ڀيرا ڪاغذ لهرائي سياسي مخالفن کي چور، ڌاڙيل، مني لانڊر ۽ ٻين الزامن سان نوازيندا هئا تڏهن اهو احساس ڇو نه پئي ڪيو ويو جيڪڏهن لڳايا ويندڙ الزام درست هئاته ڇو پي ٽي آءِ چار سالن ۾ هڪ الزام به ثابت نه ڪري سگهي.