سنڌ جو مڪاني حڪومت جو نظام ۽ اتفاق راءِ جي ضرورت

0
186
سنڌ جو مڪاني حڪومت جو نظام ۽ اتفاق راءِ جي ضرورت

 سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کي ٻن مهينن اندر ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو چئي چڪي آهي پر سنڌ حڪومت جي هميشه وانگر هن ڀيري به مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي نيت نه پئي لڳي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري ايم ڪيو ايم پاڪستان به ڪراچي اندر مڪاني چونڊن جي مخالفت پئي ڪري. سندن چوڻ آهي ته جيستائين سنڌ اندر هڪ بااختيار مڪاني حڪومتن واري نظام جي لاءِ قانونسازي نه ٿي ٿئي تيستائين چونڊون نه ڪرايون وڃن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ جو پڻ سوچي رهي آهي. ٻئي طرف جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي تي خوش آهن ۽ ڪراچي اندر جلدي چونڊون چاهين ٿيون.

                  اوهان کي ياد هوندو ايم ڪيو ايم عمران حڪومت مان نڪرڻ لاءِ جيڪي شرطون رکيا هئا انهن ۾ مک شرط اهو هو ته پيپلزپارٽي مڪاني نظام کي ايم ڪيو ايم جي صلاح مشوري سان بااختيار بڻائيندي. انهي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جي نمائندن وچ ۾ ڪجهه ملاقاتون ٿي به چڪيون آهن جيڪي ميڊيا تي پڻ رپورٽ ٿيون آهن پر ٻئي ڌريون هن وقت تائين سنڌ جي مڪاني حڪومت جي نظام جي جوڙجڪ متعلق ڪجهه نه پيون ٻڌائين. البته ايم ڪيو ايم جي ڪراچي اندر مڪاني چونڊن جي بائيڪاٽ بابت سوچڻ مان ايئن لڳي پيو ته هو ڪراچي اندر مڪاني حڪومتن جي جوڙجڪ ۾ ڪا وڏي تبديلي گھري رهيا آهن جنهن سان موجوده نظام مطابق چونڊون ڪرائڻ سان انهي وڏي تبديلي لاءِ مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا. يعني پوءِ سنڌ حڪومت چئي سگھي ٿي ته جيئن ته مڪاني چونڊون اڳ ئي ٿي چڪيون آهن سو ساڳئي جوڙجڪ ۾ رهندي مڪاني حڪومتن کي اختيار ڏنا وڃن.

آءُ اصولي طور تي صرف ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سنڌ جي مڪاني حڪومتن واري نظام لاءِ ڳالهين کي درست عمل نه ٿو سمجهان. ڇو ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ جون اڪيليون نمائنده جماعتون نه آهن. اصولن سنڌ جي مڪاني نظام بابت ڳالهين ۾ سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين کي شامل هئڻ گهرجي. پيپلزپارٽي 2012ع ۾ به صرف ايم ڪيو ايم سان ڳالهين ڪرڻ جي غلطي ڪري چڪي آهي جنهن جا نتيجا پيپلزپارٽي لاءِ ڪي چڱا ڪو نه نڪتا هئا.

پيپلزپارٽي جي پنهنجي مفاد ۾ به اهو آهي ته هو متحده سان دوبدو ڳالهيون نه ڪري.  ڇو ته دوبدو ڳالهين ۾ 2012ع وانگر ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي تي سڌو دٻاءُ وجهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي پر جيڪڏهن جي ڊي اي، فنڪشنل ۽ سنڌ جون ٻيون پارٽيون به ڳالهين ۾ موجود رهنديون ته پيپلزپارٽي ڳالهين جي ميز تي بهتر پوزيشن ۾ اچي ويندي ۽ پنهجيون ڳالهيون مڃرائي سگھندي. ايم ڪيو ايم کي پوءِ انهن کي به مطمئن ڪرڻو پوندو. ان کان علاوه جڏهن سڀ ڌريون ڳالهين جو حصو بڻبيون ته معاهدي جي صورت ۾ انهن کي بعد ۾ معاهدي خلاف سياست ڪرڻ جو به موقعو نـ ملندو.

 پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي شايد وسري ويو آهي ته ڪيئن 2012ع ۾ سندن دروازن تي ڪارا توا ٽنگيا ويا هئا ۽ سندن مٿان گندا بيدا ۽ ٽماٽر اڇلايا ويا هئا. پيپلزپارٽي کي تاريخ مان سبق سکڻ گھرجي ۽ اهڙي غلطي ٻيهر ورجائڻ کان پهريان هزار ڀيرا سوچڻ گهرجي.  منهنجي حساب سان يا ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي ياداشت ڪمزور آهي يا وري هو بس ايم ڪيو ايم کي اجاين ڳالهين ۾ اينگهائي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. ٻنهي صورتن ۾ اهڙو عمل نندڻ جوڳو آهي ۽ انهي جا سنڌ جي سياست ۽ مستقبل تي ڪي چڱا اثر نه پوندا

سنڌ جي مڪاني حڪومتن بابت ڪافي عرصي کان منهنجو موقف رهيو آهي ته سنڌ جي لساني ۽ سياسي جوڙجڪ کي ڏسندي سنڌ کي هڪ اهڙي متفقه مڪاني حڪومتن جي نظام جي ضرورت آهي جنهن کي سنڌ اندر وسندڙ تمام آبادين ۽ سڀني سياسي پارٽين جي حمايت حاصل هجي. سنڌ جي مڪاني حڪومتن واري نظام جا هن وقت تائين جيترا به تجربا ڪيا ويا آهن اهي سڀ تڪراري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته هر تجربي پٺيان ڪانه ڪا سياسي مصلحت يا چال هوندي آهي

جنهن سان ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڌر يا آبادي جي مفاد کي اڳتي ڪندي ٻي آبادي يا سياسي ڌر جي مفادن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. 2005ع کان پوءِ سنڌ تي جيڪو مڪاني حڪومتن جو نظام مسلط رهيو اهو ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ هو. جڏهن ته 2013ع کانپوءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت جيڪو مڪاني حڪومتن وارو نظام جوڙيو ان ۾ متحده جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ مڪاني حڪومتن کي بلڪل ڪمزور رکيو ويو. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جي موجوده ڳالهين بابت منهنجي راءِ آهي ته پيپلز پارٽي متحده سان دوبدو ڳالهيون ڪري هڪ ٻي غلطي ڪري رهي آهي جنهن جو نتيجو ڪنهن به ڌر لاءِ بهتر نه نڪرندو.

پيپلزپارٽي جي قيادت کي گھرجي ته سنڌ جي مڪاني حڪومتن جي نظام سان مذاق بند ڪري ۽ ان کي پنهجي صوبائي حڪومت لاءِ خطرو سمجھڻ ڇڏي ڏي. منهنجو مطلب آهي پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي سڀ کان پهريان مڪاني حڪومتن کي ماٽيجي ماءُ واري اک سان ڏسڻ ڇڏي ڏيڻ گھرجي. پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ ۾ بهتر حڪراني هڪ وڏو چئلينج رهي آهي ۽ پارٽي کي سمجھڻ گھرجي ته هاڻي سنڌ ئي وڃي بچي آهي جتي پيپلزپارٽي جو ووٽ بئنڪ قائم آهي. هاڻي جي پيپلزپارٽي سنڌ کي به بهتر حڪمراني نه ٿي ڏئي سگهي ته سندن سياسي مستقبل خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. سنڌ ۾ بهتر حڪمراني ۽ عوام جي بهتري لاءِ متفقه بااختيار مڪاني حڪومتن جو نظام سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي. جي هن نظام جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته سنڌ جو مڪاني حڪومت جو نظام سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سنڌ جي عوام تائين جمهوريت جا ثمرات پهچائڻ لاءِ هڪ اهم وسيلو ٿي سگهي ٿو.

سنڌ ۾ متفقه مڪاني حڪومتن جي نظام آڻڻ لاءِ سنڌ جي مڪاني حڪومتن جي نظام ۽ جوڙجڪ تي سنڌ جي تمام آبادين ۽ سياسي پارٽين ۾ اتفاقِ راءِ جو ڙڻ لازمي آهي. اتفاقِ راءِ جوڙڻ لاءِ ارڙهين ترميم واري طريقيڪار تي هلندي مڪاني حڪومتن جي نظام بابت ڳالهين لاءِ سنڌ اسيمبلي اندر مو جود سڀني پارٽين تي مشتمل هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي ۽ ڪاميٽي جي اڳواڻي رضارباني وانگر ڪنهن اهڙي شخصيت کي ڏني وڃي جنهن ۾ سڀني ڌرين کي گڏ وٺي هلڻ جي سمجهه ۽ قابليت هجي. اهڙي ڪاميٽي اسيمبلي کان ٻاهر ويٺل قوم پرست پارٽين، قانوندانن، ليکڪن، اديبن، صحافتي تنظيمن، محققن، ۽ سول سوسائٽي جي ٻين ميمبرن کان به صلاحون گھرائي سگهي ٿي. ڪاميٽي اتفاقِ راءِ جي بنياد تي قانونسازي جو مسودو تيار ڪري ۽ اسيمبلي ۾ پيش ڪري ته جيئن اتفاقِ راءِ سان مڪاني حڪومتن جي قانونسازي  ممڪن ٿي سگهي. فقط اهڙي اتفاقِ راءِ سان ٿيل قانونسازي ئي سنڌ کي مڪاني حڪومتن جو بهتر نظام ڏيئي سگھي ٿي. باقي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي  جيڪو به مڪاني حڪومتن جو نظام دوبدو ڳالهين سان آڻينديون اهو تڪراري بڻبو ۽ مسئلو حل ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿيندو.

(ليکڪ اسسٽنٽ پروفيسر قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اسٽنٽ پروفيسر آهي)