ڇا دهشتگرد وري منظم ٿي رهيا آهن ؟

0
183
سرحدن تي ڇڪتاڻ ۽ حملا مڪمل بند ڪرايا وڃن

ملڪ ڪيتري وقت کان دهشتگردي جو نقصان ڀوڳيو، هزارين ماڻهو انهي دهشتگردي جو شڪار ٿي ويا ۽ اربين ڊالرن جو ملڪ جي معيشت کي نقصان پهتو،ملڪ اهڙي معاشي بحران ۾ ڦاسي پيو جو  هن وقت  معاشي استحڪام لاءِ  ڪوششون ڪيون پيون وڃن  ته ڪٿان ڪو آسرو ملي ته ملڪ جي معيشت بهتر ٿئي.انهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو پر بدقستمي آهي جو 2018ع کانپوءِ ملڪ ۾ اهڙي حڪومت قائم ٿي جنهن ڪڏهن به انهي نيشنل ايڪشن پلان تي ڌيان ئي نه ڏنو پر اهي ڪوششون ڪيون ته ڪيئن به ڪري دهشتگرد تنظيمن سان ڳالهيون ڪجن انهن جا مطالبا مڃي انهن خلاف ڪارروائي کان پاسو ڪجي.جنهن ڪري اڳوڻي وزيراعظم تي اهي الزام به لڳا ته اهو دهشتگرد تنظيمن لاءِ نرم گوشو رکي ٿو.ڪڏهن انهن سان ڳالهين جا دروازا کوليا ويا ته ڪڏهن انهن کي پشاور ۾ آفيسون قائم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي سوچيو ويو،جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته جيڪو نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو هو ان تي انهي عرصي دوران پري پري تائين  عمل ٿيندي نظر نه آيو ۽ دهشتگردن کي وري منظم ٿيڻ جو موقعو مليو جنهن جا آثار اڳوڻي حڪومت جي هوندي نظر اچڻ لڳا هئا.

اها ڳالهه ڪا هاڻي لڪل نه رهي آهي ته سوات کان وٺي ڪي پي جي قبائلي علائقن ۾ دهشتگرد ڪيئن منطم ٿي رهيا هئا جو اتان جي عوام هزارن جي تعداد ۾گڏ ٿي مظاهرا ڪيا ته کين دهشتگردن کان محفوظ بڻايو وڃي،ايستائين جو ڪي پي جا وزير ڪبير ۽ وزيراعليٰ به انهن دهشتگردن جي ڌمڪين کان محفوظ نه رهيا بلڪه اهي به الزام لڳا ته اهي دهشتگردن کي ڀتو ڏئي رهيا آهن.تازو  ٽي ٽي پي  اها ڌمڪي ڏني ته اهي سيز فائر ختم ڪري ملڪ ۾ نئين سر دهشتگرد حملا شروع ڪندا، ان ڌمڪي کي اڃا ڪجهه ڏينهن مس گذريا آهن ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي ٿي آهي ۽ شروعاتي طور انهي ڪارروائي کي ٽي ٽي پي جي ڪارروائي سمجهيو پيو وڃي. ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽرڪ تي  آپگهاتي حملو ٿيو جنهن ۾چار ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن شهد ٿي ويلن ۾ماءُ ۽ پٽ سميت هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي،  ڌماڪي سبب 25 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي به ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ڪوئيٽا  موجب بندش پيل تنظيم ٽي ٽي پي جي دهشتگردن بلوچستان جي علائقي بُليلي ۾ پوليس گاڏيءَ تي آپگهاتي حملو ڪيو، پوليس جي گاڏي پوليو ٽيم سان گڏ سيڪيورٽي لاءِ موجود هئي،  ٽرڪ کي پويان رڪشا ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ ڌماڪو ٿيو. ڊي آءِ جي ڪوئيٽا موجب بمبار رڪشا ۾ سوار هو، ڌماڪو آپگهاتي هو، آپگهاتي بم حملي ۾ 25 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف آپگهاتي بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي جاچ ڪرڻ جو حُڪم ڏنو آهي، شهباز شريف چيو ته شرپسند ماڻهو ملڪ مان پوليو جي خاتمي واري مهم کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿيندا.اهو حملو ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن پاڪستاني وفد جون  افغان حڪومت سان ڪابل ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. ڪوئيٽا ۾ ٿيل حملو ۽ ٽي ٽي پي جي ڌمڪي اهو ظاهر ڪري رهيا آهن ته جنهن دهشتگردي جي نيٽ ورڪ جو ڪجهه سال اڳ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪري خاتمو ڪيو ويو هو اهي دهشتگرد ٻيهر منظم ٿي رهيا آهن.هي حملو ڪري پاڪ افغان  ڳالهين واري عمل کي نقصان پهچائڻ،پوليو مهم کي ناڪام بنائڻ ۽ ملڪ ۾ دهشتگردي جو خوف ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

  اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن دهشتگرد وڌيڪ اهڙن حملن ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته    سيڪيورٽي ادارن، عوام ۽ ملڪي معيشت جون ڏنل قربانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون. تنهن ڪري ضروري آهي ته حڪومت سيڪيورٽي ادارن سان گڏجي نيشنل ايڪشن پلان تي فوري طور عمل جي شروعات ڪري جيڪو اڳوڻي حڪومت ۾ سست ٿي ويو هو جيئن دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي ترت ختم ڪجي ۽ انهن کي منظم ٿيڻ جو موقعو نه ملي جيئن ملڪ ،عوام ۽ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.