سوشل ميڊيا ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جي اداڪار گووندا سان وڊيو جا چرچا

0
474

اسلام آباد: سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جي اداڪار گووندا سان وڊيو جا چرچا آهن.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪاره حريم شاهه پاران تازو وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هن کي ڀارتي اداڪار گووندا سان ڏسي سگهجي ٿو، هڪ وڊيو ۾ بالي ووڊ ادڪار سان اڪيلي ۾ جڏهن ته هڪ وڊيو ۾ گووندا کي صندل خٽڪ ۽ حريم سان سيلفي ٺاهيندي ڏسي سگهجي ٿو.ان سلسلي ۾ حريم شاهه جو چوڻ آهي ته ٻئي وڊيو الڳ الڳ جاين تي ٺاهيل آهن.حريم شاهه موجب هڪ وڊيو هڪ سال اڳ دبئي ۾ ٺاهي وئي جتي هن جي ملاقات گووندا ۽ ان جي زال سان هڪ ڊنر جي موقعي تي ٿي.ٽڪ تاڪ اسٽار جو چوڻ هو ته ٻي وڊيو ۾(صندل خٽڪ سان گڏ) ڪجهه مهينا پهرين ڪورونا دوران دبئي ۾ ٺاهي وئي.حريم شاهه موجب گووندا سان ملاقات هڪ خانگي ڪمپني جي افتتاحي تقريب ۾ ٿي، گووندا ان تقريب جو خاص مهمان هو جڏهن ته حريم ڪمپني جي سفير هئي.