ملڪ ۾ ڪورونا جا وار، 201 مريض فوت، 5 هزار 292 نوان ڪيس به ظاهر

0
227

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن، وائرس وگهي 201 ماڻهو فوت ٿي ويا، 5 هزار 292 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ڪورونا سبب 17530 ماڻهو فوت چڪا آهن ۽ مجموعي ڪيسز 8 لک 10231 تائين پهچي ويو، جڏهن ته فعال ڪيسز جو تعداد 88207 آهي، ان کان علاوه 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 4678 مريض صحتياب ٿي ويا، مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 7 لک 4494 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 280356 ٿي ويو جڏهن ته 4624 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، ڪورونا مريضن جو انگ 296144 آهي ۽ 8224 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 21945 آهي ۽ هيل تائين 233 مريض فوت ٿي چڪا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ڪي پي ۾ ڪورونا ۾ مريضن جو انگ 115596 ۽ 3201 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 74131 آهي ۽ هيل تائين 675 مريض موت جو شڪار ٿي چڪا آهن..