نوشھرا ۾ تازو پرڻيل ناري کي مڙس باھ ڏئي ساڙي قتل ڪري ڇڏيو

0
491

پشاور (ڊيسڪ رپورٽ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي نوشهرا ۾ تازو پرڻجي آيل ڪنوار کي مبينا طور مڙس پاران گاسليٽ هاري باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيو ويو. اڪبر پورا واري علائقي ۾ 6 مهينا اڳ پرڻجي آيل منيبا کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد سندس جسم تي گاسليٽ هاري کيس ساڙيو ويو. زخمي ناري کي نازڪ حالت ۾ پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال نيو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. ناري جي چاچي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي الزام هنيو ته ڀائيٽيءَ کي سندس مڙس پنهنجي ڀيڻ سان ملي قتل ڪيو آهي. هن چيو ته ڀائٽيءَ جي تازو ئي شادي ٿي هئي، زال مڙس جي وچ ۾ اڻبڻت هلندڙ هئي، جنهن ڪري منيبا ناراض ٿي مائٽن وٽ آئي هئي. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر ڊاڪٽر اقبال ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعو گهريلو تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدار ۽ سندس ڀيڻ فرار ٿي ويا آهن.