سوال/سروي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ نامنظوري: مهانگي وڌڻ سان ماڻهو خودڪشيون ڪندا، غريبن کي رليف ڏنو وڃي: عوام

0
170
سوال/سروي پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ نامنظوري: مهانگي وڌڻ سان ماڻهو خودڪشيون ڪندا، غريبن کي رليف ڏنو وڃي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيٽرول 24 رپيا ۽ ڊيزل 59 رپيا لٽر مهانگو ڪيو ويو آهي، حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ ٿيل واڌ کي رد ڪندي چيو ته تيل جون قيمتون وڌڻ سان مهانگائي وڌي ويندي، ماڻهو خودڪشيون ڪندا، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهن، حڪومت عوام جي کل لاهي ڇڏي آهي، لڳي ٿو ته روڊن تي نڪرڻو پوندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته حڪومت جي ڪهڙي ڪهڙي منحوس قدم جي مذمت ڪجي ، هر ڏينهن ملڪ ۽ قوم دشمن فيصلا سامهون اچي رهيا آهن، هي حڪمران نڪ جا پڪا آهن، قوم کي بيحسيءَ ختم ڪري روڊن تي نڪرڻو پوندو، رڳو سوشل ميڊيا تي لکڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، سندن رستا روڪ ڪرڻي پوندي. محمد موسيٰ کٽي لکيو ته حڪومت کي گهرجي سبسڊي ختم نه ڪري سبسڊي ختم ٿي ته مهانگائي وڌي ويندي، حڪومت کي گهرجي پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽائي، پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيو ته مهانگائي وڌي ويندي پيٽرول ۽ ڊيزل گهٽائي ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي،

وفاقي حڪومت کي گهرجي پيٽرول ۽ ڊيزل ،گئس ،بجلي  ۽ عام شيون سستون ڪيون وڃن، مهانگائي وڌي ويندي ته ماڻهون مجبور ٿي خودڪشيون ڪندا. اياز چانڊيو لکيو ته حڪومت جو فيصلو عوام دشمن آھي . شهباز سرڪار عوام کان جيئڻ جو حق به کسي رهي آھي هڪ مهيني اندر پيٽروليم شين جا ڳاٽي ٽوڙ اگهه مقرر ڪرڻ عوام سان دشمني آھي پيٽروليم شين جي اگهه وڌائڻ سبب هر شيءِ مهانگي ٿي ويندي ماڻھو مجبور ٿي خودڪشيون ڪندا . ظهور خاصخيلي لکيو ته ھاڻي ته غريبن کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جلد عوام کي روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻ گهرجي، آصف چانڊيو لکيو ته حڪومت جو اھو قدم عوام کان جيئڻ جو حق کسڻ برابر سمجھون ٿا ملڪ اندر ڪرپشن جي خاتمي بجاءِ عوام تي مھانگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي، بشير ميراڻي لکيو ته حڪومت جي ان قدم کي عوام جي خودڪشي سمجهون ٿا، هاڻي هن حڪومت به وڏو گند ڪيو آهي، حڪمران جماعت کي شرم اچڻ گهرجي ۽ فوري طور تي استعيفا ڏئي.

اطهر عباس لغاري لکيو ته پوري ملڪ کي تباهه ته ڪري ڇڏيو  اٿن هاڻي بچيو ڇا آهي، اسماعيل خلجي لکيو ته حڪومت عوام جي کل لاهي ڇڏي آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته حڪومت جو اهو قدم انتهائي ڪريل قدم آهي، اشفاق چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، شوڪت هالو لکيو ته ملڪ جي غريب عوام کي تباھه ڪري ڇڏيو اٿن، شيراز چانگ لکيو ته عوام دشمن قدم آهي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته سڄو ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت ظلم ڪيو آهي، غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، مهانگائي گهٽائي عوام کي جيئڻ ڏيو، فضل سبزوئي لکيو ته پي ڊي ايم حڪومت مسڪين عوام ۽ پورهيت طبقي لاءِ زلزلي کان گهٽ نه آهي پيٽرول ء ڊيزل جو اگهه وڌائڻ غريب ماڻھن کان جيئڻ جو حق کسڻ برابر آهي مھانگائي سبب سنڌ جا بيروزگار نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن نااهل حڪمرانن عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي زندهه ماري ڇڏيو آهي، موهن لال لکيو ته حڪومت هاڻي عوام کي بيوقوف بڻائي ڇڏيو آهي. مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. غريب عوام هاڻي ڦاهيون کائڻ تي مجبور آهي. هن مهانگائي امير طبقي ۽ پيٽرول پمپ مالڪن کي راتو رات ڪروڙ پتي ڪري ڇڏيو آهي. حڪمرانن عوام کي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهي ڇڏيو آهي. مهانگائي سبب پگهاردار طبقي کي صرف ڪجهه رپين جو لولي پاپ ڏنو ويو آهي. مهانگائي ڪري غريبن کي ٻن ويلن جي ماني لاءِ دربدر ڪري ڇڏيو آهي.

ثناءُالله چنا لکيو ته ظالمن ظلم ڪري ڇڏيو آهي مهانگائي جو طوفان آڻي ڇڏيو اٿن غريب مزدور طبقي کان ٻن ويلن جي ماني کسي ڇڏي اٿن عوام جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو اٿن ملڪ کي تباهي جي ڪناري پهچائي ڇڏيو اٿن، ممتاز ڪنڀر لکيو ته پيٽروليم شين تي سبسڊي گئس ۽ بجلي تي سبسڊي ۽ اشرافيا کي مراعتون ڏئي ملڪ  ڏيوالي ٿيڻ جي ڪنڌيءَ تي پھچايو آھي اڃا به بجلي ۽ گئس تي 1500 ارب رپين جي سبسڊي آھي ۽ ترقياتي بجيٽ صرف 800 ارب آھي حڪمران ته پنھنجي جاءِ تي پر عام ماڻھوءَ بھ پنھنجي ملڪ سان سچو ناھي بجلي تي 1100 ارب رپين جي سبسڊي حڪومت انھيءَ ڪري ڏئي ٿي جو عوام جي گهڻائي چوري جي بجلي استعمال ڪري ٿي ۽ حڪومت 400 ارب رپيا گئس تي به سبسڊي ڏي ٿي جو عوام گئس به چوري جي استعمال ڪري ٿو ۽ ڪيترائي اھڙا دڪاندار آھن جيڪي ٽيڪس ادا نٿا ڪن جھڙي عوام تھڙي مھانگائي. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته پوءِ ڪھڙي وڏي ڳالھه آھي جيئن اسان مئل قوم آھيون ڀلي پيٽرول جي قيمت 500 رپيا ڪن اسان روڊن تي نه نڪرنداسين، موهن لال لکيو ته پيٽروليم ليوي ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو لوئر ۽ مڊل ڪلاس جو خاتمو ڪرڻ برابر آهي، ملڪ کي ڪرائسز مان ڪڍڻ لاءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي بجاءِ ڪرپشن کي ٻنجو ڏيو ترقياتي منصوبن تي هٿ هلڪو رکو ادارن جي بجيٽ کي مخصوص ڪريو ۽ اشرافيه کي ٽيڪس جي گهاڻي ۾ آڻيو پاڻهي ملڪ سيٽ ٿي ويندو باقي روز تيل جي اگهن ۾ واڌ سان عام خلق نفسياتي مريض ٿي پوندي. محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته وڏو ظلم پيا ڪن غريب عوام پريشان آهي، احمد علي ڪورائي لکيو ته عوام لاءِ تمام برو فيصلو آهي، شبير حسين ڀوت لکيو ته عوام ھلڻ کان لاچار آھي، وقار حسين لکيو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان وڏو مهانگائي جو طوفان ايندو ۽ ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.