ڪراچي (نمائندن وٽان) تيل اگهن ۾ واڌ عوام کي چيڙائي وڌو، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ٽرانسپورٽرز جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، حيدرآباد ۽ نوابشاهه  ۾ شهرين احتجاج طور رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙيو ڇڏيو، خبر موجب حيدرآباد ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ خلاف شهرين ڪامران علي ۽ ٻين موٽرسائيڪلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو، اي جي پي ۽ ٻين پارٽين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، نوابشاهه ۾ رڪشا يونين پاران رڪشا بيهاري روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي احتجاج طور ٻن رڪشا مالڪن رحمت اللھ پٺاڻ ۽ پرويز راجپوت پنھنجي رڪشائن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، ميرپورخاص ۾ گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيشن پاران ٽرڪون بيهاري عابد مظفر، ظفر بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٺٽي جي سول سوسائٽي پاران حامد مغل، عرفان ماڻڪاڻي، محمد علي خٽڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپور بٺورو ۾ شيراز احمد زئنور، قادر بخش زئنور، شهريار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، چوهڙ جمالي ۾ ڊرائيورن، گل زنگيجو. اصغر ولاسيو، ممتاز اوٺو، محمد علي پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ميهڙ ۾ واپارين ۽ سول سوسائٽي پاران عبدالخالق شيخ، شير محمد آڳرو، وڪيل سعيد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، تلهار ۾ پي ٽي آءِ پاران سليم گاڏاهي، سنيل راٺوڙ، سجاد لغاري ۽ ٻين احتجاج ڪيو، جڏهن ته اڄ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، گولاڙچي ۾ رڪشا ڊرائيورن ابراھيم شيخ، فدا، ھاشم، علي خان، حبيب پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽن ھنڌن تي ڌرڻا هڻي ڪراچي بدين ۽ ٿرڪول ھاءِ وي 4 ڪلاڪ بند ڪري ڇڏيو، راڄوخاناڻي ۾ مهانگائي خلاف شھرين اٽي جون ٿھليون ھٿن ۾ کڻي استاد محمد حسن خاصخيلي، نعمان مھر، راجا ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو، سجاول ۾ آڪاش ٻاگهل، نذير هٿيار، صوفي دادا سنڌ ۽ صوفي سلطان کوسو جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ شهرين ڌرڻو هنيو، سوئي گئس ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جاويد شر، ممتاز شر، يامين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾گاڏيون بيھاري احتجاج ڪيو، ڦل ۾ رڪشا، موٽر سائيڪل، ڪار ڊرائيورن ۽ پورھيتن ڪارو ملاح، روشن ملاح، عثمان ڦل، قدير عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، وارهه ۾ جي يو آءِ، پ پ ش ڀ، جيئي سنڌ محاذ، پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي مولوي صديق مڱڻيجو، نياز حيدري، محسن ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، سٺ ميل ۾  پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن مصطفيٰ رند، مراد مري، مصري مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، وارث ڏنو ماڇي ۾مامو شير، شبير ٻٻر، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪيو، صوفي فقير ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن عزيز الله راڄڙ، غلام رسول راڄڙ، علي نواز سولنگي، ھاشم سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن چيو ته موجوده سرڪار 21 ڏينهن دوران پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه ٽي ڀيرا وڌائي عوام کي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته 500 رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت مهانگائي جي دور ۾ پيٽرول خريد ڪندو يا ٻارن لاءِ ٻه ويلا ماني ڳڀي جو بندوبست ڪندو، هنن چيو ته نااهل حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ جو عوام روڊن تي نڪري احتجاج پيو ڪري ۽ پنهنجين گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي پيو، هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو آھي ته آءِ ايم ايف جون پاليسيون عوام دشمن آھن، تيل جون قيمتون وڌڻ سبب ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندو. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور تيل جا وڌايل اگهه واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو وڃي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مهانگائي خلاف آچر جي ڏينهن رات جو 9 وڳي  سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ عمران خان چيو ته قوم آچر جي رات 9 وڳي سڄي ملڪ ۾ احتجاج لاءِ نڪري، ان تماشي جي خاتمي لاءِ سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پوندو نه ته وڌيڪ مهانگائي ٿيندي. هن چيو ته مان آچر جي رات ڏهين وڳي قوم کي خطاب به ڪندس، تيل جا اگهه اڃا وڌندا، جنهن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، حڪمت عملي ڏيڻ چاهيان ٿو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا اسان کي چپ ويهڻ گهرجي يا آواز اٿارڻ گهرجي؟ هن چيو ته سڀني کي چئي رهيو آهيان ته ڏسندا رهو، تيل جا اگهه اڃا وڌندا، اسان جي خلاف جيڪا به سازش ٿي بي اعتمادي رٿ سان ٿي، ن ليگ، پ پ ۽ فضل الرحمان سڀ هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيا هئا، سڀني هڪ ئي ڳالهه ڪئي مهانگائي، ميڊيا به انهن جي پٺ ڀرائي ڪئي، اسان جا ماڻهو لوٽا بڻجي ويا ۽ اتحادي به ڇڏي ويا. عمران خان جو چوڻ هو ته سڀني چيو مهانگائي ٿي وئي آهي، اسان تڪن ۾ نٿا وڃي سگهون، اڄ قوم سامهون حقيقتون رکڻ چاهيان ٿو، سچ نه لڪندو، سچ سامهون ايندو.