سوال/سروي … عمران خان کي اليڪشن، اقتدار يا ڪجهه ٻيو گهرجي؟ لانگ مارچ ۽ مطالبي کي عوام ڇا ٿو سمجهي؟

0
429

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان جو لانگ مارچ: فوري طور عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته فوري چونڊون ٿيڻ گهرجن، ڪجهه ماڻهن چيو ته عمران خان کي وقت تي چونڊون ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي، اقتدار کي عوام جي پرواهه ناهي رڳو اقتدار لاءِ مارچ ڪري پيو، اهو به چيو ويو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو آهي ته چونڊون ضروري آهن، فيصلو عوام ڪري جنهن کي به چونڊي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عظمت الله ٻرڙو لکيو ته عمران خان اقتدارمان لهڻ کانپوءِ هوش وڃائي ويٺو آهي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڪرڻ جي ڪوشش پيو، نقاش خاصخيلي لکيو ته اليڪشن ٿيڻ گهرجي پر صاف ۽ شفاف، مظفر بلوچ لکيو ته عمران خان کي تڪڙ نه پر پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ گهرجي، ملڪ جو عوام هن وقت سخت متاثر آهي، گل حسن شر لکيو ته عوام ته وڏي انگ ۾ نڪتو آھي ھي 9 يا 8 مھينا حڪومت ڪري ڪھڙو وڏو ڪارنامو ڪندا مون کي عمران خان سان ھمدردي ناھي پر ملڪ کي ڪنھن بحران جي ور چاڙھڻ کان بھتر آھي ته چونڊن جو اعلان ڪري سڀ عوام جي عدالت ۾ وڃن، نور احمد ڪاتيار لکيو ته عمران خان جو لانگ مارچ بظاهر هڪ سياسي سرگرمي آهي ۽ هن ملڪ ۾ سياسي سرگرميون هجڻ گهرجن ۽ سياسي مطالبا رکڻ گهرجن، پر سوال هي آهي ته جيڪي اقتداري ڌريون سياسي سرگرميون ڪن ٿيون اهي عام عوام جي لاءِ هجن ٿيون يا رڳو پنهنجي اقتدار حاصل ڪرڻ يا اقتدار کي بچائڻ لاءِ هجن ٿيون؟ مريم نواز شريف هزارين ماڻهن جون ريليون  ڪڍيون ته ووٽ ڪو عزت دو، بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي کان اسلام آباد تائين مهانگائي خلاف لانگ مارچ ڪيو،  بظاهر عمران جا مطالبا ڪهڙا به هجن، پر سندس سڄو زور مريم نواز، بلاول زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وانگر اقتدار حاصل ڪرڻ آهي، تنهن ڪري هن فوري طور تي اليڪشن جو مطالبو رکي سياسي پريشر کي برقرار رکيو آهي، سليم اختر لکيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي سياسي بحران آهي عوام جون اميدون موجوده حڪومت منجهان ڪنهن به قسم جو رليف ملڻ جي حوالي سان دم ٽوڙي چڪيون آهن ، مدهوش مير لکيو ته سياسي وڳوڙ ٿيندا، ملڪي صورتحال جو ڏيوالپڻو نڪري ويندو، اياز علي راهوجو لکيو ته هن حڪومت کي هلڻ ڏنو وڃي، عبدالعليم کوکر لکيو ته ھن سڄي مسئلي مان نڪرڻ جو واحد حل آهي فري ۽ فيئر اليڪشن آهي، قمبير احمد جوکيو لکيو ته هي ڀلي ڇا به ڪري پر چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، عرفان سيلرو لکيو ته لانگ مارچ جو ظاهري مطالبو ڀلي اليڪشن هجي پر حقيقت ۾ عمران خان آرمي چيف جي مقرري پنهنجي مرضي سان چاهي ٿو، خاموش خليل شر لکيو ته موجوده ڳنڀير صورتحال ٿيڻ جي ڪري چونڊون ٿيڻ کپن،صاف شفاف اليڪشن وقت جي اهم ضرورت آھي،عمران خان جو لانگ مارچ صرف ڪرسي لاءِ آھي، الياس سمون لکيو ته ملڪي سطح تي ڪو وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي، رميش ڪمار لکيو ته عمران خان کي ملڪ جي پرواهه ناهي چوندون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، شنڪر لال لکيو ته بلڪل درست آهي چونڊون ڪرايون وڃن…نادر ابڙو لکيو ته عمران خان کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڇو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿين بهتر آهي، ساجد حسين بلوچ لکيو ته عمران خان اقتدار کسجڻ تي باهه ٿي ويو آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته عمران خان جو مطالبو درست آهي، محمد موسيٰ جسڪاڻي لکيو ته لانگ مارچ ڪامياب ٿي ويندو، نور بلوشي لکيو ته چونڊون ٿيڻ گهرجن، سعيد احمد لکيو ته پي ڊي ايم حڪومت مان جان ڇٽي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته عمران خان ٻين جي ڪلھن تي بندوق ھلائي پيو زوري ناجائز مطالبا تسليم ڪيئن ٿيندا، زوهيب حسن جروار لکيو ته اليڪشن ڪرائي جمهوري راءِ ورتي وڃي، گلزار خشڪ لکيو ته ڌرڻن ۽ لانگ مارچ جي روپ ۾ خوني ويڙھ ڪري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آھن. خالد حسين ٻگهيو لکيو ته چونڊون ، آئين مطابق پنهنجي طئه ٿيل وقت تي ٿينديون ، عمران جي فرمائشي پروگرام تحت ملڪ ناهي هلندو، وزير احمد وساڻو لکيو ته بلڪل درست آھي چونڊون ٿيڻ کپن،  حاجي خان پنهور لکيو ته چونڊ ضروري ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ چورن جو راڄ قابض آهي، عثمان خان لکيو ته ملڪ اڳ ئي معاشي بحران جو شڪار آهي ان جي ڪري عمران خان کي صبر ڪرڻ گهرجي اليڪشن پنھنجي مقرر ٽائيم تي ٿيڻ گھرجي، سليم رضا رند لکيو ته عمران خان کي گھرجي ته اڌ سنڌ ٻڏي پئي آھي پھرين اچي پاڻيءَ ڪڍرائي.. پوءِ اليڪشن ٿي سگھي ٿي، غلام قادر لکيو ته عمران جو جائز مطالبو آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته بدقسمتي سان ملڪ ۽ قوم کي غير سنجيده سياسي اڳواڻ مقدر ۾ مليا آهن، هدايت الله جمالي لکيو ته جائز مطالبو آھي، اسد رند لکيو ته عمران خان اقتدار جو بکيو آھي..پھرين حڪومت ۾ ڇا ڪيائين جو ھاڻي اليڪشن جو مطالبو پيو ٿو ڪري؟.. عاشق ڀٽي لکيو ته عمران خان جي خواھش صرف اقتدار واري ڪرسي آھي باقي پاڪستان ھلائڻ سان ھن جي ڪابه دلچسپي ڪونھي، ناز ربنواز شر لکيو ته اليڪشن پنهنجي مدي تحت ٿيندي باقي لانگ مارچ جيڪو عمران خان ڪري پيو اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي معطلي لاءِ ڪيو پيو وڃي، بجار خان جعفري لکيو ته عمران خان جو جائز مطالبو آھي هن حڪومت مهانگائي ڪري عوام جو ٻيڙو ٻوڙيو آھي ، موهن لال لکيو ته فوري طور اليڪشن ناممڪن آهي، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته عمران خان جي لانگ مارچ ۾ عوام جي دلچسپيَ نه رهي آهي، صدام سنڌي لکيو ته عمران خان سان گڏ عوام جي طاقت آهي، شوڪت نهڙيو لکيو ته چونڊون ٿيڻ گهرجن، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته عمران خان جو مطالبو جائز آهي ڇو ته هن حڪومت عوام جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، تسليم علي بخش جانوري لکيو ته ھن وقت صورتحال ڪجھه ڏکي آھي وقت کان پھرين اليڪشن مشڪل ٿي لڳي، قاسم سومرو لکيو ته مارچ سان چونڊون ڪونه ٿينديون، اشفاق احمد خاصخيلي لکيو ته عمران جو لانگ مارچ صرف وزيراعظم جي ڪرسي لاءِ آھي، عمران گل سومرو لکيو ته اليڪشن ٿي ئي نٿي سگهي، شهمير جمالي لکيو ته بلڪل ھاڻي چونڊون ٿيڻ گھرجن، پيارا لال لکيو ته ضروري آهي، امتياز جمالي لکيو ته جائز مطالبو آهي، مسعود احمد کهڙو لکيو ته خاموش انقلاب آهي، گلزار جمالي لکيو ته فتنو آهي، محمد ارباب لکيو ته ان اڳ ڌرڻو هنيو هو ، جاويد جعفري لکيو ته چونڊون ضروري آھن، ممتاز سميجو لکيو ته عمران خان اقتدار کسجڻ کانپوءِ ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، سعيد احمد ڏاهري به راءِ جو اظهار ڪيو، شيراز احمد لکيو ته غلط آھي چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿيڻ کپن، اسدالله شاهه لکيو ته سنڌ کي ڪو به فائدو ناهي، سمير احمد لکيو ته ملڪ ۾ فوري عام چونڊون ڪرايون وڃن، جنيد زرين لکيو ته اليڪشن جو مطالبو ڪرڻ جمھوري حق آهي..وڌيڪ حڪومت جي مرضي جيڪو بھتر ڄاڻي ٿي، عرفان علي ملاح لکيو ته چونڊون في الحال ٿيندي نظر نه ٿي اچي، خير محمد مگسي لکيو ته صحيح مطالبو ڪيو اٿس، عرفان علي جان لکيو ته عمران رڳو ڳالهيون ڪندو آهي، ممتاز علي مهر لکيو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻون آھي ته جلد نيون چونڊون ڪرايون وڃن، سردار احمد گرگيج لکيو ته ملڪ کي هلڻ ڏنو وڃي، انور علي پلي به راءِ جو اظهار ڪيو، منيش واسو لکيو ته عوام کي بيوقوف پيا ڪن، عزيزالله شر لکيو ته جائز مطالبو آهي، امير حسن گشڪوري لکيو ته ملڪ ۾ وڏو بحران پيدا ٿيل آهي جنهن ڪري فوري طور چونڊون ڪرائي عوام جا مسئلاءِ حل ڪيا وڃن، مظهر خاصخيلي لکيو ته بھتر عمل اھو آهي ۽ سمورن پارٽين کي چونڊون ڪرائڻ واري عمل جي حمايت ڪرڻ گھرجي اليڪشن ۾ جيڪا پارٽي کٽي اقتدار ان جي حوالي ٿيڻ گھرجي سموريون پارٽيون اصل طاقت عوام کي سمجھن ٿيون ته پوءِ اليڪشن ڪرائڻ کان ڊڄن ڇو ٿيون؟ مير نور علي لکيو ته هن وقت ملڪ وڏن مسئلن ۾ ڦاٿل آهي ان جو حل صرف اليڪشن آھي اتحادي حڪومت کي به ضد ڇڏي اليڪشن ڪرائڻ گهرجي، راڻا خان لکيو ته واحد حل اهو ئي آهي، علي اڪبر، مڪيش ڪمار مهيشوري، مشرف عرساڻي، غلام حسين جتوئي، محمد طيب ملاح، نبي بخش ٿهيم، محمد سليمان جمالي، احسان جتوئي، فرحان پٺاڻ به سروي ۾ حصو ورتو. نوڪرِ حسين ميمڻ لکيو ته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو آهي ته چونڊون ضروري آهن، فيصلو عوام ڪري جنهن کي به چونڊي، اياز صالح پليجو لکيو ته عمران خان جو لانگ مارچ نه پر پلان مارچ آھي ڪي ڌريون اليڪشن کان اڳ عمران کي ھيرو ڪري پيش ڪرڻ ۾ مصروف آھن اصل مقصد عمران خان کي ٻيھر اقتدار ۾ آڻڻ آهي، توفيق کهاوڙ لکيو ته عمران ڪامياب ٿيندو، زاهد علي به سروي ۾ حصو ورتو، ،محمد يونس بوزدار لکيو ته ھن سڄي مسئلي مان نڪرڻ جو واحد حل آهي فري ۽ فيئر اليڪشن آهي جڏهن به ڪو فيصلو نه ٿي سگهي ته عوام سان رابطو ڪجي جمھوريت ان کي چئبو آهي، غلام رسول راهمون لکيو ته عمران خان سان گڏ عوام جي طاقت آهي، زبير تنيو لکيو ته بلڪل درست آهي چونڊون ڪرايون وڃن… عزيز بلوچ لکيو ته ڪٺ پتلي تماشو آهي، دلبر علي بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، محبت گجر، غلام مرتضيٰ، مير سجاد ڊومڪي، رضوان چانڊيو، بشير چنا، عبدالحئي مهر به سروي ۾ حصو ورتو.