برسبين (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ انگلينڊ نيوزيلينڊ کي 20 رنز تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ کان بچي ويو. ميزبان ٽيم آسٽريليا کي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ جو خطرو. ان سلسلي ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنز ٺاهيون. جوز بٽلر 73 ۽ ايليڪس هيلز 52 رنز ٺاهي نمايان رهيا. نيوزيلينڊ طرفان لوڪي فرگوسن 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ٽم سائوٿي، مچل سينٽنر ۽ اش سوڌي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنز ٺاهي سگهي. گلين ڦلپس 62 ۽ ڪين وليمسن 40 رنز ٺاهي نمايان رهيا. انگلينڊ طرفان ڪرس ووڪس ۽ سيم ڪيورن 2-2، مارڪ ووڊ ۽ بين اسٽوڪس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جوز بٽلر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. هوڏانهن سريلنڪا افغانستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.  افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنز ٺاهيون. رحمت الله گربيز 28 ۽ عثمان غني 27 رنز ٺاهي نمايان رهيا. هسارنگا ڊي سلوا 3 ۽ لهيرو ڪمارا 2 وڪيٽُون ورتيون. سريلنڪا 18.3 اوورن ۾ هدف پورو ڪيو. ڌننجايا ڊي سلوا 66 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. افغانستان طرفانمجيب الرحمان ۽ راشد خان 2-2 وڪيٽونورتيون. هسارنگا ڊي سلوا کي 13 رنز ڏئي 3 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.