سڊني(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪيب الحسن چيو آهي ته اسان ورلڊ ڪپ جي فيوريٽ ٽيم ڀارت کي اپ سيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پريس ڪانفرنس دوران شڪيب الحسن چيو ته هن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت فيوريٽ ٽيم آهي جنهن کي اسان جي ٽيم اپ سيٽ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندي. هن چيو ته اسان ورلڊ ڪپ کٽڻ جي سوچ کڻي آسٽريليا نه آيا هئاسين بلڪه هڪ پاور فل سائٽ ڀارت کي لوڏڻ لاءِ پنهنجي بهترين ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته اسان ورلڊ ڪپ جي ڪا فيوريٽ ٽيم نه آهيون ان لاءِ اسان ورلڊ ڪپ کٽڻ جو نه سوچيو، اسان جي صورتحال سمجهي سگهجي ٿي، جيڪڏهن اسان ڀارت خلاف ڪامياب ٿي وڃون ٿا ته اهو هڪ اپ سيٽ چئبو ۽ ان اپ سيٽ کي ڪرڻ لاءِ بهترين ڪوشش ڪنداسين. شڪيب الحسن ڀارتي ٽيم جي نوجوان بيٽر سوريا ڪمار يادو کي وڏو خطرو قرار ڏنو.