ممبئي (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کانپوءِ ڀارتي ٽيم نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ رواني ٿيندي جتي هو ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۽ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي. بي سي سي آءِ ذريعن موجب نيوزيلينڊ جي دوري دوران روهت شرما ۽ ورات ڪوهلي کي آرام ڏنو ويندو، جڏهن ته ڪي ايل راهول پڻ ٽيم جو حصو نه هوندو. هاردڪ پانڊيا کي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جو امڪان آهي. هارديڪ پانڊيا 3 ميچن ۾ ڪپتاني ڪري چڪو آهي ۽ ٽنهي ۾ کيس ڪاميابي ملي آهي. واضح رهي ته ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات 19 هين نومبر کان ٿيندي.