سوال/سروي عمران اسيمبلي ٽوڙي غيرآئيني ڪم ڪيو ، نا اهل ٿي سگهي ٿو: عوام

0
194
سوال/سروي عمران اسيمبلي ٽوڙي غيرآئيني ڪم ڪيو ، نا اهل ٿي سگهي ٿو: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان چوي ٿو ته اپوزيشن چوندي هئي ته وزيراعظم استعيفا ڏئي اليڪشن ڪرائي، مون اليڪشن جو اعلان ڪيو آهي ته پوءِ اپوزيشن سپريم ڪورٽ ڇو وئي آهي؟: وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اليڪشن کان نه ڀڄڻ گهرجي، عمران خان اسميبلي ٽوڙي قانون جو مذاق اڏايو آهي، جيل وڃڻ سميت نا اهل به ٿي سگهي ٿو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته وزير اعظم جي ان بيان تي حيرت اھا آھي ته وزير اعظم کي اھا به خبر نه آھي ته سپريم ڪورٽ ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آھي، ماجد سمون لکيو ته عمران آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان پوءِ اليڪشن جو رستو ورتو آهي، آئين جو ڏوهي آهي ان جو حساب ڪتاب کيس ڏيڻو پوندو، باقي اليڪشن جو حڪم ته عدالت ۾ به ڏيندي، گل حسن شر لکيو ته ھر ڳالھه جو موقعو ۽ مھل ھوندو آھي ھي موقعو مناسب نه ھيو ان قدم کڻڻ لاءِ، سڄي سسٽم کي خطري ۾ وجھڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي، بابر وساڻ لکيو ته عمران جو بيان بلڪل صحيح آهي ڇو ته اپوزيشن ۾ ايترو دم آهي ته اليڪشن کڻي پوءِ حڪومت ڪري ته خبر پئي

، شهزاد ڀٽي لکيو ته نئين اليڪشن جو اعلان ٿيو آهي ته سڀ وڃي اليڪشن جي تياري ڪن، حيدر سهندڙو لکيو ته عمران اپوزيشن کان ڊڄي ويو، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽس ورتو آهي، فضل سبزوئي لکيو ته اپوزيشن وارا پھريان چوندا ھا ته عمران خان استعيفا ڏئي اليڪشن ڪرائي جڏهن استعيفا ملي ته وري گوڙ ڪن پيا، لياقت علي نهڙي لکيو ته سرپرائيز اهڙو ڏنو آهي جو اپوزيشن جا حوصلا خطا ٿي ويا آهن هي ڇا ٿي ويو انهن جون اميدون وڌيڪ هيون، امتياز جمالي لکيو ته هڪ بال تي 3 وڪيٽون وٺڻ وارو ڪپتان تاريخ ۾ ياد رهندو، اين اي بلوچ لکيو ته بلڪل عمران خان جو سوال درست آھي، هزار خان لکيو ته بلڪل اليڪشن کان حڪومت توڙي اپوزيشن کي ڀڄڻ نه گھرجي، طارق باجڪاڻي لکيو ته اپوزيشن ھجي يا حڪمران جماعت ڪورٽن جو در کڙڪائڻ ڪنهن جو حق ناهي، منيش واسو به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته اليڪشن جو اعلان ڪيو آهي پر تڏهن اڃان تائين ڪرسي کي چنبڙيل آهن، اپوزيشن کي به اقتدار گهرجي، خدا بخش لکيو ته سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو آھي ۽ انصاف لاءِ ڪورٽ وڃڻ صحيح آهي، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اسپڪر جي رولنگ کي صحيح قرار ڏئي ٿي ته تنهن جو مقصد ته 197 ميمبرز غدار آهن ان ڪري ڪو بھتر حل ڪڍي ملڪ کي ھن بيچيني مان ٻاھر ڪڍڻ گھرجي،

سجاد رند لکيو ته تاريخ ۾ لکيو ويندو پاڪستان جي بدقسمتي سان هڪ نااهل ڪرڪيٽر وزير اعظم ٿيو جيڪو ميدان ڇڏي ڀڄي ويو، محمد اقبال سومرو لکيو ته عدالت ان ڪري ويا آهن ته ڪو نئون اشو اٿي، زاهد علي مشوري لکيو ته ڪورٽ پاڻ نوٽيس ورتو آهي باقي نااھل به ٿي سگهي ٿو جيل به وڃي سگهي ٿو، قادر بخش زئور لکيو ته وزيراعظم بوکلاهٽ جو شڪار آھي، ممتاز علي لاکو لکيو ته پاڻ ويو پر سڀني کي روئاري ويو، امداد علي به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز چانگ لکيو ته انهي جا غير ذميواراڻا بيان آهن، رياض امر ٻجورو لکيو ته ڪنھن حد تائين درست به آھي پر،عمران جي استعيفا کانپوءِ ڪورٽ سڳوري خود پاڻمرادو نوٽيس ورتو ھو جنھن جي شايد عمران خان کي خبر ناھي، الياس سمون لکيو ته عمران خان اپوزيشن کي پاپڙ کارائي ڇڏيا آهن ھاڻي ڀلي پيا رڙيون ڪن، مير سڪندر سولنگي لکيو ته ھي قومي اسمبلي جو معاملو آهي سپريم ڪورٽ مداخلت نه ڪندي، سليم اختر لکيو ته بلڪل درست چيو آهي، خالد نوتڪاڻي لکيو ته ڪرسي ڇڏڻ ڏکي آهي، سليم ڪنڀر لکيو ته عدالتي فيصلي جي ڪري اهو رلي سگهي ٿو، حبدار علي وارث لکيو ته سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو آهي ۽ انصاف لاءِ ڪورٽ وڃڻ لازمي آھي،

مير غلام حسين جتوئي لکيو ته بلڪل صحيح، فاروق احمد کوسو لکيو ته مقصد نئين اليڪشن ھئي پر ھي عين موقعي تي اسيمبليءَ کي تحليل ڪرائي قانون جو مزاق اڏايو آھي جنھن تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي، عزيزالله شر لکيو ته صحيح ٿو چوي، عرفان سيلرو لکيو ته اپوزيشن نه وئي آهي عدالت پاڻ نوٽيس ورتو آهي، عابد جان لکيو ته عدالت نوٽيس ورتو، وسيم اڪرم مهر صحيح ته چيو اٿس، لطف سنڌي لکيو ته اپوزيشن کي حڪومت کپي پئي هاڻ ڏکيائي سان ملندي، قربان علي ميراڻي لکيو ته  اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ اپوزيشن ڪافي وقت پھريون چيو ھئس ليڪن نيازي چيو عدم اعتماد جو مقابلو ڪندس ناڪامي جي صورت ۾ نيازي سياسي خود ڪشي ڪري ڇڏي، عاشق حسين لکيو ته وزيراعظم غير آئيني، غير قانوني ۽ چور رستو اختيار ڪري پاڻ کي چئمپين سمجھي ٿو،  امتياز بلوچ، الطاف پرويز ڀٽو، سليم جمالي، جنيد جمالي، قربان ڏاهري، غلام حسين ڀٽي، محمد علي، نيڪ محمد پالاري، غوث  بخش ملڪ، سمير احمد، عبدالرحمان چانگ، اسد انڍڙ، زاهد باجڪاڻي، سنڌي آصف، احمد سرفراز، حفيظ احمد، مير اظهار صاحب، تنها قادر شر، علي گل شيخ، سردار راشد علي جمالي، ميانداد مري، اياز علي، ڊاڪٽر خليق زمان، عيدل ڪنڀر به سروي ۾ حصو ورتو.