اسلام ڪوٽ (ن پ ا)ٿرپارڪر ضلعي ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، کاڌي پيتي جي شئين جا اگهه چوٽ چڙهيل، عوام پريشان. ان سلسلي ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ فوڊ ريٽ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاپرواهي سبب کاڌي پيتي جي شين سميت عام واهپي جي استعمال ٿيندڙ شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن ضلعي جي مختلف شهرن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڪلوئي، ننگرپارڪر، ڏانو ڌاندل، ڇاڇرو، مبارڪ رند، چيلهار، کينسر، ڏاهلي سميت هر شهر ۾ واپارين اٽو، کنڊ، چانهه، گيهه، چانورن سميت عام واهپي جي شئين جا اگهه هٿرادو وڌائي ڇڏيا آهن. انتظاميا ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي.