ڦل (ن پ ا)ڦل شھر ۾ قائم يوٽيلٽي اسٽور عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، يوٽيلٽي اسٽور تي رمضان شريف سبسڊي واريون ڪيتريون ئي شيون اڻلڀ، شھرين ولي محمد، ماجد علي، عبدالخالق ۽ ٻين چيو ته يوٽيلٽي اسٽور ڦل جو انچارج گيهه جي ٿيلھي 260 واري 300 رپين ۾ ڏئي ٿو جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽور تي ڪيتري ئي عرصي کان کنڊ، اٽو ۽ کائڻ وارو تيل موجود ئي ناهي شھرين چيو ته اسان کي شناختي ڪارڊ تي سامان ملي ٿو ۽ ٻئي پاسي يوٽيلٽي اسٽور ڦل جي انچارج محمد حنيف مغل جو چوڻ ھيو ته سرڪار جي ڏنل حڪم مطابق شناختي ڪارڊ جي ڪاپي تي سامان ڏنو ويندو ۽ گيهه جي ٿيلھي 300 ۾ نه پيو ھلايان مقرر سرڪاري اگهه 260 تي ئي وڪرو ڪيان ٿو پيو. جڏهن ته کنڊ، اٽو ۽ کاڄرو تيل مٿان کان ناهي مليو جيئن ئي مليو عوام کي ڏنو ويندو.