اشو آف دي ڊي عليم عمران جي ايمانداري جا ڇوڏا لاهي ڇڏياخاتون اول جي دوست فرح خان ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي

0
264
اشو آف دي ڊي عليم عمران جي ايمانداري جا ڇوڏا لاهي ڇڏياخاتون اول جي دوست فرح خان ٽاپ ٽرينڊ بڻجي وئي

ٽوئيٽر تي 4 اپريل جي شام فرح خان جو نالو ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو ته ڪيترائي ماڻهو پريشان ٿي ويا ته اها ڪير آهي؟ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪرپشن جي الزامن کانپوءِ جڏهن پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻ عليم خان پاران فرح خان جو نالو کنيو ته فرح خان ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، اڪثر ماڻهن سوال ڪيو ته نيب فرح خان جي نالي تي خاموش ڇو آهي؟ عليم خان چيو ته فرح خان تمام گهڻي ڪرپشن ڪئي آهي، فرح خان عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست آهي. شهريار ڀڳت ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته عليم خان الزام هنيو آهي ته فرح خان هر ٺيڪي، پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر ۾ ملوث آهي، جڏهن ته فرح خان دبئي هلي وئي آهي، مرتضيٰ علي شاهه عليم خان جو بيان شيئر ڪيو ته ڇا عمران خان توکي بوزدار ۽ فرح جي ڪرپشن جي خبر ناهي؟ فرح جو ڪهڙو ڪردار هو؟ هوءَ ڪنهن کي پئسا پهچائي رهي هئي؟ جاچ ٿيندي ته سڀ سامهون ايندو،

سيد طلعت حسين به عليم خان جي فرح مٿان الزامن بابت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماضي ۾ عمران خان جي مالي مدد ڪندڙ عليم خان هاڻي عمران خان کي فراڊ قرار ڏيندي سندس گهرواري بشريٰ بي بي ۽ ان جي دوست فرح تي آڱر کنئي آهي ته ٽن ٽن ڪروڙن ۾ پوسٽنگ ٿيندي هئي،  مفتاح اسماعيل لکيو ته فرح خان ۽ بوزدار جي ڪرپشن ئي اهو سبب هو جنهن جي ڪري عمران خان قانون ٽوڙڻ تي مجبور ٿي ويو پر ان باوجود هو لاهور ۽ اسلام آباد ۾ حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي پسند جا نگران آڻڻ چاهي ٿو ته جيئن فرح گجر کي بچائي سگهي. خالد منير لکيو ته سڀ کان پهريان بلاول ڀٽو  فرح خان جو نالو کنيو هو، اسد طور لکيوته قومي اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ فرح دبئي فرار ٿي وئي آهي سندس مڙس اڳ ئي دبئي ۾ موجود آهي.حنا مهر نديم به فرح خان جي دبئي وڃڻ واري پوسٽ شيئر ڪئي، گلبهار شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عليم خان جي پريس ڪانفرنس عمران خان کي صفا ڌوئي ڇڏيو . فرح بي بي جي ڪرپشن جا قصا بيان ڪري عمران  کي ڏچي ۾ وجھي ڇڏيو آھي . ھاڻي عمران خان قوم کي جواب ڏئي ته اھا فرح مائي ڪير آھي ۽ ٽرانسفر پوسٽنگ جا پئسا وٺي ڪنھن کي ڏيندي ھئي.

جنهن تي ربنواز منگي لکيو ته آهستي آهستي مانهو نڪرندا ايندا حڪومت ۾ هيا ته خاموش هيا، پر هاڻي  هر ڪو ڪرپشن جا قصا ٻڌائيندو، اسماعيل دراني لکيو ته پنجاب جي ڪرپشن ڪوئين فرح بي بي، عبدالستار جتوئي لکيو ته عليم اهو به چيو آهي ته منهنجي موبائل فون ۾ عمران خان جا ميسيج آهن قوم کي ڏيکاريندس. امداد سيلرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏسو عليم خان صادق ۽ امين عمران خان جو چهرو ڪيئن ٿو بي نقاب ڪري، ارباب سيلرو لکيو ته عليم خان ۽ ريحام خان ٻئي ڪوڙا آهن. حسين منصور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عليم خان سوال ڪيو آهي ته فرح خان جو پنجاب ۾ ڪهڙو ڪردار هو قوم کي ڇو نٿا ٻڌايو، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مرد هجن يا عورتون سڀئي ڪرپٽ آهن. اها فرح مائي الائي ڪير آهي جيڪا سڄو ڏينهن ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ رهي آهي هر پاسي فرح فرح لڳي پئي آهي. جنهن تي قاسم ڪيهر لکيو ته فرح بشريٰ بي بي سان گڏجي ڪم تمام ڪيو، ڏسجي سچ ڇا آهي؟ علي رضا ٻرڙو لکيو ته ملڪ ۾ ڪو ايماندار ليڊر رهيو هجي ته ٻڌايو ته ايندڙ اليڪشن ۾ ان کي آزمايون.

محمد سليم لکيو ته عمران خان جي گهرواري جي دوست آهي، سليم رضا لکيو ته فرح خاتون اول جي فرنٽ ليڊي هئي جيڪا سرڪاري عملدارن جي بدلين ۽  مقررين تي رشوت وٺي اڳتي موڪليندي هئي، آفاق جويو لکيو ته عليم خان واهه جي ڪئي آهي، اي ڪي کوکر لکيو ته اگهه مقرر ٿيل هئا، علي عباس مگسي لکيو ته ثابت ته ڪجهه به ناهي، جاويد مگسي لکيو ته عمران خان جي گهرواري جي سچي دوست آهي. فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران جي ايمانداري جا ڇوڏا عليم خان لاهي ڇڏيا. عمران ته مخالفن تي الزام هڻندو هو هن کي پنهنجا ماڻهو وائکو پيا ڪن، چوڌري سرور کان عليم خان. اڃان ترسو. جنهن تي گلشن لغاري لکيو ته خدا ڪري ظالم خوار ٿين، شبير ڀٽي لکيو ته اهو پاڪستاني سياست ۾ رواج آهي، سفير نظاماڻي لکيو ته عليم کي وزيراعليٰ نه بڻايو ويو ان ڪري الزام پيو هڻي، حفيظ ڪنڀر لکيو ته ٽاپ جو ڪرپٽ آهي، سليم جروار لکيو ته اهو ان وقت چوي ها جڏهن سڀ شيون عروج تي هيون، اسد پتافي لکيو ته عمران جي ڪرپشن جا پورا قصا کليا ته ماڻهن کان ٻيا وسري ويندا.علي ڪيريو لکيو ته احتساب ٿيڻ گهرجي،  مراد پندراڻي لکيو ته گهڻو ڪم اڃا پوئتي رهيل آهي، داستان پيا ڏسو،