سوال/سروي سنڌ ۾ بنگالين کي ملڪيتون ڏيڻ وارو فيصلو رد:وفاق سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش پيو ڪري: عوام

0
226

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت پاران 71ع ۾ پاڪستان ڇڏيندڙ بنگالين جون سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ موجود ملڪيتون بنگالين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، بنگالين جي اڪثريت ڪراچي ۾ رھي ٿي، ملڪيتون ملڻ بعد بنگالين کي قانوني حيثيت ملندي، وفاقي حڪومت جي ان فيصلي کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي رھائشون ڏئي انھن کي مستقل ڪيو پيو وڃي وفاق ھر صورت ۾ سنڌ اندر خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون مختلف سازشون ڪري رھيو آھي. ھي ھڪ نئون درامو آھي، اھو سنڌ دشمن فيصلو آھي، سنڌين اڳ به رد ڪيو آهي هاڻي به رد ڪريون ٿا، سوال سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي نذر پياسي لکيو ته پوءِ جيڪي سنڌي ورھاڱي ۾ سنڌ ڇڏي ويا ته انھن جون ملڪيتون به سنڌين کي ڏيڻ کپن، ڪراچي جي مھاجرن کان کسي وٺجن. بابر وساڻ لکيو ته حڪومت جي اھڙن فيصلن کي سنڌين اڳ به رد ڪيو آهي هاڻي به رد ڪريون ٿا، خادم گهراڻو لکيو ته بنگالي بنگال ويا هليا انهن جون ملڪيتون سنڌ جي ماڻهن کي ڏنيون وڃن، آسودو مل لوهاڻو لکيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ 1947۾ هندن جيڪي ملڪيتون ڇڏيون هيون اهي واپس هندن کي ڏنيون وڃن، عادل خان تنيو لکيو ته اها ڌارين کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش آھي اهڙي غلط فيصلي کي رد ڪريون ٿا، جمال الدين چنا لکيو ته باقي سنڌ جي اصلي وارث سنڌين جو ڪجھه نه هو ڇا؟ سڀ ڪجهه بنگالين ۽ مهاجرن جو هو؟ ديدار بلوچ لکيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي ۽ هاڻي ڌارين کي ملڪيتون ڏين ٿا، شنڪر باغي لکيو ته پوءِ جيڪي سنڌي هندو هتان لڏي ويا انهن جون زمينون ۽ ملڪيتون موجوده وقت ۾ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندن سميت سمورن سنڌين کي ملڻ گهرجن، مظفر بلوچ لکيو ته اوچتو هي فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي. علي حسن جمالي لکيو ته اڃا اسانجا دوست چون ٿا ته پي ٽي آئي سنڌ ۾ تبديلي آڻيندي، زاهد مهر لکيو ته ايئن ته هتان جا هندو ڀائر به ڀارت ويا هئا ڇا انهن کي حق ملندو، وفاقي حڪومت جي فيصلي کي رد ڪريون ٿا، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته وفاق سدائين سنڌ دشمن فيصلا ڪيا آهن، بنگالين کي ملڪيتون ڏيڻ سان پاڪستاني عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿينديون، سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي رھائشيون ڏئي انھن کي مستقل ڪيو پيو وڃي جڏھن سنڌي ماڻھون دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن حڪومت جي ان فيصلي کي رد ڪيون ٿا، زوار جمالي لکيو ته لياقت علي خان کان وٺي عمران تائين جيڪي به آھن انھن مان سنڌين کي اھا ئي اميد آھي اھو سنڌ دشمن فيصلو آھي، بشير ميراڻي لکيو ته پهرين پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي روزگار سان گڏ وسيلن جي مالڪي ڏئي پوءِ ٻين ملڪن جي شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن، پر ھتي جهنگ جو قانون آهي، غلام محمد سومرو لکيو ته وفاق ھر صورت ۾ سنڌ جي اندر خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون مختلف سازشون ڪري رھيو آھي. ھي ھڪ نئون درامو آھي، عطاءُالله جروار لکيو ته چاليھه سال کان پوءِ بنگالين جون ملڪتيون وفاق کي ياد آهيون آهن، ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، اهو فيصلو رد ڪريون ٿا، خالد حسين لکيو ته سڄي پاڪستان ۾ ته بنگالين کي ڪجهه نه ڏيندا پر سنڌ ۾ انهن کي ضرور ڏيندا، شيخ اياز لکيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جيڪو ڪجهه سنڌين جو اهو سنڌين کي ڏنو وڃي، اويس ملاح لکيو ته شروع کان هر دور جي حڪومتن سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، جاويد پنهور لکيو ته اسان کي به سنڌ جون اهي ملڪيتون واپس ڪيون وڃن جيڪي ون يونٽ هڻي من پسند آفسيرن کي ڪوٽڙي بئراج سان ڏنيون ويون هيون، دپيڪ ڪمار لوهاڻا لکيو ته پوءِ جيڪي 47 ۾ سنڌي ھندو ملڪ ڇڏي ويا انھن جون ملڪيتون بـ واپس ڪيون وڃن، رياض سولنگي لکيو ته سنڌ ۾ مرڪزي حڪومت جي زمين تمام گهڻي پيل آهي جنهن تي اڪثر بااثر ماڻهن جو قبضو ٿيل آهي، اها زمين به سنڌ واسين کي ورهائي ڏني وڃي، امير علي چنا لکيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جو پهريون مرحلو ٿو لڳي، عاشق حسين شر لکيو ته انتهائي غلط فيصلو آهي، بنگالين جي سنڌ ۾ ڪا به ملڪيت ناهي، وقار حسين لکيو ته وفاق ھر صورت ۾ سنڌ جي اندر خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون مختلف سازشون ڪري رھيو آھي. فياض احمد باجڪاڻي لکيو ته اهڙي فيصلي کي رد ڪريون ٿا، سردار ايم اي لنجو لکيو ته اهو فيصلو واپس ورتو وڃي، وحيد مستوئي لکيو ته ھنن ھميشھ سنڌ جي زمين کي ذاتي ملڪيت سمجھي ڪيڪ جيان ٽڪڙا ڪري وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، عابد ڪيريو لکيو ته وفاق جو بهترين قدم آهي، خاموش خليل شر لکيو ته سنڌين جا حق کسي بنگالين کي ڇو ڏنا پيا وڃن؟ عبدالحئي ساوند لکيو ته اهڙي عجيب فيصلي تي اچرج ۾ پئجي ويا آھيون، سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري نامنظور، وزير تنيو لکيو ته اسان اهو ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏينداسين، عاشق حسين لکيو ته وفاقي حڪومت جو اهو غلط فيصلو آهي. اظهر علي، جاويد هڪڙو، وهاب گاڏهي، شبير سهتو، افضل مري، عبدالغني شر، علي اصغر قيصراڻي، ديپڪ باغي، علي رضا ويسر، سميع الرحمان، شيرمحمد شيخ، عمران خان، نعيم گل رنگ، عبدالنبي شر، راحب علي، اسد خاصخيلي، سليم اختر، راشد انمول، رسول بخش ڪولاچي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.