اشو آف دي ڊي سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي: ڪٿي خوشي ته ڪٿي غم، عوام کا ڇا ملندو ؟

0
193

سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ڪنهن جي مقرري تي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته ڪنهن جي مقري تي وري اعتراض اٿاريو پيو وڃي، ڪنهن جي مقرري جي پٺيان ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا اهو پڻ بيان ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مسرور کهڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ سرڪار راڄ کي راضي ڪري ڇڏيو، ڪابينا مان 3 وزير فارغ، 4 نوان شامل، وڏي وزير جا 15 خاص معاون مقرر ڪيا ويا، جنهن تي اويس ملاح لکيو ته ايترا تڪڙا ٿيا جو نوٽيفڪيشن ۾ تنزيله شيدي کي مسز بدران مسٽر لکي ويا. ايڊووڪيٽ نواب بڙدي لکيو ته سنڌ ڪابينا ۾ تبديلي، صابو هار ڏنا، ڏني هار پاتا، مهتاب هڱورجو لکيو ته ٿرواسين کي واڌايون، نيٺ ٿرپارڪر جو نمائيندو به سنڌ ڪابينا ۾ شامل ٿي ويو، ڏيپلو تڪ تان چونڊيل ايم پي اي ارباب لطف الله کي خاص معاون مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي گڻيش ڪمار، دولت ڪمار، محمد عيسيٰ ڪنڀر ۽ ٻين پڻ مبارڪون ڏنيون، نريش ڪمار لکيو ته وزيرن ۽ مشيرن جي تبديلي سان عوام کي ڪو فائدو ؟ صالح ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ماتلي مان سنڌ اسيمبلي جي مخصوص سيٽ تي آيل تنزيلا قمبراڻي چيف مسٽر جي انفارميشن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان خاص معاون مقرر ٿي آهي ، ھي ماتلي وارن لاءِ تمام وڏو اعزاز آھي. جنهن تي خالده منير لکيو ته تنزيلا کي مبارڪون، اعجاز نظاماڻي لکيو ته اها ماتلي وارن خوشي جي خبر اهي، امير بخش رند لکيو ته بس هاڻي ماتلي پئرس بڻجي ويندو، عبدالجبار ڀٽي لکيو ته ماتلي کي اهڙا ڪيترائي اعزاز مليا آهن پر افسوس جو ماتلي جي عوام کي ڪو فائدو ناهي مليو، چندر ڪيسراڻي لکيو ته تنزيلا کي صلاحيتن ان مقام تي پهچايو آهي، ارشاد ڀٽو لکيو ته اهو ان جو حق هو، جاويد راهوجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نثار کھڙي جي صلاحڪاري چٽ، پ پ سنڌ جي صدارت به ڏينھن ٻن جي مھمان آهي، سنڌ ڪابينا ۾ 4 نوان وزير،3 صلاحڪار ۽ 15 نوان خاص مُعاون شامل ڪيا ويا،تعليم کاتو وري سردار شاھ حوالي ڪيو ويو. جنهن تي وزير اوڍو لکيو ته پ پ سنڌ جو صدر ڪنهن کي ٿا ڪن. مجاهد حسين سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻن سالن کانپوءِ ساڳئي ڏينھن تي ھڪ ڀيرو ٻيھر سيد سردار علي شاهه کي تعليم کاتي جو قلمدان سونپيو ويو آھي، جيڪو ھڪ بھتر فيصلو آھي، جيڪڏھن اھي ٻه سال به رھڻ ڏنو وڃي ھا ته تعليم جي صورتحال اڄ ڪجهه مختلف ھجي ھا. جنهن تي حذب الله مڱريو، علي حيدر مبارڪون ڏنيون، دليپ ڪمار لکيو ته اسڪول کولرائي مبارڪون ڏينداسين، آفتاب رند لکيو ته اڳ ۾ ئي آزمايل آهي هاڻي ڇا ڪندو، علي ڪامران سهتو لکيو ته لاڙڪاڻي جي ضمني چونڊن ۾ جميل سومرو جي مدد نه ڪرڻ جي الزام هيٺ سهيل انور سيال ۽ نثار کان وزارتون کسجي ويون، پارٽي صدارت منظور وساڻ کي ملڻ جو امڪان آهي. عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزير ۽ مشير جيڪو ڪم ڪندا، اھو تہ دنيا ڏسندي، باقي فلحال واڌاين وٺ وٺان سٺي ٿي آھي.