ڪراچي ڊيلٽا وائرس جي لهر ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر، سنڌ سرڪار ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن: وڏو وزير

0
818
سنڌ سرڪار ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ميزباني ۾ اين سي او سي جي گڏيل اجلاس دوران ڪورونا ڪيسز جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ قدمن تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، اجلاس کي بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت ڀارتي ويريئنٽ جي لهر جاري آهي، ڪراچي ڊيلٽا وائرس جي لهر ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي،

سنڌ سرڪار ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ 8 آگسٽ تائين سخت قدم کنيا آهن، اجلاس صوبائي وزيرن سوڌو وفاقي وزير اسد عمر، ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان، وزيراعظم جي سي پيڪ اسپيشل اسسٽنٽ خالد منصور، ميجر جنرل محمود ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اسان چوٿين لهر جي ڇهين هفتي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون، هاڻي چوٿين لهر ڪجهه گهٽجڻ شروع ٿي آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڪوڊ عروج تي آهي جتي 26 سيڪڙو ڪيسز آهن، سنڌ ۾ 13، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ڪيسز وڌي رهيا آهن پر سستي رفتاري سان، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ڪيسز آهن جن مان 3 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي،

67 سيڪڙو ڪيسز ڪراچي ۾ لاهور، اسلام آباد، پشاور، راولپنڊي ۽ حيدرآباد مان اچي رهيا آهن، جڏهن ته 5 سئو مريض روزاني ملڪ ۾ داخل ٿي رهيا آهن، ڪراچي ۾ 1210 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جيڪو ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ ڪراچي ۾ فوتگيون به وڌيڪ آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذريعن سان وڌيڪ 583 آڪسيجن بيڊز مختلف اسپتالن ۾ لڳرايا،هن وقت سنڌ ۾ مجموعي طور تي 1120 آڪيسجن بيڊز آهن.