سوال/سروي تبديلي سرڪار خواب ڏيکاري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف جا شرط قبولڻ سان مهانگائي جو طوفان اچي ويندو: عوام

0
179

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف 330 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي، بجلي ۽ موبائل فون مهانگا ٿيندا، ڇا حڪومت کي اهڙا شرط قبول ڪرڻ گهرجن؟ اوهان مهانگائي جي حوالي سان ڇا چوندا؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت هلي ئي آءِ ايم ايف جي سهاري پئي ته شرط به انهي جا هلندا، حڪومت کي اهڙا شرط قبول نه ڪرڻ کپن ماڻهو پريشان آهن مهانگائي عروج تي آهي، عوام کي تبديلي جا خواب ڏيکاريندڙ تبديلي سرڪار عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ڏهاڙيدار طبقو تمام گهڻو پريشان آهي، مهانگائي ختم ڪئي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته روز صرف مھانگائي جون خبرون آھن ھن حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي اڃا به مھانگائي ڪندا جنھن جي ڪري پورھيت طبقو ڏھاڙيدار سخت متاثر ٿيندو، خادم گهراڻو لکيو ته لڳي ٿو ته هتي هر حڪم آءِ ايف ايم جو هلي ٿو جيئن اها چوي ٿي تيئن فيصلا ٿين ٿا غريب اڳ ئي پريشان آهن، جاويد زرداري لکيو ته هي عوام کان خودڪشيون ڪرائيندا. سيد احمد شاهه لکيو ته مهانگائي ٿيندي ته ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، پهريان پيٽرول، اٽو پوءِ هاڻ ٻيون شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن، ظفر رند لکيو ته حڪومت هلي ئي آئي ايم ايف جي سهاري پئي ته شرط به انهي جا هلندا، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته شرط قبولڻ جوڳا ناهن، شنڪر باغي لکيو ته ڪشڪول ٽوڙڻ جي ڏٽي تي تي ووٽ وٺندڙ ته ڪشڪول کي ئي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ماڻھن کي نه جيئڻ جهڙو ڇڏيو آهي نه ئي مرڻ جهڙو هن وقت مهانگائي سبب ماڻهو تڙپي رهيا آهن، نوڪرِ حسين ميمڻ لکيو ته مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو مري ويندا، اميرن تي ڪو به فرق نه پوندو، غلام علي گل لکيو ته حڪومت کي اهڙا شرط قطعي قبول ڪرڻ نه گهرجن جيڪي عوام مٿان بار بنجن. باقي مهانگائي ته ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي عوام سورن جي گهاڻي ۾ پيسجي رهي آھي. نياز ڪلوئي لکيو ته بس ظلم آهي ٻيو ڇا، حڪمرانن کي ڪنهن شي جي پرواھ نه آهي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو غريب ماڻهو تي اثر پوندو، نورمحمد ڪنڀر لکيو ته حڪومت کي اهڙا شرط قبول نه ڪرڻ کپن ان تي ڪوبه عمل نه ٿيندو ماڻهون پريشان آهن مهانگائي عروج تي آهي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته مهانگائي جي حوالي سان جيتريون دانهون ڪجن اوتريون گهٽ آهن خاص ڪري سنڌ ۾ هٿرادو مهانگائي گهر ڪري وئي آهي هاڻ غريب عوام جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي حڪومت اهو شرط قبول ڪري اضافي مهانگائي جو بم عوام تي نه ڪيرائي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جا سڀ شرط قبول ڪيا ته عوام بک ۽ بدحالي کان وڌيڪ پريشان ٿيندا، حڪومت کي گهرجي ته عوام کي سهولتون ڏنيون وڃن، نماڻو نوناري لکيو ته قرض وٺڻو آهي ته اهڙا شرط قبول ڪرڻا پوندا، ساحل عالياڻي لکيو ته مهانگائي اڳ ئي بيزار ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف جو فيصلو عوام مٿان مهانگائي جو وڌيڪ بم ڪيرائڻ هوندو، حڪومت کي گهرجي ته مهانگائي تي ضابطو آڻي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي اشارن تي هلي پئي. هنن غريب عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آهن مهانگائي اڳ ئي گهڻي آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته جيڪو قرض وٺندو اهو شرط به قبول ڪندو، عرفان جروار لکيو ته بلڪل اھڙا شرط قبول نه ڪرڻ گھرجن، ذوالفقار خاڪي لکيو ته موجوده عھد جي مھانگائي عزتدار ماڻھن جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آھي شريف النفس خانداني ماڻھن جا ٻار لاڳيتي بک مفلسي ۽ اڻھوند جھڙين مصيبتن سبب مجبور ٿي منشيات کپائڻ طرف مائل ٿيا آھن ، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته اسان جي حڪومت قرض وٺڻ لاءِ هر شرط مڃيندي جنهن جي ڪري پورهيت طبقو ڏهاڙيدار سخت متاثر ٿيندو، قادر بخش زئور لکيو ته عوام کي تبديلي جا خواب ڏيکاريندڙ تبديلي سرڪار عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته اسان بار بار واضح ڪري چڪا آهيون ته مهانگائي جيئڻ تان ئي ارواح کڻائي ڇڏيو آهي، جمال الدين چنا لکيو ته عوام ته پهرين ئي مهانگائي جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، عوام پريشاني ۾ حڪومت خلاف ڪو سخت قدم نه کڻي شبير حسين ڀوت لکيو ته حڪومت کي اھڙا شرط ڪڏھن به قبولڻ نه گهرجن، عاشق حسين لکيو ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي ھٿن ۾ يرغمال ٿي چڪي آھي، پوئين ٻن سالن ۾ عوام کي نپوڙي ڇڏيندي، عرفان سيلرو لکيو ته اسان جو ملڪ آءِ ايم ايف ٿي هلائي، شيراز چانگ لکيو ته حڪومت کي عوام جو مينڊيٽ مليل آهي آءِ ايم ايف جا شرط نه مڃڻ گهرجن، سليم اختر لکيو ته شرط نه مڃڻ گهرجي، ممتاز علي سميجو لکيو ته اسان ته چونداسين ته نه قبول ڪرڻ گهرجن پر اسان جا حڪمران آءِ ايم ايف ڪهڙا به شرط هجن قبول ڪندا، بلاول ڪنڀر لکيو ته پئسا عوام جي کيسي مان نڪرندا، صدام بجير لکيو ته ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌي رهي آهي اها حڪومت جي ناڪامي آهي، اسحاق کوسو لکيو ته حڪومت شرط قبول ڪيا ته پئسا عوام جي کيسي مان نڪرندا، خاموش خليل شر لکيو ته عوام ويچارو قرض ڀري ڀري آءِ ايم ايف مان جان نه ڇڏائي سگهندو، سڄو ملڪ قرض ۾ ٻڏل آهي، غريب ماڻهو مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي، جاويد جبار مراداڻي لکيو ته حڪومت کي مالياتي اداري جا شرط قبول نه ڪرڻ گهرجن، حبيب الله عمراڻي لکيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط قبول ڪيا ته عوام پاڻ مارڻ تي مجبور ٿي ويندو، ايم يوسف لغاري لکيو ته اسان جي حڪومت قرض وٺڻ لاءِ هر شرط مڃيندي ڇو ته پيسا عوام کي ڀرڻا پوندا ، واحد بخش لکيو ته ڏهاڙيدار طبقو پريشان آهي، مهانگائي ختم ڪئي وڃي، جي ڪي مشوري لکيو ته شرط نه مڃڻ گهرجن، حسيب مري لکيو ته عوام اڳ ئي مهانگائي جي ڪري گهڻو پريشان آهي، نثار لغاري لکيو ته مهانگائي عروج تي ويندي، مبين لغاري لکيو ته مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.