سياسي مخالفن عمران خان کي نقصان پهچائڻ لاءِ مون کي استعمال ڪيو: جمائما

0
225
سياسي مخالفن عمران خان کي نقصان پهچائڻ لاءِ مون کي استعمال ڪيو: جمائما
سياسي مخالفن عمران خان کي نقصان پهچائڻ لاءِ مون کي استعمال ڪيو: جمائما

وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما خان چيو آهي ته جيئن ڪلنٽن کي نقصان پهچائڻ لاءِ مونيڪا ليونسڪي کي استعمال ڪيو ويو هو ائين ئي سياسي مخالفن عمران خان کي نقصان پهجچائڻ لاءِ مون کي  استعمال ڪيو.

بل ڪلنٽن ۽ مونيڪا ليونسڪي جي لاڳاپن تي ٻڌل ڊراما پروڊيوسر جي حيثيت سان برطانوي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ جمائما چيو ته پنهنجي ۽ مونيڪا ليونسڪي جي زندگيءَ ۾ هڪجهڙائپ ڏٺي، مونيڪا جيان مان هڪ وڏي عمر ۽ سياسي حيثيت ۾ نمايان شخص سان رشتي ۾ هيس، جنهن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪوڙا ۽ سياسي ڪيس ٺاهيا ويا.

هن چيو ته پاڪستان ۾ جيل ۾ وجهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون، ان کي يهودي پس منظر جي حوالي سان تنقيد ڪئي وئي، قديم آثارن جي اسمگلنگ ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪري مون کي پاڪستان ڇڏڻو پيو.

جمائما چيو ته 21 سالن جي ڇوڪريءَ لاءِ پاڻ کان وڏي عمر شخص سان شادي، جنهن جو ايمان ٻيهر تازو ٿيو هجي ۽ پنهنجي سموري آزادي ڇڏي پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪرڻ آسان نه هو.

هن انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان ڇڏڻ کانپوءِ منهنجو خيال آهي ته ارينجڊ ميرج پسند جي شادين کان وڌيڪ ڪامياب ٿين ٿيون، جڏهن هو پاڪستان وئي هئي تڏهن ارينج ميرج کي پراڻو ۽ ديوانن وارو خيال سمجهندي هئس ۽ رومانوي رشتن تي يقين رکندي هئس، پر 10 سال پاڪستان ۾ رهڻ کانپوءِ جڏهن برطانيه واپس آيس ته ارينجڊ ميرج ۾ ڪجهه فائده به ڏٺا.

واضح رهي ته جمائما خان بل ڪلنٽن ۽ مونيڪا ليونسڪي جي لاڳاپن جي ڪهاڻي تي ٻڌل شو ” دي امپيچمنٽ“ جي پروڊيوسر آهي جنهن کي 19 آڪٽوبر کان برطانوي ٽي وي تي نشر ڪيو ويندو