سنگرار جي پتڪڙي پريا ڪماري ڪٿي آھي!! 

0
216
جهالت ۽ لاقانونيت جي ور چڙھيل سنڌڙي!! 

جڏهن به محرم الحرام جو چنڊ آسمان تي ظاهر ٿيندو آهي ته پاڻ سان گڏ هڪ ياد کڻي ايندو آهي ۽ اُها ياد هڪ ئي هوندي آهي غمِ حسين ھر طرف ياحسين ياحسين جي صدا بلند رھندي آھي ۽ اکڙيون روئڻ لاءِ آماده ٿي وينديون آھن ڇو جو حسين جو غم ئي اھڙو آھي جيڪو اکيون رُوڪي نه ٿيون سگهن. محرم الحرام شروع ٿيڻ شرط امام بارگاھن ۾ ڪربلا سجايون وينديون آھن ۽ گهرن، اوطاقن ۾ غمِ حسين جا تڌا وڇائجي ويندا آهن بازارن، گهٽين ۽ چوراھن تي سبيلِ امام حسين عليه السلام جو اهتمام پڻ ڪيو ويندو آھي، ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ نياز ننگر پڻ ھر ھنڌ تيار ڪري تقسيم ڪيا ويندا آھن، علم پاڪ تعزيا، جھولا، تابوت پڻ تيار ڪيا ويندا آهن ۽ ذوالجناحن کي سجايو ويندو آھي ۽ ايئن ئي عزاداري جو ھڪ سلسلو شروع ٿي ويندو آھي. گذريل سال ھڪ طرف حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس خاندان ۽ جانثارن جي لازوال قربانيون ذاڪر حضرات بيان ڪري رھيا ھئا ته ٻئي طرف سنگرار ۾ پتڪڙي 7 ورھين جي پريا ڪماري پنهنجي والد راجو مل سان گهر اڳيان حسين جي غم ۾ اڃايل ۽ پياسن عزادارن جي لاءِ لڳايل سبيل ٿڌو، مٺو پاڻي پيارڻ جو بندوبست ڪيو  ھو جيڪو ھڪ سلسلو پڻ ھلي رھي رھيو ھو جتي پتڪڙي پريا به ويٺي ھئي ۽ اڃانڪ اتان پتڪڙي پريا گم ٿي وئي ھئي، جيڪا تاريخ 10 محرم الحرام خميس جي ڏينهن تاريخ 19-8-2021ع ٻڌائي پئي وڃي، پتڪڙي پريا ڪماري جي اغوا جو ڪيس سندس جي والد راجو مل سنگرار ٿاڻي تي ڪيس گناھه نمبر 13/2021 تحت انڊر سيڪشن 34/364 پي پي سي تحت داخل ڪرايو ويو ھو.

پتڪڙي پريا ڪماري جي گمشدگيءَ کي ھڪ سال پورو ٿيڻ وارو آھي پر ھتان جو قانون صرف اميرن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو ته ھن ملڪ اندر غريبن ۽ خاص طور تي سنڌين لاءِ ھڪ الڳ قانون جوڙيو ويو آھي جنهن جو نتيجو به ايترو ترت ئي اچي رھيو آھي.

سنڌ مان ڪو ٻارڙو يا ٻارڙي اغوا ٿئي ٿي ته ان لاءِ قانون صرف ڪاغذي فائيلن تائين وڃي محدود رھي ٿو پر ان جڳھه تي جيڪڏھن ملڪ جي ٻين صوبن مان ڪو ٻارڙو يا ٻارڙي اغوا يا گم ٿي وڃن ٿا ته اسيمبلين ۾ ويٺلن وزيرن، مشيرن سميت طاقتورن ڌرين جون به اکيون کلي وڃن ٿيون ۽ چند ھفتن يا مهينن اندر اھو ڪيس وائينڊاپ ڪري مجرم کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين سزا ڏني وڃي وڃي ٿي.

خاص ڪري سنڌ اندر اقليت برادري سان گهڻي عرصي کان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ بربريت وارو رويو اختيار ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ھنن جي روزگار جي دڪانن تان منٿلين سميت سندن ٻار زبردستي اغو ڪري انهن سان ڪوڙيون شاديون رچايون وڃن ٿيون اھڙي صورتحال پيدا ڪري انهن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. جڏھن ته سنڌ جا اصل وارث ۽ مالڪ سنڌي ھندو آھن ۽ انهن کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي فلسطينين وارو حشر ڪيو وڃي.

پتڪڙي پريا ڪماري ۽ سندس والد راجو مل جو ڏوھه صرف اھو ھو ته ھو مذھبي رواداري کي برقرار رکندي حسين جي غم ۾ ماتمي عزادارن کي سبيل پياري رھيا ھئا ۽ جنهن جي انهن کي سزا ڏني وئي آھي.

ھڪ سال پورو ٿيڻ وارو آھي پتڪڙي پريا ڪماري جي گهر ۾ تڏو وڇايل آھي جيڪو اڃان تائين ناھي کنيو ويو. قانون جي رکوالن کان شايد پتڪڙي پريا ڪماري وسري وئي آھي. سنڌ جي نياڻي پتڪڙي پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ گهر ڪندي رھندي ۽ وقت جي يزيد کان سنڌ اِھا گهر ڪندي اِي اغوا ڪار يزيد ۽ شمر پتڪڙي پريا ڪماري کي آزاد ڪري سندن والدين حوالي ڪيو وڃي.

پتڪڙي پريا ڪماري جا عزيز ڪوما واري حالت ۾ اڄ به تڏي تي ويٺا آھن ۽ انهن جون ديدون، آسون انهن راھن ۾ آھن ته اغوا ڪندڙ يزيد ۽ شمر ڪڏھن ٿو پريا کي آزاد ڪري گهر موڪلي.

حضرت امام حسين عليه جي دور ۾ ئي نه صرف يزيد ۽ شمر ھئا پر اڄ به اسانجي معاشري ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ يزيد ۽ شمر موجود آهن ۽ اھڙن دردن خلاف ھر شهر ڳوٺ واھڻ وستي ۾ سماجي ٽيمن جي تشڪيل ڏني وڃي جيئن ھر اُھو پنهنجو ڳوٺ ۽ شهر اھڙن يزيدن ۽ شمر کان بچي سگهي جيڪي معصوم ٻارڙن جي زندگين سان کيڏي رھيا آھن ۽ اِھا سخت ضرورت به آهي ته ھن سماج جي هر طبقي کي انهن قيسن ۽ ظلمن خلاف متحد ٿي ڪري ڪمزور پوليس ڊپارٽمينٽ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جيئن اهڙن ڪٺور دل elements جون پاڙون پٽجي سگهجن،

پتڪڙي پريا ڪماري جو درد سندس جيجل امڙ کان پڇيو ته ٻچن جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آھي،؟

اِي وقت جا حڪمرانو پتڪڙي پريا تي توھان کي ترس نه ٿو اچي پر ان جي جيجل امڙ جي لُڙڪن ڏانهن ھڪ دفعو نهاري پوءِ انهيءَ ماءُ کي ته ڪو دلاسو ئي کڻي ڏيو، سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي جا اڳواڻ  ۽ اقليتي برادري جا منسٽر، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ طاقتور ڌريون پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ ڪي سخت قدم کڻي خدارا ھڪ ڏکايل خاندان کي وري جيئدان ڏين. جيڪڏھن ايئن نه ٿا ڪري سگهن ته پتڪڙي پريا ڪماري جي مائٽن کي کتو جواب ڏئي انتظار ختم ڪرايو وڃي. انتظار موت کان به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي ڇو جو چوندا آھن جتي باھه ٻري اُها جاءِ سڙي.

[email protected]