سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي، سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجز وٽ 40 سيڪڙو پاڻي  کوٽ جي نشاندهي

0
506

سکر: سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي، سکر، گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجز وٽ 40 سيڪڙو پاڻي  کوٽ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي

 سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج جو چوڻ آهي ته پاڻي کوٽ سبب سکر ۽ گڊو بئراج جي ڪيترن ئي ڪئنالز ۾ پاڻي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، اترين علائقن ۾وسڪارو نه ٿيو ته پاڻي کوٽ سنگين شڪل اختيار ڪري ويندي

ھن چيو تھ  سنڌ ۾خريف جي فصلن کي سخت نقصان ٿيندو، سنڌ سرڪار وفاق کي حصي جو پاڻي ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آھي، ٻئي پاسي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آهي، وفاقي سرڪار ان معاملي جو نوٽيس وٺي، 91 ٺاهه تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي

ٻئي پاسي ٺٽي، کوسڪي ۽ چمبڙ ۾آبادگارن جا پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻا ھنيا ويا آھن، ٺٽي جي علائقي ڇتو چنڊ وٽ آبادگارن جو ڌرڻو، قومي شاھراھه تي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، آبادگارن جو چوڻ آهي ته مھيني کان پاڻي ناھي، اڃ وگھي تڙپي رهيا آهيون، پاڻي کوٽ سبب فصل به سڪي ويا آهن، ڪير به پڇڻ وارو ناهي

 چمبڙ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف اٺين ڏينهن به احتجاج، آبادگارن آبپاشي آفيس اڳيان بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي، سندن چوڻ آهي ته آبپاشي عملدار پاڻي وڪڻي رهيا آهن، نوٽيس ورتو وڃي

 کوسڪي ۾آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج، ٿر ڪول روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو، مختلف شاخن ۾ پاڻي کوٽ خلاف هنيل ڌرڻي ۾سوين آبادگار شريڪ، سندن چوڻ آهي ته  پاڻي جي کوٽ سبب شادي لارج واھه ۽ بھادر واھه جي ھزارين ايڪڙ زمين بڻجي وئي آهي، پڇڙي جو عوام توڙي جانور به پيئڻ جي پاڻي لاءَ پريشان آهن

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش موجود آهي، خانگي شعبي کي مضبوط بڻائينداسين: وڏو وزير