سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش موجود آهي، خانگي شعبي کي مضبوط بڻائينداسين: وڏو وزير

0
383
ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ سان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ صوبي ۾ سيڙپڪاري بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سڪرييٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش موجود آهي،سيڙپڪاري کاتو جن علائقن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود انهن کي هائي لائیٽ ڪري

هن چيو ته اسان کي ڪراچي ۾ ڪچري مان بجلي تيار ڪرڻ، ڊي سالینیشن پلانٽ، پاڻي جي ورهاست جي منصوبن کي سيڙپڪاري لائي سامھون آڻڻون آهي، گورک هل، ڪینجھر ڍنڍ ۽ ٿر ۾ سياحت لائي سيڙپڪاري جي منصوبا سامھون آڻڻا آھن

وڏي وزیرچيو ته اسان کي پنهنجي ميون، امب، کجور، زيتون ۽ ٻيو فروٽ کي پرڏيھ برآمد ڪرن لائي ویلیو ایڈیشن ۾ وڃڻو آهي، اسان وٽ ٿر ۾ بجلي، ڪوئلي مان گیس، ڪوئلي مان لیڪوئیڊ ۾ سيڙپڪاري جا گهڻا موقعا آهن

هن چيو ته اسان کي ایجوڪیشن سٽي ۾ دنیا جي بهترین تعلیمي ادارن کي آڻڻون آهي، سنڌ صوبي ۾ داٻيچي اسپيشل اڪنامڪ زون جو زبردست مںصوبو آهي، هن منصوبي ۾ سرمائيڪاري کي مدعو ڪرڻو آهي

وڏي وزیرچيو ته سيڙپڪاري اچڻ سان روزگار جا موقع پیدا ٿيندا، مون کي خانگي شعبي کي مضبوط ۽ بهترین بنائڻو آهي، ٺٽو ۾ زرعي پاڻي جي قلت آهي، زرعي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لائي قدم کنيا وڃن

هن چيو ته سنڌ کي مجموعي طور تي پاڻي جي قلت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جيڪو پاڻي سسٽم ۾ موجود آهي ان جي منصفاڻي ورهاست ڪئي وڃي، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري مسئلي کي حل ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

گورنر جي آرمي چيف کان مداخلت جي اپيل آئين سان کليل بغاوت ناهي؟ ليگي سينيٽر