گورنر جي آرمي چيف کان مداخلت جي اپيل آئين سان کليل بغاوت ناهي؟ ليگي سينيٽر

0
244
گورنر جي آرمي چيف کان

ڪراچي (م ڊ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما جي آرمي چيف کي لکيل خط تي سخت تنقيد ڪئي آهي

پنهنجي هڪ بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته آرمي چيف سان معزول ۽ مفلوج گورنر جي مداخلت آئين سان کليل بغاوت ناهي، جنونيت جي حدن کي ڇهندڙ مسخرن کي هن خط جو منهن ٽوڙ جواب ملندو؟

ياد رهي ته شهباز شريف کانپوءِ پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما به آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي خط لکيو آهي

خط ۾ گورنر پنجاب آرمي چيف کي پنجاب جي موجوده صورتحال تي ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف پنجاب ۾ آئيني ڍانچي تي عملدرآمد لاءِ ڪردار ادا ڪري

ٻئي طرف خط ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ويو ته هو عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن

ھي به پڙھندا

آءِ ايم ايف سان معاهدي موجب اڄ ڊيزل 150 رپيا مهانگو ٿيڻ گهرجي: مفتاح اسماعيل