آءِ ايم ايف سان معاهدي موجب اڄ ڊيزل 150 رپيا مهانگو ٿيڻ گهرجي: مفتاح اسماعيل

0
289
آءِ ايم ايف سان معاهدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل گذريل حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته اوهان جي ڪري ڊيزل تي 70 رپيا في ليٽر جو نقصان ٿي رهيو آهي، آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي موجب اڄ ڊيزل 150 رپيا مهانگو ڪيو وڃي

ميڊيا سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ايندڙ ڌرڻن بابت چئلينج ڪيو ۽ چيو ته ڏسان ٿو ته عمران خان مئي-جون جي گرمي ۾ ڪيترا ڏينهن ويهندو

مفتاح اسماعيل چيو آهي ته سندس ڪيترائي ماڻهو گرميءَ ۾ سڙي ويندا هئا، اڳ ڪيترائي ماڻهو ساڻس گڏ هئا پر هن ڀيري سندس حمايتين به کيس منع ڪري ڇڏيو

پريس ڪانفرنس دوران مفتاح اسماعيل دعويٰ ڪئي ته اڄ پاڪستان ۾ کنڊ 2019 کانپوءِ سڀ کان سستي کنڊ ملي رهي آهي، کنڊ 70 کان 75 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي