سنڌ جي مختلف شهرن مان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ

0
245
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن مان ٽن ڄڻن جا لاش مليا آهن، پنو عاقل ڀرسان ريلوي پٽڙي وٽان اڻسڃاتل همراهه جو لاش مليو آهي

ايڌي رضاڪارن موجب لڳي ٿو  ته همراهه مال گاڏي ۾ مان ڪري فوت ٿيو آھي، لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو

ٻئي پاسي ننگرپارڪر ويجهو ڳوٺ مٺڙي ۾ ڪنڊي جي وڻ ۾ اڳٺ ۾ ڦاهو ٻڌل  ڳوٺ پاٻاسرو جي رهواسي  22 سالن جي  غير شادي شده نوجوان سريش ولد رامون ميگهواڙ جو لاش مليو

  ڦاهو کاڌل لاش  جو اطلاع ڏانوڌاندل پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي

هوڏانهن ڦلھڏيون ڀرسان آتڻا موري وٽ  پلي شاخ مان نامعلوم نوجوان جو لاش مليو، جنھن جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي