سنڌ ۾ پاڻي جي لڳاتار کوٽ خلاف آبادگار، سڄاڻ ڌُريون ۽ سياسي سماجي تنظيمون سراپا احتجاج

0
157
سنڌ ۾ پاڻي جي لڳاتار کوٽ

ڪراچي: سنڌ جي ڪئنالز ۽ شاخن ۾ پاڻي جي لڳاتار کوٽ خلاف آبادگار، سڄاڻ ڌُريون ۽ سياسي سماجي تنظيمون سراپا احتجاج بڻيل آھن،  حيدرآباد جي شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي کوٽ خلاف راهوڪي اسٽاپ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو

 پاڻي جي چوري ۽ کوٽ خلاف نعريبازي، درياهه خان مري ڏيپلو، ۽ ٺري ميرواهه ۾ آبادگارن  پاران مظاھرا ڪيا ويا، گُپچاڻي ۾ آبادگارن جو 13هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو، ٽنڊو باگو ۾ شهرين جو پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف ڌرڻو ھنيوويو

 ڏهرڪي ۾ ڳوٺاڻن پاڻي کوٽ خلاف احتجاج طور ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، 4 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پهتل پوليو ٽيمن کي واپس موٽايو ويو، مظاھرين پاران سنڌ ۾ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ملڪ ۾ برساتون نه پوڻ ۽ گليشيئرز نه پگهرڻ سبب درياهي وهڪرن ۾ واڌ نه ٿي

ٻئي پاسي ملڪ ۾ برساتون نه پوڻ ۽ گليشيئرز نه پگهرڻ سبب درياهي وهڪرن ۾ واڌ نه ٿي، تربيلا ڊئم ترو وٺي ويو، تربيلا ۾ پاڻي جي آمد 68 هزار 900 ۽ ڇوڙ 78 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئيسنڌوءَ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ

 تربيلا ۾ پاڻي ذخيرو ختم ٿيڻ سبب سنڌ ۾ بحران وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خدشو، صوبي ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 44 سيڪڙو رڪارڊ، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 68 سيڪڙو ٿي وئي، گڊو بئراج وٽ 68.2 ۽ سکر بئراج تي 24.8 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا چيئرمين کي سنڌ کي حصي جو پاڻي فوري مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو