سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا چيئرمين کي سنڌ کي حصي جو پاڻي فوري مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
419
سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن

ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻي جي چوري ۽ کوٽ تي پاڻي وزارت، ارسا ۽ آبپاشي کاتي کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آھن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا چيئرمين کي سنڌ کي حصي جو پاڻي فوري مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

 درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب فصل ۽ زرعي زمينون سُڪي رهيون آهن، ٻئي پاسي جانور توڙي ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ارسا پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان لڳاتار زيادتي ڪري رهيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي چوري جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي، عدالت ارسا کي ايندڙ ٻڌڻي تي پاڻي فراهمي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ پاڻي جو سنگين بحران، فصل سُڪي ويا، مختلف شھرن ۾ مظاھرا، ڌرڻا