سنڌ ۾ گرمي ۾ واڌ سبب ڀاڄيون مهانگيون : ميوات ۾ لاٿ: انب سستا ٿي ويا

0
329
سنڌ ۾ گرمي ۾ واڌ سبب

 ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ ) سنڌ ۾ گرمي ۾ واڌ سبب ڀاڄيون مهانگيون : انب سستا،ان ڏس ۾ ڪراچي جي مختلف بازارن جي ورتل جائزي موجب شهر ۾ پٽاٽا 19، بصر 59، ٽماٽا 99، ڀينڊيون 125، ميها 130، پتائي گجرون 139، گوبي 140 في ڪلو وڪرو ٿي رھيا آھن

جڏھن تھ گوار 180، بيهه 109، ڪريلا 80، توريون 59 ، کيرا 59، انبڙيون( ڪيريون)49 ، شمله مرچ 69، عام مرچ 120 رپيا في ڪلو وڪامي رهيا هئا، ٻئي طرف مارڪيٽن ۾سنڌڙي انب 150، سرولي انب 109، ڪيلا 144 رپيا ڊزن، آڙو 160،  ڦاروا 140، چيڪو 109، آلو بخارا ۽ بادام( زردالو) 290، ڇانهين 40، گدرا ۽ سردا 69 رپيا ڪلو تي پهتل هئا