سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي سالياني امتحان دوران ڪاپي توڙي پرچا آئوٽ ٿيڻ جو سلسلو جاري

0
118
سامونڊي طوفان ۾ گهٽتائي: تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت
سامونڊي طوفان ۾ گهٽتائي: تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جي سالياني امتحان دوران ڪاپي توڙي پرچا آئوٽ ٿيڻ جو سلسلو جاري، حيدرآباد ۾ پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ سماجي اڀياس جو پرچو وائٽس ايپ گروپس تي وائرل ٿي ويو

 شاگردن موبائيل فون تي سرِعام ڪاپي ڪندا رهيا، حالي روڊ جي اقرا اسڪول ۾ عملدارن ۽ استادن جي نگراني ۾ ٿيندڙ ڪاپي جون وڊيوز ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتيون

 دوڙ ۾ ڪيميسٽري جي پيپر دوران امتحاني سينٽرز تي ڪاپي جي ڌُم، قاضي احمد جي مختلف سينٽرز تي ڪيمسٽري جو پرچو نه پهچڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون پريشان، مختلف شهرن ۾ پيپر دوران بجلي بند هجڻ سبب شاگرد ٻٽي عذاب ۾ مبتلا رھيا

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ مئٽرڪ جا ساليانا امتحان ڌڙاڌڙ ڪاپي سان جاري