سنڌ ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ ۽ ارسا جي هوڏ

0
702

اسان بدين جي سامونڊي علائقي روپا ماڙي جي هڪ تاريخي ڪردار “دودو سومرو” جي مزار ڀرسان گذري رهيا هئاسين، سج جي تپش ۾ به آهستي آهستي اضافو ٿي رهيو هو. ڪچي رستي جي ٻنهي پاسن کان پري پري تائين زمينون بنجر پيون هيون. ايئن لڳي رهيو هو ته ڪنهن بيماري سبب اهو علائقو ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويو هجي. پاڻي جا واھه ۽ ناليون سڪل ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون ۽ انهن ۾ پاڻي جي بدران واري اُڏامي رهي هئي. ٿوري ٿوري فاصلي تي جهوپڙين سان اڏيل ڳوٺ پنهنجي بربادي جو ڏيک ڏئي رهيا هئا، جيڪي اصل ۾ ماهيگيرن ۽ هارين جا ڳوٺ هئا. چون ٿا ته اهي سمورا ويران علائقا ڪنهن دور ۾ سرسبز ۽ آباد هئا. پر مون ڏٺو ته هاڻ انهن علائقن جا ماڻهو پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا هئا. اسان اڃايل جانورن کي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڳوٺن ڏانهن ڊوڙندي ڏٺو. پاڻي نه هئڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺ لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا. اُن وقت منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا جڏهن مون ڏٺو ته نٽهڻ اُس ۾ مرجهايل ۽ ڪمزور عورتون مٿن تي مٽ کڻي پاڻي جي ڳولاڪري رهيون هيون. اهڙو درد ڀريو منظر ڏسي، مون درد جي عميق ۾ گم ٿي سوچيو ته مون کي انهن مارو ماڻهن جي اهڙي حياتي هڪ وڏي پيڙا واري محسوس ٿي رهي هئي. افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن کي انهن ماڻهن جا ڏک ۽ تڪليفون نظر ڪون ٿيون اچن. مون ڏٺو ته خوراڪ جي کوٽ سبب ماڻهن جون اکيون اندر دٻيل هيون، سندن چهرا ايئن لڳي رهيا هئا ڄڻ ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي نصيب نه ٿيو هجين. اُس جي تپش سندن چهرن کي ساڙي ڇڏيو هو. سج سوا نيزي تي هئڻ جي باوجود مون هڪ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته “ايئن لڳي ٿو ته اسان جي رياست هنن ماڻهن کي ته انسان ئي نٿي سمجهي ۽ انهن ماڻهن سان ڪيتري وڏي زيادتي ۽ ناانصافي ٿي رهي آهي.” اهو به سچ آهي ته ساڳي صورتحال مون کي ٺٽي ۽ سجاول جي سمورن سامونڊي علائقي ۾ ڏسڻ ۾ آئي.
گذريل ٻن هفتن کان لاڳيتو روزاني “پنهنجي اخبار” ۾ سنڌ سان وفاق طرفان پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۾ ٿيندڙ ناانصافي ۽ ارسا جي هوڏ خلاف خبرون ۽ ايڊيٽوريل لکيا ويا آهن، جنهن جي ذريعي پتو پوي پيو ته سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پاڻي جي سخت اڻاٺ خلاف احتجاج جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن. پاڻي کوٽ جي انهن صدائن مون کي به مجبور ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ تي هي ڪالم لکي وفاق ۽ ارسا کي سندن ڪيل ناانصافين جو آئينو ڏيکاريان. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن وفاق سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ۽ وفاقي سطح تي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ڪئي وئي ته سنڌ جي زراعت کي تمام وڏو نقصان رسندو.سنڌ معاشي طور تباهي طرف هلي ويندي. هن وقت پاڻي کوٽ جي ڪري سنڌ جي صورتحال انتهائي ڀيانڪ بڻجي چڪي آهي. سنڌ جي بئراجن ۾ پاڻي کوٽ ڪري ڪوٽڙي بئراج وٽ 60 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي ۽ صورتحال ساڳي رهي ته اها گھٽتائي 70 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جي واهن ۽ شاخن ۾ وڏي پيماني تي پاڻي کوٽ به آهي ته ڪيترن ئي واهن ۾ اڃان تائين پاڻي به ناهي ڇڏيو ويو. اها حقيقت آهي ته سنڌ جو ڪو اهڙو ضلعو نه بچيو آهي جت پاڻي جي سخت اڻاٺ جي ڪري مسلسل احتجاج نه ٿيو هجي. حقيقت اها آهي ته سموري سنڌ پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪربلا بڻجي سراپا احتجاج ڪري رهي آهي. سنڌ اندر پوڇڙ کان وٺي مٿاهين يا اتر سنڌ تائين پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي ورڇ ۾ ٿيندڙ ناانصافين جي ڪري هارين، آبادگارن ۽ ماهيگيرن جا مسلسل احتجاج هلندڙ آهن. ايستائين جو سنڌ ۾ پاڻي جي سخت اڻاٺ جي خلاف هارين ۽ آبادگارن پاڻ کي علامتي ڦاهيون ڏنيون آهن. وفاق طرفان پاڻي جي ورڇ ۾ تمام گھڻي زيادتي ۽ ناانصافي ڪئي پئي وڃي. وفاق ۽ ارسا تي پنجاب جو اثر ۽ ڪنٽرول تمام گھڻو نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪري وفاق ۽ ارسا پاڻي جي کوٽ جو بهانو ٺاهي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو مهيا ڪيو پيو وڃي. آئون سمجهان ٿو وفاق ۽ ارسا پاران پاڻي ورڇ ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪرڻ ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ ۽ ٽيڪنيڪل چالاڪي ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ به دهشتگردي جي هڪ شڪل آهي، جيڪا دهشتگردي پنجاب ۽ وفاق سنڌ جي ماڻهن سان گذريل 70 سالن کان ڪري رهيو آهي. آئون نٿو سمجهان ته ارسا کي آئيني طور اهو اختيار آهي ته اها جڏهن چاهي پاڻي جي هٿرادو کوٽ جو بهانو ٺاهي سنڌ جو پاڻي گھٽائي پنجاب کي سندس حصي کان وڌيڪ پاڻي ڏئي سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ رڃ ۾ تبديل ڪري ڇڏي. ان کانسواءِ وفاق سرڪار ۽ ارسا جي ڳٺ جوڙ واري پاڻي جي ورڇ جي ٽه رُخي فارمولاسان رڳو سنڌ کي نقصان ٿي رهيو آهي. جڏهن ته اهو پاڻي ورڇ جو ٽه رُخي فارمولو خود سندن جوڙيل91ع پاڻي معاهدي، جنهن کي مون هميشه رد ڪيو آهي، جي پڻ ڀڃڪڙي آهي، جيڪا پاڻ ڪري رهيا آهن. اصل ۾ ارسا جي ذميواري رڳو ايتري آهي ته اها سنڌو جي سسٽم ۾ جيڪو پاڻي موجود آهي اُن کي منصفاڻي ورڇ موجب جنهن صوبي جو جيترو پاڻي قانوني طور مقرر ٿيل آهي، ان کي سنڌو جي سرشتي مان مهيا ڪري ۽ جيڪڏهن ڪنهن سال سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته اُن جو بار رڳو هڪڙي سنڌ صوبي تي وجهڻ جي بدران چئني صوبن جي گڏيل صلاح سان پاڻي جي منصفاڻي ورڇ تي عمل ڪري، پر ارسا ۾ هميشه پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي اصول جي ابتڙ پاڻي ورڇ ۾ ناانصافي کي هٿي ڏئي، پنجاب جي پاڻي چوري ۾ مدد ڪئي وڃي ٿي. جيئن تازو پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ کان جواب ڏنو ته ارسا ان جي حمايت ڪري رهي آهي. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته وفاقي حڪومت ۽ ارسا جو اهو ڳٺ جوڙ وزيراعظم جي اجلاس ۾ به واضح طور نظر اچي رهيو هو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٽه رُخي فارمولا تحت سنڌ کي پهچندڙ نقصانن جا تفصيل پيش ڪيا ويا پر اجلاس ۾ ڪو به فيصلو نه ٿي سگھيو. ان کان علاوه وفاق ۽ پنجاب جي هميشه ۽ لاڳيتو اها روايت رهي آهي ته اهي ملڪي ۽ عالمي پاڻي ٺاهن، قانونن ۽ ڪنوينشنس جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ سان ناانصفاني ڪندا آهن.
اسان کي هڪڙي ڳالھه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته دنيا جا سمورا وڏا درياءَ اصل ۾ ٽرانس بائونڊري (مختلف ملڪن ۾ محفوظ قرار ڏنل علائقا) هوندا آهن. ساڳي طريقي سان سنڌو درياءَ پڻ ٽرانس بائونڊري درياءُ آهي، جيڪوٽن ملڪن چين، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ سنڌ مان گذري آخر ۾ سنڌ ۾ سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙڪري ٿو. اها حقيقت آهي ته دنيا ۾ ملڪن اندر به رياستن ۽ صوبن جي وچ ۾ دريائن کي ٽرانس بائونڊري درياءَ چئي سگھو ٿا. اهڙي طريقي سان سنڌو درياءُ چين، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽرانس بائونڊري درياءُ آهي پر سنڌو درياءُ پاڪستان جي اندر به صوبن جي وچ ۾ ٽرانس بائونڊري يا اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم درياءَ جي حيثيت رکي ٿو. پر اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ان جي بلڪل ابتڙٿيندو آهي. جڏهن ملڪن جي وچ ۾ ٽرانس بائونڊري يا ڊائون اسٽريم جي ڳالھه نڪري ٿي ته اُتي اسان جي وفاقي حڪومت تڪڙوڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊائون اسٽريم يا لوئر ريپيرين بڻجي ٿو وڃي ۽ جڏهن ملڪ جي اندر سنڌو درياءَ جي پاڻي تي لوئر ريپيرين يا ڊائون اسٽريم جي حق جي ڳالھ ٿاڪريون ته ملڪي سالميت خطري ۾ پئجي ٿي وڃي. سنڌ کي درياءَ جو ٽرانس بائونڊري يا لوئر ريپيرين ۽ ڊائون اسٽريم سمجهي درياءَ جي پاڻي تي عالمي قانونن موجب حق کي تسليم ڪري سنڌ کي پنهنجي پاڻي جو پورو حق ڏيڻ بدران سنڌ جي حصي جو پاڻي هٿرادو کوٽ جي نالي ۾ چوري ڪيوٿو وڃي. ان کانسواءِ سنڌ جي ڊيلٽا کي هن ملڪ جو حصو بلڪل نٿو سمجهيو وڃي ۽ ڊيلٽا ۾ گھربل پاڻي نه ڇڏي ڊيلٽا جي ماحوليات ۽ پوڇڙ ۾ رهندڙ لکين ماڻهن جي حياتين کي خطري ۾ وڌو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ پنهنجي محبوب سنڌو درياءَ کي ڳوليندي لکين ايڪڙ زرعي زمينون ۽ سوين ڳوٺ ڳڙڪائيندو تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. اها حقيقت آهي ته ماضي جو خوشحال ۽ سرسبز خطو ڊيلٽا، جنهن برطانيه جي دور ۾ ڪراچي جي ميونسپالٽي کي قرض ڏنو هو، اڄ اهو علائقو هڪ بربادي ۽ ويراني جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.
پاڻي معاهدن تي جيڪڏهن ڳاله نڪتي آهي ته آئون اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ جيڪي به پاڻي معاهدا ٿيا آهن تن ۾ ڪو هڪ به اهڙو معاهدو ڪونهي جيڪو پاڻي ۽ دريائن جي ماحوليات جي بنياد ۽ پاڻي جي پائيدار استعمال تي ٿيل هجي.ان کان علاوه اهي سمورا معاهدا پاڻي جي غيرپائيدار ورڇ ۽ وڌ کان وڌ استعمال تي مبني هوندا آهن. انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دنيا جو بد ترين پاڻي معاهدو جنهن کي انڊس واٽرٽريٽي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، هيٺ ان وقت جي آمر جنرل ايوب خان 1960ع ۾ عالمي بينڪ جي دٻاءَ ۾ اچي پاڪستان جا ٽي درياءَ انڊيا جي حوالي ڪري ڇڏيا.آئون ان معاهدي کي هميشه پاڻي جو غيرجمهوري معاهدو چوندو آهيان. ان ڪري جو انڊس واٽرٽريٽي پاڪستان جي هڪ آمر ڪيو هو.ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته اهو پاڻي معاهدو غيرجمهوري هئڻ سان گڏ ماحوليات دشمن ۽ دريائن جي وهڪرن کي ڊيمن جي پويان قيد ڪري پاڻي کي غيرپائيدار طريقي سان استمعال ڪرڻ جو معاهدو آهي. ان سلسلي ۾ منهجو خيال آهي ته انڊس واٽرٽريٽي جي ذريعي انڊس ريورسسٽم تي ڊيم ۽ بيراج ٺاهي دريائن جا رخ موڙيا ويا، دريائن جي ماحوليات تباهه ڪئي وئي،خوبصورت ٻيلن کي تباهه ڪيوويو، دريائن جي ٻنهي پاسن تي آباد دريائي ماڻهن جي حياتين ۽ سندن تاريخي روزگار کي تباهه ڪيو ويو،درياءَ جي اپ اسٽريم واري صوبي پنجاب جي دريائن جي پاڻي تي بالادستي قائم ڪئي وئي.ساڳي طريقي سان پاڪستان جي صوبن ۾دريائن جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ هڪ ڪمزور ۽ ڊيمن جو حامي 91 پاڻي معاهدو جوڙيو ويو. وفاقي سرڪار ۽ پنجاب هميشه ان پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ تباھه ڪري رهيا آهن. ايستائين 91ع واري ٺاھ هيٺ ڊيلٽا کي 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڏيڻ تي هڪ ڏينهن به عمل ناهي ڪيو ويو آهي. ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته هاڻ اهو 91ع وارو پاڻي معاهدو ناڪارا ۽ مدي خارج بڻجي چڪو آهي. هاڻ هڪ اهڙي پاڻي معاهدي جي ضرورت آهي، جنهن معاهدي ۾ پاڻي ورڇ رڳو زراعت مطابق نه هجي پرسنڌو درياءَ جا رُخ موڙڻ ۽ ڊيمن جي اڏاوت تي بلڪل پابندي هجي.دريائن کي خاص طور سنڌو درياءَ کي پنهنجي آخري منزل تي پهچڻ کي يقيني بڻايل هجي. اهو پاڻي معاهدو جيڪو انڊس ريور رائٽس ايڪٽ جي نالي سان جوڙيو وڃي،جنهن هيٺ سنڌو درياءَ کي انسانذات جي حيثيت وارو قانوني حق ڏنل هجي. ان کانسواءِ نئين پاڻي معاهدي هيٺ انڊس ڊيلٽا کي پنجون حصيدار سمجهيو وڃي.