مخالف ڌر پنهنجي مقصدن ۾ ناڪام ٿي رهي آهي ؟

0
387

24 مئي واري ڏينهن تي مسلم ليگ نواز جي صدر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) کي ملاقات جي دعوت ڏني، جنهن دوران شهباز شريف پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي، جنهن تي ٻنهي پارٽين جواب ڏيڻ لاءِ مهلت گهري ورتي هئي، ان بعد ٻئي ڏينهن تي يعني 25 مئي واري ڏينهن مسلم ليگ نواز جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم ۾ اچڻ جي دعوت ڏيڻ تي اعتراض واريندي پي ڊي ايم جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي هئي،
ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز شاهد خاقان عباسي جي موقف جي حمايت ڪندي چيو هو ته “شاهد خاقان عباسي جو موقف منهنجو موقف آهي” مريم نواز جي اهڙي بيان بعد اهو مامرو ڏينهن جي روشني وانگر واضح ٿي ويو هو ته مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ مريم نواز شريف جو انهيءَ مامري تي واضح اختلاف آهي پر ان باوجود 25 مئي تي ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ مريم نواز شريف ان تاثر کي رد ڪندي شهباز شريف پاران پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي ڏنل دعوت بابت اها وضاحت ڪئي هئي ته “شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر طور پارلياماني اڳواڻن کي ملاقات جي دعوت ڏني هئي ان جو پي ڊي ايم سان ڪو تعلق ناهي”. حيرت آهي ته مريم نواز جي اهڙي بيان جي ٽن ڏينهن کان پوءِ يعني 28 مئي تي شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو موقف اختيار ڪيو جيڪو ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز پاران 25 مئي تي اختيار ڪيو هو، 28 مئي تي شهباز شريف واضح ڪندي چيو ته “پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي ملاقات جي دعوت اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ ڏني ان جو پي ڊي ايم سان ڪو تعلق نه هو”. شهباز شريف جي يوٽرن مان اهو ته واضح ٿي ويو ته مسلم ليگ نواز جي پاليسي لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ۽ پاڪستان ۾ ويٺل سندس ڌيءَ مريم نواز وٽ آهي، نااهليءَ ڪري ڀلي قانوني ۽ ڪاغذن ۾ نواز شريف ليگ جو سربراهه نه هجي پر ن ليگ ۾ فيصلا سازي جو اختيار اڃان تائين نواز شريف وٽ ئي آهي.
شهباز شريف ظاهري طور ن ليگ جو رڳو صدر آهي پر فيصلا سازي جو ان وٽ اختيار نه آهي، ان بابت ڪالهه پي ڊي ايم ۾ شامل 8 پارٽين جي قيادت کي به چڱي ريت معلوم ٿي ويو. چيو وڃي ٿو ته مسلم ليگ پاران شاهد خاقان عباسي پي ڊي ايم اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم شوڪاز نوٽيس ڏنا آهن ٻنهي پارٽين جواب ڏيڻ بجاءِ پي ڊي ايم جي تذليل ڪئي، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻنهي پارٽين کي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ چيو پر ٻنهي پارٽين جو ڪو جواب نه آيو آهي، هاڻي پي ڊي ايم کي ٻنهي پارٽين بابت فيصلو ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي پاران وضاحت يا غلطي تسليم ڪرڻ تائين ٻنهي پارٽين کي پي ڊي ايم مان ڪڍيو وڃي. پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي ان وقت پي ڊي ايم مان ڪڍڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻ ۾ رڳو هفتو 10 ڏينهن وڃي بچيا آهن، جيڪڏهن هن وقت پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم مان ڪڍيو ويو ته عمران سرڪار جي بجيٽ منظور ڪرائڻ جي حوالي سان هر مشڪل آسان ٿي ويندي. جيڪڏهن مخالف ڌر تقسيم نه ٿي ۽ جهانگير ترين گروپ جا اختلاف به ايئن برقرار رهيا ته پي ٽي آءِ سرڪار لاءِ بجيٽ منظور ڪرائڻ آسان نه آهي. مان اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحاد ۽ مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين ۾ شامل ميمبرن جي تعداد کي ڏسي ڪيان ٿو، قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي اتحاد جا ڪل 179 ميمبر آهن، جن ۾ 156 پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم 5، جي ڊي اي 3، عوامي مسلم ليگ هڪ، بلوچستان عوامي پارٽي 5، جمهوري وطن پارٽي هڪ ۽ آزاد هڪ ميمبر شامل آهن، جڏهن ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جا ڪل ميمبر 163 آهن جن ۾ 84 مسلم ليگ نواز، پ پ 56، آزاد 3، ايم ايم اي 15، اي اين پي هڪ ۽ بي اين پي مينگل جا 4 ميمبر شامل آهن، مخالف ڌر ۽ حڪومتي اتحاد جي قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جو مٿي ڏنل تعداد کي ڏسندئو ته حڪومتي ڌر جا ميمبر مخالف ڌر جي ميمبرن کان رڳو 15 وڌيڪ آهن.
جهانگير ترين سان ان کان وڌيڪ ميمبر گڏ هجڻ جو ٻڌايو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ کي سينيٽ جي چونڊن ۾ شڪست ملي هئي، اهو ئي سبب آهي جو پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ن ليگ جي مطالبي باوجود پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اجلاس بعد چيو ته پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي جي مامري تي اجلاس ۾ ڪو غور نه ڪيو ويو آهي اهي اتحاد جو حصو نه آهن، انهن وٽ اڃان به مهلت آهي اهي پي ڊي ايم سان رجوع ڪري سگهن ٿا. پي ڊي ايم بجيٽ بابت حڪمت عملي ٺاهڻ جو ٽاسڪ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي ڏنو آهي، جيڪڏهن هو مخالف ڌر کي متحد رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته ايندڙ بجيٽ جي منظوري حڪومت لاءِ آسان نه هوندي، حڪومت کي بجيٽ منظور ڪرائڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻو پوندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي وزيراعظم سان ملاقاتن جو موقعو آساني سان ملي ويندو.
انهن جون شڪايتون درو ڪرڻ جون خاطريون وزيراعظم ۽ وزيرن کي ڪرائڻيون پونديون، جهانگير ترين جي حامين لاءِ به ان موقعي مان فائدو وٺڻ جو موقعو هوندو، جيڪڏهن مخالف ڌر متحد ٿيڻ بجاءِ ڇڙ وڇڙ ٿي ته ان جو رڳو حڪومت کي فائدو ٿيندو، ڏسجي ته هن وقت تائين مخالف ڌر جي اختلافن جو حڪومت کي فائدو ۽ عوام کي نقصان ٿيو آهي. مخالف ڌر حڪومت کان عوام مٿان ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو بار گهٽ ڪرائڻ ۾ نه ڪامياب ٿي آهي نه ئي بيروزگاري ۽ مهانگائي جو سبب بڻجندڙ قدم ئي حڪومت کان واپس ڪرائي سگهي آهي. پي ڊي ايم ۾ پيپلز پارٽي اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي ان انڪار تي پي ڊي ايم ۾ شامل ٻيون پارٽيون ان مٿان ڪاوڙيل آهن ته پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين پارٽين به اسيمبلين تان اڃان استعيفائون ڏيڻ جو ڪو فيصلو نه ڪيو آهي. پي ڊي ايم 4 جولاءِ سوات ۽ 19 جولاءِ تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ ۽ 14 آگسٽ آزادي واري ڏينهن تي اسلام آباد ۾ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي ته استعيفائن کان سواءِ لانگ مارچ ۽ عدم اعتماد جي رٿن آڻڻ جي تجويز تي به زور ڏئي رهي هئي، سوال هي آهي ته ڇا جلسن سان حڪومت کي گهر ڀيڙو يا پريشان ڪري سگهجي ٿو ته ان جو جواب انڪار ۾ آهي. حڪومت پريشان اهڙي لانگ مارچ سان ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عوامي شرڪت هجي ۽ اهو لانگ مارچ واضح ايجنڊا تحت اسلام آباد اچي ۽ ان کي ڪامياب ڪرڻ جي حڪمت عملي، تياري ۽ مخالف ڌر جون پارٽيون متفق به هجن، ان لاءِ ضروري آهي ته پ پ پ ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم ۾ شموليت واري مسئلي کي هڪ پاسي ڪجي. پيپلز پارٽي سان هڪ پاسي مخالف ڌر جون پارٽيون سينيٽ ۾ يوسف رضا گيلاني کي اپوزيشن ليڊر ڪرائڻ واري طريقيڪار تي اعتراض واري سگهن ٿيون، جيڪو اعتراض جائز به هوندو ۽ پيپلزپارٽي لاءِ پنهنجي ان عمل کي جائز تصور ڪرائڻ به ڏکيو عمل هوندو، ايئن ان مامري ۾ پ پ پ کي ازالو ڪرڻ گهرجي ۽ اسيمبلين مان استعيفائون نه ٿيڻ جي بنياد تي سخت رستو اختيار ڪرڻ تي مسلم ليگ (ن) کي پنهنجي پاليسي تي سوچڻ گهرجي،
ان سان پي ڊي ايم ۾ ساهه پئجي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ پ پ پ ۽ اي اين پي جي پي ڊي ايم کان ڌار هجڻ تائين پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڪا اثرائتي تحريڪ نه جڙي سگهندي. پي ڊي ايم کي انائن جي تسڪين لاءِ ڊگهي وقت تائين غير موثر رکڻ جو ڪنهن کي فائدو ٿي رهيو آهي، واري سوال تي غور ڪجي ته شايد مخالف ڌر جي پارٽين کي ان جو احساس ٿئي پر پنهنجي پنهنجي انائن ۽ سياسي فائدي کي سامهون رکي سياست ٿيندي ته پوءِ مخالف ڌر جو اتحاد مضبوط نه ٿيندو.جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ڪردار کي موثر طور نڀائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آهي ته هن وقت جي مخالف ڌر حڪومت کان وڌيڪ بري طرح سان پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي.
ڏسجي ته جيڪو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پي ڊي ايم ٺهي آهي ۽ ان جون سرگرميون جاري رکيون پيون وڃن اهو مقصد پي ڊي ايم جي موجوده طرز عمل سان حاصل ڪري نه سگهندو،ڇو ته پي ڊي ايم جو مقصد موجوده حڪومت کي گهر موڪلڻ آهي، جيڪو مقصد ڇڙ وڇڙ پي ڊي ايم لاءِ حاصل ڪرڻ ته ناممڪن آهي پر متحد پي ڊي ايم لاءِ به اهو حدف حاصل ڪرڻ آسان نه آهي. جڏهن ته مخالف ڌر کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏجي بابت حڪومت هن وقت تائين ڪامياب رهي آهي. مطلب ته مخالف ڌر جيڪڏهن متحد رهي ته هر مامري تي حڪومت کي پريشانيءَ ۾ وجهي سگهي ٿي،باقي ڇڙ وڇڙ مخالف ڌر رڳو ڳالهين جا وڏا وڏا جهان جوڙي سگهي ٿي، وڏا خواب ڏسي سگهي ٿي، انهن جو ميڊيا ذريعي عوام اڳيان اظهار ڪري سگهي ٿي، پر انهن ارادن ۾ ڪاميابي ۽ خوابن جي تعبير مخالف ڌر کان ڪوهين ڏور رهندي، تيستائين عمران خان جي حڪومت جي مدت به وڃي باقي رهندي، ڇو ته آگسٽ ۾ عمران حڪومت 3 سال مڪمل ڪري ويندي، باقي هڪ سال بعد آخري سال ۾ هونئن ئي چونڊ تياريون شروع ٿي وينديون، آخري سال ۾ مخالف ڌر پاڻ نه چاهيندي ته عمران حڪومت جو خاتمو ٿي، ڇو ته ان سان کين وقت کان اڳ حڪومت مان ڪڍڻ جو بهانو ملندو، ايندڙ بجيٽ جي جون جي آخر ۾ منظوريءَ واري عمل تائين اهو معلوم ٿي ويندو ته اپوزيشن ڇڙ وڇڙ رهندي يا ان جي متحد ٿيڻ جو ڪو امڪان به آهي، جنهن بعد مستقبل جو منظرنامو ته واضح ٿيندو پر اسان جي ملڪ ۾ جيڪو به منظرنامو هجي اهو تبديل ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي آهي.