سوشل ميڊيا کان انڪار ڪندڙ صحافين جو بل

0
593

گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي سنڌ ۾ صحافين جي بچاءَ لاءِ هڪڙو “بل” گڏيل راءِ سان منظور ڪيو آهي. جنهن کي قانونسازي جي اڳين ڏاڪن مان پار ڪرڻ لاءِ اول گورنر ڏانهن موڪليو ويندو ۽ ان کان پوءِ قانون جي صوبائي کاتي پاران انهن تي عمل ڪرڻ جا قانون ٺهندا. ان بل جو انگريزي نالو آهي To promote, protect and effectively ensure the independence, impartiality, safety, and freedom of expression of journalists and other media practitioners.
(صحافين ۽ ٻين ميڊيائي عاملن جي آزادي ، غير جانبداري ، بچاءَ ۽ اظهار جي آزادي کي هٿي وٺائڻ ۽ ان کي اثرائتي نموني عمل ڪرائڻ )
ستن صفحن تي ٻڌل انگريزي ۾ ان بل جو پاس ٿيڻ، گڏيل نموني پاس ڪرڻ شاندار ڪم آهي، جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي سا گهٽ آهي. ان واکاڻ سان گڏ هڪ “پر..” پڻ لڳل آهي. سنڌ سرڪار هجي يا وفاقي سرڪار، اهي جيئن ته عوامي اشوز تي هاڻي ان نموني نه ٿا سوچي سگهن جنهن نموني جناب ذوالفقار علي ڀٽو کليل ڪچهرين ۾ عوامي راءِ تي سوچي سگهندو هو، ان ڪري جيڪي ڪجهه تڪڙ ۾ ڪري سگهجي ٿو اهو ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي وري ٻيهر نه سوچجي. سو ان بل سان به جيڪا “پر…” لڳل آهي، ان تي غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي.
مون هي آرٽيڪل لکيو پئي ته اسان جي دوست اويس اسلم هڪ اي ميل موڪلي ته ڪيئن هنن 2020ع کان ان بل کي آڻائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ انهن يعني “پاڪستان پريس فائونڊيشن” ( پ پ ف) ڪيتري نه جاکوڙ ڪئي آهي.
هن لکيو آهي ته
” سنڌ صوبائي اسيمبلي مان منظور ٿيل بل ، صحافين ۽ ٻين ميڊيا جي تحفظ لاءِ هڪ مضبوط ، جامع ۽ آزاد ڪميشن جوڙڻ جو طئي ڪيو ويو آهي، جنهن ڪميشن ۾ سرڪاري عملدارن سان گڏ ميڊيا اسٽيڪ هولڊرز به شامل هوندا. جهڙوڪ: پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) ، ڪائونسل آف پاڪستان نيوزپيپز سوسائٽي(سي پي اين اي) ، آل پاڪستان نيوز پيپرس سوسائٽي (اي پي اين ايس) ، پاڪستان براڊڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) ، سنڌ ڪميشن آف انفارميشن ڪميشن ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جا ميمبر ان جو حصو هوندا.“
هو لکي ٿو ته:
”انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري فيبروري 2020ع ۾ وفاقي ڪابينا ۾ صحافين ۽ ميڊيا جي ٻين ڪارڪنن کي تحفظ ڏيڻ جو بل متعارف ڪرايو آهي، ان سان گڏوگڏ پي پي ايف صحافين جي بچاءَ لاءِ قانونسازي پاس ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي.
انهن ڪوششن ۾ ايڊيٽرن ، صحافين ، وڪيلن ۽ انساني حقن لاءِ سرگرم ڪارڪنن سان صلاح مصلحت جو سلسلو شروع ڪيو ويو ۽ مسودي جي هر شق تي تجويزون حاصل ڪري مسودو وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ پاليسي پيپر شايع ڪيا ويا.
انهن پاليسي پيپرن جي ڇپائيءَ کانپوءِ ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيرن ، سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون ويون، جن پي پي ايف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته اهو بل جلد ئي لاڳاپيل ايوانن ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
سنڌ ۾ هڪ غيررسمي ڪميٽي قائم ڪري ان تي وڌيڪ مشورا ورتا ويا ان ڪميٽي ۾ سنڌ سرڪار جو انفارميشن سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر اطلاعات ، پي ايف يو جي ، ڪراچي پريس ڪلب ، سي پي اين اي ، سينئر ميڊيا استاد پروفيسر توصيف احمد خان ۽ صحافي قاضي آصف ۽ مظهر عباس شامل آهن“.
آئون اسلم اويس صاحب جي سڄي ميل ۾، ڊرافٽ بل ۾ هڪ اصطلاح ڳولڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيس، شايد انگريزي ۾ ڪنهن ٻئي نموني به لکيل هجي، سنڌي ۽ اردو ۾ جيڪي نام ڪٺيا ماڻهو گڏ ڪري انهن کان مدد ورتي ويئي اهي سڀ جو سڀ “سوشل ميڊيا” جي تحفظ کي وساري ويٺا آهن. مون ان سلسلي ۾ قاضي آصف صاحب کان پڇيو ته “ هن وراڻيو لفظ “آن لائين” ۾ اچي ويو آهي. سمجهڻ گهرجي ته جتي به آن لائين آهي، اهو سوشل ميڊيا آهي.” تنهن تي مون کيس ٻڌايو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 ۾ ته صحافين جي تحفظ جي ڳالهه موجود آهي، پوءِ هن بل جي آخر گهرج ڪهڙي هئي؟ ان آئين مان به سمجهڻ گهرجي ته صحافين جو تحفظ لکيل آهي، ۽ جي لکيل آهي ته ان جو مطلب آهي ته “تحفظ ٿي ويو“
اتي فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ اهم سنڌي اخبارن جا ناميارا ڪجهه صحافي موجود هيا. انهن جيڪي سوال اٿاريا سي پڻ هتي رکڻ لازمي آهن ته جيئن اسان کي خبر پئجي سگهي ته اهو بل رڳو سڄي صوبي لاءِ آهي يا ڪجهه علائقن لاءِ، اهو بل ڪجهه تنظيمن جو رکوال آهي يا سمورن فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جو بچاءُ پڻ ڪندو.
صحافي دوستن جو خيال آهي ته هن بل ۾ “ڪميشن” کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه اهم ناهي. پر ڪميشن تي هو گم ٿيلن جي ڪميشن ۽ ان ۾ جج جي سربراهي ءَ تي چون ٿا ته جي “جج موصوف ڪجهه ڪرڻ نه چاهيندو ته پوءِ اهي ڪميشن ۽ سندن سربراهي ڇا ڪري سگهندي”؟ هو تجويز ڏيندي چون ٿا ته هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ بل ۾ ترميم داخل ڪئي وڃي.
1. ڪنهن صحافي تي حملو ٿئي ته پوليس بنادير فرياد داخل ڪندي
2. 24 ڪلاڪن اندر ڪارروائي شروع ڪندي ۽ ڪميشن ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي
3. صحافين جي گم ٿيڻ جي صورت ۾ ذميداري سنڌ سرڪار کڻي ۽ وفاقي ادارا هن کي بازياب ڪرائڻ ۾ سهڪار ڪن.
4. ڪنهن به واقعي يا حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي جي علاج لاءِ سڀئي خرچ صوبائي سرڪار برداشت ڪندي.
ان ڪميشن جي بناوٽ تي پڻ غور ڪرڻ گهرجي ۽ وري ان کي ٻيهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪجي. جيڪي اعتراض آهن سي نوٽ ڪجن ۽ ان کي عملي طور بهتر بنايو وڃي.
( الف) ڪميشن ۾ لکيو ويو آهي ته صحافين مان صرف پي ايف يو جي ميمبر طور شامل هوندي، پر اهو نه لکيو ويو آهي ته 4 گروپن مان ڪهڙو گروپ ان جو ميمبر هوندو؟
(ب) صحافين جي تحفظ جي ڪميشن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص جا نمائندا شامل ڪري ان کي صوبائي حيثيت ڏني وڃي. جيڪڏهن ان کي سڄي سنڌ جي بل طور ڪتب آندو ويندو ته ان جا فائدا به اوترا پوندا.
(ت) ميڊيا ڪميشن ۾ ٽن ميڊيا صنعت جي ٽن مالڪن جي تنظيمن جهڙوڪ: اي پي اين ايس ، پي بي اي ، سي پي اين اي کي ڪميشن ۾ نمائندگي ڏني وئي آهي، جڏهن ته پاس ڪيل بل ۾ صحافين جي رڳو هڪ تنظيم شامل هوندي.
(ث) ڪنهن صحافي سان ظلم ٿئي ته ان جي گهرڀاتين جي بچاءَ لاءِ هن بل ۾ مڪمل سوچ پڻ داخل ڪجي.
هن بل تي اڃان بحث ٿيڻو آهي، منهنجي سڄي سنڌ جي عملي رپورٽن کي گذارش آهي ته اهي پڻ هن ۾ بحث وٺن.