سنڌ ۾ سياسي انتشار کان پاسو ڪرڻ گهرجي

0
303
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ هن وقت جنهن ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي اهڙي وقت ۾ سنڌ ۾ سياسي ماحول اهڙوهئڻ گهرجي جو سڀئي سياسي پارٽيون هڪٻئي سان نظرياتي اختلاف رکندي به سياسي انتشار طرف نه وڌن. سنڌ ۾ سياسي انتشار سنڌ جي مجموعي نقصان طور سامهون ايندو ۽ سنڌ خلاف جيڪي سازشون ٿي رهيون آهن انهي کي روڪڻ ۾ ڪاميابي نه ملي سگهندي. ماضي ۾ هڪٻئي جون سخت نظرياتي مخالف پارٽين جا ڪارڪن به هڪٻئي سان گڏ ويهي بحث ڪندا هئا،پر جڏهن کان نظرياتي سياست پوئتي پير ڪيا آهن ته مفادن جي سياست اهڙو ڪيڊر پيدا ڪيو آهي جيڪو دليل بدران  مخالف ڪارڪنن کي  گهٽ وڌ ڳالهائي يا انهن جي پروگرامن تي حملا ڪري پنهنجي مخالفت ظاهر ڪري ٿو. ويجهڙ ۾ اهڙا ڪجهه واقعا ٿيا آهن جيڪي ڪنهن به ريت سنڌ جي مجموعي مفاد ۾ ناهن.

ٻه ڏينهن اڳ نوابشاهه ۾ ٻن سياسي ڌرين جي ڪارڪنن جي آمهون سامهون ٿيڻ تي جهيڙو ٿي پيو جنهن جو ڪيس رڳو هڪ ڌر جي 79 ڪارڪنن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ان کان اڳ به بحريه خلاف ڌرڻو هڻندڙ هزارين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا جن مان ڪجهه اڳواڻ ضمانتن تي آزاد آهن ته ڪيترائي ڪارڪن اڃان تائين جيلن ۾ بند آهن. جمهوري حڪومت ۾ ماڻهن کي پنهنجي احتجاج يا آواز اٿارڻ جي آزادي هوندي آهي جيڪڏهن ڪنهن سياسي ڌر جو اڳواٽ احتجاج رٿيل هو ته اتي وڃي ٻي مخالف ڌر کي احتجاج ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سياسي مخالفن جي هجوم جي صورت ۾ آمهون سامهون ٿيڻ سان هميشه ڇڪتاڻ جو خطرو رهي ٿو. اهو ئي ٿيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي رٿيل احتجاج دوران حڪمران پارٽي جي ڪارڪنن جي سامهون اچڻ سان ڇڪتاڻ ٿي ۽ جهيڙو ٿي پيو، وري ڪيس رڳو هڪ ئي ڌر جي ڪارڪنن تي داخل ڪيا ويا جيڪا زيادتي آهي. ڇاڪاڻ ته صوبي ۾ سياسي ماحول بهتر بڻائڻ سڀني ڌرين جي ذميواري ته آهي پر سڀ کان وڌيڪ انهي پارٽي جي آهي جيڪا صوبي ۾ حڪمران به آهي ته  وڏي جمهوري پارٽي هجڻ جي دعويدار به آهي. هڪ طرف انهي حڪمران پارٽي جا اڳواڻ سنڌ جي مسئلن تي قومپرست قيادت سان ملاقاتون ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف وري انهن ئي قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جنهن سان ڪنهن به ريت ڪو اتحاد يا ڪجهه مسئلن تي گڏجي احتجاج ڪرڻ وارو ماحول نه ٺهي سگهندو،ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪيس انهن ٻنهي  ڌرين ۾ اڳواٽ پيدا ٿيل بدگمانين کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سنڌ هن وقت مختلف خطرن هيٺ آهي،وفاقي ادارن مان سنڌ سان لاڳاپيل هزارين ماڻهو بيروزگار ڪيا ويا آهن ،سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه ٿو ملي،سنڌ ۾ افغاني پناهگيرن جي اچڻ جو خطرو آهي،سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي نظر آهي،لکين ڌاريا غير قانوني ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺهرائي چڪا آهن.وفاقي کاتن ۾ نوڪرين تي سنڌ کي ڪوٽا موجب حصو نه ٿو ملي.وفاق جي ترقياتي پروگرامن ۾ سنڌ جو حصو نه هئڻ برابر آهي،سنڌ جي وسيلن تيل گئس ڪوئلي جي سڄي ڪمائي وفاق کڻي ٿو وڃي ۽ موٽ ۾ سنڌ کي اين ايف سي ۾ طئه ٿيل حصو به نه ٿو ملي. اهي ۽ ٻيا کوڙ اهڙا مسئلا آهن جن تي سنڌ جي سياسي ڌرين کي گڏجي وفاق کان پنهنجا حق وٺڻا آهن اهڙي وقت ۾ سنڌ ۾ سياسي انتسار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنهن به ريت سنڌ دوستي نه ٿي چئي سگهجي.

اسان سمجهون ٿا ته اها سنڌ سرڪار جي ذميواري آهي ته اهڙين حرڪتن کان پاسو ڪيو وڃي جن سان صوبي ۾ سياسي انتشار جو خطرو پيدا ٿئي.پنهنجي، پنهنجي سياسي نظرين تي هلندي هڪٻئي سان اختلاف ته ڪري سگهجي ٿو پر اختلاف ڪندڙ سياسي ڪارڪنن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ ڪنهن به ريت مناسب ناهي،  جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن به پارٽي جي ڪارڪنن ڪو غلط عمل ڪيو آهي ته ان کي به ويهي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو  پر اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جنهن سان سياسي انتشار پيدا ٿئي ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ حڪمران پارٽي تي وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته صوبي ۾ امان امان ۽ پرامن ماحول برقرار رکڻ اول ۽ آخر ان جي ئي ذميواري آهي.