ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن اهلڪارن پاران سي آءِ اي انچارج تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ جو الزام

0
215
ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن اهلڪارن

ڪنڌڪوٽ (ن پ ا)  ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن اهلڪارن پاران  سي آءِ اي انچارج تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ جو الزام ھنيو ويو آھي، پوليس اهلڪارن غلام ياسين ڀنگوار  ۽ رحيم داد پاران الزام لڳائڻ واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي، غلام ياسين ڀنگوار جو چوڻ آھي تھ سي آءِ اي انچارج اياز کيڙو بيگناهه  تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو هو.

اھلڪار رحيم داد الزام ھڻندي چيو تھ سي آءِ انچارج اياز کيڙو گارگند  ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو  بڻايو، جڏھن تھ ايس ايس پي امجد شيخ چيو آھي تھ معاملي جي جاچ ڪريان ٿو، ڪنهن سان به ناجائزي ٿيڻ نه ڏيندس.