پي ڊي ايم جو اعلانِ مزاحمت يا مجبوري

0
359
ڇا عمران خان سيڪورٽي رسڪ پيو ٿئي؟

ڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ڪجھه مهينن جي ڊگھي خاموشي ٽوڙي 29 آگست تي ڪراچيءَ ۾ جلسو ڪيو جنهن جو هڪ مقصد هي ٿي سگھي ٿو ته حڪومت جي ان طنزيا تنقيد جو جواب هجي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا چاڪليٽي دانشور ۽ حڪومتي وزير يا خود وزير اعظم عمران خان پي ڊي ايم تي تنقيد ڪندي اها ئي ٺٺول ڪئي ته هي چون چون جو گڏيل اتحاد اها طاقت ئي نٿو رکي  ته حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪري سگھي ۽ ٻيو ورجائي طنز اها ڪئي وئي ٿي ته هي ڪرپشن بچايو دٻاءُ وجهندڙ اتحاد آهي جيڪو ڪجھه وقت ۾ ئي ٽانءِ ٽانءِ فش ٿي ويندو. اتحاد جي فريم مان پ پ پ ۽ اي اين پي جي نڪرڻ کان پوءِ حڪومتي نيريٽو وڌيڪ طاقتور ٿيڻ جو تاثر اڀاريو ويو  مولانا مايوس ٿيندي ڪافي پوئتي هٽي ويو هو،  ن ليگ ۾ اندورني تضاد شهباز شريف جي حوالي سان اهو تاثر اڀاري رهيا هئا ته هو يعني شهباز شريف ڪنهن به صورت ۾ مزاحمت جو رستو اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. مريم نواز ۽ نواز شريف جي سخت موقف سان معذرت خوانا ۽ پولائيٽ قسم جو اختلاف ئي رکي پيو . اهڙو بيان ڪشمير اليڪشن کان پوءِ شهباز شريف جو ميڊيا جي زينت به بڻيو، جنهن ۾ پارٽيءَ جي مزاحمتي نيريٽو کي هن نقصانڪار سڏيو هو پر هاڻي ن ليگ شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحاد جي اندر سرگرم ٿي ڏيکاري ٿي ته هن جي اندر ڪي خاص اهڙا تضاد ناهن جو صورتحال کي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪڍي ڇڏين. تڏهن هي جلسو آرگنائيز ڪري حڪومت جي ان تاثر کي ڪمزور ڪرڻ جي نه رڳو ڪوشش ڪئي وئي پر مولانا جي تقرير ۾ جيڪا جذبات ۽ تنقيد سامهون آئي اها رڳو اها نه هئي ته هن اسلام آباد مارچ جو اعلان ڪرڻ جو فيصلو ورجايو پر هن روڊ ڪاروان جي تحريڪ جو به اعلان ڪيو. ها هن اهو اعلان نه ورجايو ته تحريڪ کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هر ضلعي جي اندر جلسا ۽ جلوس ڪڍيا ويندا جيڪو پهريان اعلان ڪيو ويو هو شايد ان تي پوري طرح عمل نه ٿيڻ جي ڪري  اها حڪمتِ عملي ترڪ ڪئي وئي .پر مولانا پوري جوش ۾ اچي ڪري اهو ضرور چيو ته هاڻي انقلاب آڻڻ کان سواءِ ٻيو رستو ناهي.

هن جلسي جو ٻيو مقصد ڪراچيءَ ۾ ڪرڻ جو هي به ٿي سگھي ٿو ته پ پ پ کي هي پيغام ڏجي ته توهان جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به اسان سنڌ ۾ طاقت رکون ٿا ۽ ان طاقت جو مظاهرو ڪنهن حد تائين ڪراچيءَ ۾ ڪيو ويو. توڙي جو اهو وڏو تاثر ناهي جو پي ڊي ايم ڪراچيءَ ۾ مضبوط ۽ طاقتور جلسو نٿي ڪري سگھي، اسان سڀنيءَ کي خبر آهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون ڪراچي جي اندر پنهنجي نسلي ۽ قومي بنيادن کان سواءِ سياسي طاقت به رکن ٿيون  ۽ انهيءَ جو مظاهرو ٿيو پر ڇا هن جلسي کان پوءِ پي ڊي ايم ان منزل تي پهچي سگھي ٿي جنهن جو اعلان باربار ڪيو ويندو آهي ته اسلام آباد جو مارچ حڪومت جي تابوت ۾ آخر ڪوڪو ثابت ٿيندو. پاڻ هي نه پيا ورجايون ته مولانا يا نواز شريف جي ذهن مان پنڊيءَ جي خلاف غصو ۽ ناراضگي ۾ ڪجھه گهٽتائي  به آئي آهي يا مصلحتن ۽ مجبورن خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. توڙي جو مولوي صاحب جي تنقيد ۾ شڪايتي انداز ساڳيو ئي برقرار آ پر پاڻ صرف هي ڏسنداسين ته پي ڊي ايم جو هي اعلان يعني ريليون ۽ اسلام آباد مارچ مزاحمت آهي يا مجبوري؟ ن ليگ جي صدر شهباز شريف ڪراچيءَ جي صورتحال تي جيڪو افسوس جو اظهار ڪيو يا مستقبل ۾ ڪراچيءَ کي خوبصورت بڻائڻ جو ورجاءُ ڪيو پاڻ ان کان هٽي ان جي جدوجهد جي بياني انداز کي ڏسنداسين جنهن ۾ هن چيو ته “ اسان مولانا جي قيادت ۾ لکن ماڻهن سان گڏجي اسلام آباد لاءِ مارچ ڪنداسين مولانا قرآن شريف جو ورد ڪندو هلندو ۽ اسان هن سان گڏ هلنداسين حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪري پوءِ واپس وربو” باقي ساڳيو ئي ورجائي انداز رهيو. پاڻ شهباز شريف جي ان بيان تي جيڪڏهن ڪيفيتي انداز ۾ سوچينداسين ته آسانيءَ سان سمجھي سگھون ٿا ته هو ڪهڙي لب ۽ لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو. يقينن مولانا صاحب ورد ۽ وظيفا يا قرآن پاڪ جون آيتون پڙهندو ويندو اهو عمل هن ان وقت به ورجايو هو.

جڏهن هن اڪيلو پارٽي جو اعلان ڪري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو. محمود خان اچڪزئي کان سواءِ شايد ئي ڪو هن سان گڏ هو ۽ پ پ پ ن ليگ ٻئي شرڪت ۾ ايترو آيا جو هو همدرديءَ جا چار لفظ چئي اظهار يڪجهتي صرف ايتري ڪئي ته اسان هن ڌرڻي جي حمايت ڪيون ٿا باقي خير شير ۽ پوءِ مولانا جي اميد مايوسين ۾ بدلجندي چوڌرين جي دعوت کان پوءِ واپس ورڻ تي مجبور ٿيو. هو اهو ضرور چوند رهيو  آهي ته اسٽيبلشمينٽ کيس يقين ڏياريو هو ته جلد عبوري سيٽ اپ قائم ڪري اليڪشن ڪرائي ويندي ۽ ان پڪ ڏيڻ کان پوءِ مولانا چيو ته مان واپس وريس. توڙي جو مولانا کي اها خبر آهي  ۽ هن کي هي پنجاب جو گيت به ياد هوندو “ لائي بيقدرا نال ياري ، ٽٽ گئي تڪڙ ڪر ڪي ” نه رڳو اها ياري ٽٽي وئي پر مولانا الزام تراشين جا تير به برداشت ڪيا اهو زخم اڃان به هن جي سيني تي آهي ۽ جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن رت ٽپڪي ٿو.

انهيءَ ڪري مولانا جو نيريٽو ڪڏهن به پنڊيءَ تي تنقيد ڪرڻ کان خالي ناهي رهيو پر ن ليگ هاڻي جيڪو نظر پيو اچي ته مريم نواز  کي ڪجھه موڪل ڪرائي شهباز شريف کي سرگرم ڪري اڳتي وڌايو آهي ۽ وري مارچ جو اعلان ڪندي پي ڊي ايم کي سرگرم ڪرڻ لاءِ قدم اڳتي وڌايا آهن ڇا هي پي ڊي ايم جا ٽوٽل ليڊر صاحبان اهو سمجھي نٿا سگھن ته احتجاجي مارچ ان وقت تائين طاقتور ناهن ٿيندا جيستائين انهن کي مزاحمت جي رستي مان گذاريو نه وڃي. رستن جون ريليون مزاحمت جي لاءِ اها رت نٿيون گرمائين جيڪا مزاحمت جيل ڀريو تحريڪ جو صورت ۾ پرامن هجڻ جي طاقت سان اڳتي وڌندي آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ اهوئي هٿيار ايترو طاقتور ٿيو جو ضياءَ صاف لفظن ۾ چيو هو ته جي ڪشتي ٻڏي ته ان ۾ مان اڪيلو سوار ناهيان. انهيءَ کان پهريان هندستان ۾ ڪانگريس جي برطانيا سرڪار سان جيڪا فرينڊلي ڊيلنگ هوندي هئي يا هو مطالبن جو چارٽ کڻي وائسراءِ جي درٻار ۾ ويندا هئا ان پوري معذرت خوانا مزاج کي گانڌيءَ جي پر امن مزاحمتي تحريڪ ٽوڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو ۽ ان پر امن مزاحمتي تحريڪ جو بنياد جيل ڀريو تحريڪ هئي. باقي شين جو بائيڪاٽ يعني برطانوي شيون ڪپڙا وغيره جو بائيڪاٽ ايڏ وڏو اثر ڇڏيندڙ نه هو. لوڻ ٺاهڻ جي تحريڪ به حب الوطني جي سرگرمي جي صرف شروعات هئي پر تحريڪ ۾ طاقت جيل ڀريو موومينٽ سان ٿي، هي پر امن مزاحمت جو سڀ کان وڏو طاقتور هٿيار آهي. هڙتالن روڊ بند ڪرائڻ ۽ سول نافرمانيءَ ۾ ٽيڪس نه ڏيڻ اهي سڀ بهترين هٿيار آهن پر ڊگھي عرصي تائين اها جدوجهد هلڻ انتهائي مشڪل هوندي آهي. مزاحمت جي تحريڪ ۾ ٻي ڊگھي ۽ اڻ کٽ مزاحمت گوريلا جنگ جي صورت ۾ هجي ٿي جيڪو هن وقت غير ملڪي حڪومتن جي خلاف ته هلائي سگھجي ٿي پر پنهنجي ملڪ جي اندر اها تحريڪ دهشتگرديءَ جي اثرن ۾ اچي ڀتاخوري جي گرفت ۾ اچي ٿي وڃي، جيئن هندستان جي نڪسلائيٽ تحريڪ هن وقت ان ساڳئي ڪلچر مان گذري پئي. پي ڊي ايم کي جيڪڏهن انقلابي مارچ کي ڪامياب ڪرڻو آهي ته ان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو مزاحمت جي طاقت پنهنجي تحريڪ ۾ داخل ڪري، ٻي صورت ۾ هي ميلائي انداز سان وڌندڙ مارچ ڌرڻن کي ديرپا ڪري نه سگھندا. ها ايترو ضرور ٿيندو ته ڪجھه وقت اهو ميلو هلي جنهن جو ڪو به اثر يعني وڏو اثر اسلام آباد سرڪار تي پئجي نٿو سگھي. ها اهو ضرور ٿي سگھي ٿو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي ياريءَ مان ٿڪجي چڪي آهي ته پوءِ انهيءَ کي ڪجھه ڪرڻ لاءِ هڪ سبب ۽ دليل ضرور ملندو. باقي هي پاڻ سمجھي سگھون ٿا ته ن ليگ جيڪا هن اتحاد ۾ وڏي جماعت آهي انهيءَ جو هن وقت نيريٽو يعني شهباز شريف جو انداز بيان هي چٽيءَ طرح ٻڌائي ٿو ته هو ڪنهن به طرح سان طاقتور مزاحمت جو حامي ناهي. هي اسلام آباد لاءِ مارچ ڪرڻ ۾ مولانا جي دعائن جو طالب انتهائي مجبوريءَ مان قدم وڌائڻ تي تيار ٿيو آهي. پاڻ هي به سمجھون ٿا ته اهو ساڳيو انداز نواز شريف کان مريم تائين حڪمتِ عمليءَ جي صورت ۾ رهندو آيو آهي جو هنن سخت بيان ۽ تنقيد ته ڪئي آهي پر مزاحمت جو فيصلو ڪڏهن به ناهن ڪري سگھيا ۽ نه ڪرڻ انهن جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. انهيءَ تي پاڻ پهريان به تفصيلي بحث ڪري چڪا آهيون ته هن ملڪ ۾ هڪ رياستي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اسٽيٽس ڪو کي قائم رکڻ ۾ سختيءَ سان عمل ڪندي نظر ايندي ته ٻئي طرف هن ملڪ جي اندر هڪ ٻي اسٽيبلشمينٽ ( پاڻ هي اصطلاح پهريون ڀيرو استعمال ٿا ڪريون ) جيڪا سياسي پارٽين تي قابض  اسٽيبلشمينٽ آهي جيڪا پوري موجود اسٽيٽسڪو ۾ موجود پنهنجي گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي تنهن ڪري اسان پي ڊي ايم جي جدوجهد کي اهو ئي سمجھنداسين ته اهو اعلان مزاحمت کان وڌيڪ مجبوري جي صورت ۾ نظر ٿو اچي ته جيئن ڪجھه نه ڪجھه ڪجي ته ڪا راھه نڪري.