ملازمن ۽ صحافين جو مستقبل ۽ سپريم ڪورٽ

0
238

سپريم ڪورٽ پاران پيپلز پارٽي جي دور ۾ منظور ٿيل “سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ”  تحت بحال ٿيل ملازمن  جون نوڪريون ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڏنل فيصلي کان پوءِ متاثر ٿيندڙ ملازمن ۾ بي چيني واري صورتحال پيدا ٿيل  آهي. اطلاع اهي آهن ته مختلف ادارن ۽ وزارتن مان ان فيصلي سبب متاثر ٿيندڙ ملازم گڏجاڻيون ڪري ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اچڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، جيڪي اطلاع ملي رهيا آهن انهن مان ايئن لڳي رهيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ خلاف آيل فيصلي تي سنڌ جا ناميارا قانوندان ملازمن جو ڪيس وڙهڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي نظر ايندا. بحرحال سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي تي وفاقي حڪومت پاڻ کي عملدرآمد ڪرڻ جو پابند قرار ڏنو آهي، اهو ئي سبب آهي ته مختلف ادارن مان هاڻي ملازمن کي ڪڍڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي.

ڏسجي ته سيڪڊ ايمپلائيز وارو مامرو ڪهڙي طرف وڃي  ٿو، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مشير عالم جنهن پنهنجي رٽائرمينٽ واري آخري ڏينهن تي اهو فيصلو جاري ڪيو، ان فيصلي اچڻ کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان کي سامهون رکجي ته سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ تحت جيڪي به بحال ٿيل ملازم هئا انهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ برطرف ٿيل ملازمن جو وڏو تعداد روزانو جي بنياد تي چڪر ڪاٽي رهيو آهي، انهن جي اها ڪوشش آهي ته 17 آگسٽ تي جاري ڪيل فيصلي کي واپس وٺڻ لاءِ قانوني طور جنگ وڙهجي، ان ڏس ۾ خاص طور تي ان شيءَ جو ضرور ڌيان رکيو پيو وڃي ته جيڪي ملازم رٽائر ٿي ويا آهن ۽ جيڪي رٽائرمينٽ جي ويجهو آهن انهن جو مستقبل ڇا ٿيند؟

جن ملازمن کي سرڪاري نوٽيفڪيشن ذريعي ادارن مان ڪڍيو پيو وڃي انهن ملڪ جي جن ناميارن وڪيلن سان رابطا شروع ڪيا آهن انهن ۾ اعتزاز احسن، لطيف کوسا، افتخار گيلاني، وسيم سجاد، رضا رباني سميت ٻيا وڪيل شامل آهن،  انهن سمورن ملازمن کي اهو مشورو ڏنو آهي ته اهي 3 رڪني بينچ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل نه ٿا ڪري سگهن، ان فيصلي تي صرف اهي ڌريون نظرثاني جون اپيلون داخل ڪري سگهن ٿيون جيڪي انهن درخواستن ۾ سڌو سنئون متاثر ٿيا هئا، باقي ان فيصلي تحت جيڪي 16 هزار ملازم فارغ ٿي رهيا آهن انهن کي نئين سر آئيني درخواست داخل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. امڪان اهو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سمورا ناميارا وڪيل نئين سر آئيني درخواست ايندڙ هفتي تائين سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏيندا. جنهن ۾ اهو موقف اختيار ڪري سگهجي ٿو ته 3 رڪني بينچ پاران جيڪو فيصلو ڏنو ويو اهو غير آئيني ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جڏهن اهي درخواستون داخل ڪيون ويون ته سپريم ڪورٽ جي قائدن ۽ ضابطن مطابق رجسٽرار آفيس انهن درخواستن کي انٽرٽين ڪندي ۽ انهن تي ٻڌڻي جو فيصلو چيف جسٽس ڪندو پر هن وقت ڏسجي ته جيڪي 16 هزار ملازم اسٽيڪ تي اچي ويا آهن انهن جو في الحال مستقبل اونداهو نظر اچي ٿو. انهن ملازمن کي گهرجي ته هو پنهنجي قانوني جنگ ضرور وڙهن پر ان حوالي سان ناميارا وڪيل ڪن ته جيئن انهن جو ڪيس عدالت ۾ بهتر طريقي سان وڙهي سگهجي.

سپريم ڪورٽ ۾ جتي سيڪڊ ايمپلائيز وارو مامرو بحث هيٺ آهي اتي گذريل هفتي صحافين کي حراسان ڪرڻ خلاف درخواست به بحث هيٺ رهي آهي. 22 آگسٽ جمعي ڏينهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال مندوخيل تي ٻڌل 2 رڪني بينچ جنهن طريقي سان صحافين کي حراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ان تي سپريم ڪورٽ اندر هڪدم هلچل مچي وئي. 22 آگسٽ واري ڏينهن شام جو اهڙي آرڊر جو جائزو وٺڻ لاءِ وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر ۽ ٻين جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال مندوخيل تي ٻڌل 2 رڪني بينچ جيڪو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي اهو سپريم ڪورٽ جي قائدن ۽ ضابطن جي خلاف آهي، اهڙو سلسلو جيڪڏهن جاري رهيو ته عوام جو پسند ۽ ناپسند وارو سلسلو شروع ٿي ويندو. ان حوالي سان ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته وقتي چيف جسٽس فوري طور تي مشاورت کان پوءِ پنهنجي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ جوڙي، ان پنج رڪني لارجر بينچ 25 ۽ 26 آگسٽ تي جنهن طريقي سان ٻڌڻيون ڪيون ۽ انهن ۾ اهو فيصلو ڏنو ته 2 رڪني بينچ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي قائدن ۽ ضابطن مطابق صحيح ناهي ان کي واپس ورتو وڃي ٿو ۽ صحافين جي جيڪا حراسان ڪرڻ خلاف درخواست آهي ان تي ٻڌڻي لاءِ مامرو چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو ويو. 5 رڪني لارجر بينچ پاران ڏنل فيصلي تي وقتي چيف جسٽس فوري طور جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس قاضي امين تي ٻڌل 3 رڪني بينچ جوڙي جنهن 30 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ 3 درخواست گذار جيڪي صحافي به آهن انهن پنهنجون درخواستون واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي 3 رڪني بينچ سخت ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ اهي ريمارڪس ڏنا ويا ته اوهان بيشڪ  هن ڪارروائي جو حصو نه بڻجو پر اسان هن بنيادي انساني حقن واري مامري جي ٻڌڻي ضرور ڪنداسين. جنهن کان پوءِ ان جي ٻڌڻي ٿي ۽ بعد ۾ صحافين پاران لکت ۾ درخواستون واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ انهن عدالتي رويي  مٿان سخت تنقيد ڪئي. ان دوران 2 رڪني بينچ جي سربراهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ به 5 رڪني بينچ جوڙڻ واري مامري تي خط لکي اهو موقف اختيار ڪيو ته اها 5 رڪني بينچ مانيٽرنگ بينچ طور قائم ڪئي وئي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو خط پنهنجي جاءِ تي پر 5 رڪني بينچ جو اڪثريتي راءِ سان ڏنل فيصلو 2 رڪني بينچ جي فيصلي کي ختم ڪري چڪو آهي ان ڪري هاڻي صحافين کي حراسان ڪرڻ وارو ڪيس سپريم ڪورٽ پنهنجي سر هلائي رهي آهي، جڏهن ته ان ۾ ڪو به درخواست گذار موجود ناهي. انهيءَ دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  سپريم ڪورٽ جي ترجمان ذريعي هڪ بيان جاري ڪرايو ته سندس گهرواريءَ کي  ڪليون (ٿائيراڊ گلينڊس) ٿي پيون آهن، ان جو علاج ڪرائڻ لاءِ هو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو، هو ان علاج جو سمورو خرچ سرڪاري خزاني بجاءِ پنهنجي کيسي مان ڪندو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اهڙي جاري ڪيل بيان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 17 ججن ۾ ورڇ پيدا ٿي چڪي آهي، بظاهر اهو نظر اچي رهيو آهي ته 3 جج هڪ طرف ۽ 14 جج هڪ طرف آهن، اخلاقي طور ڏسجي ته وڪيل انهن ٽن ججن سان گڏ آهن جيڪي باقي 14 ججن سان اختلاف رکن ٿا، وڪيلن به ان صورتحال جو مڪمل فائدو وٺندي 9 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ ٻاهران ججن جي مقرري واري مامري کي اٿارڻ جي لاءِ مظاهري جو اعلان ڪيو آهي. وڪيلن جي اهڙي اعلان کان پوءِ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر رجسٽرار کي 2 خط لکي آگاهي ڏني آهي ته ملڪ جا سمورا وڪيل جوڊيشل ڪميشن ۽ ان جي ميمبرن جي رويي خلاف شاهراهه دستور تي گڏ ٿيندا، انهن جي پرامن مظاهري ۾ ڪا به رنڊڪ پيدا نه ڪئي وڃي. ان صورتحال ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد خان سمجهداري وارو ڪردار ادا ڪندي پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن کي خط لکي درخواست ڪئي آهي ته سمورا وڪيل جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري بابت پنهنجو موقف ڏين ته جيئن ان موقف کي 9 سيپٽمبر تي ٿيندڙ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پيش ڪري سگهجي، تيستائين هو ڪو به احتجاج نه ڪن. اٽارني جنرل جي اهڙي خط کي في الحال وڪيلن جي تنظيمن رد ڪري ڇڏيو آهي پر اهو گهڻي قدر امڪان نظر اچي رهيو آهي ته پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لکت ۾ پنهنجون سفارشون اٽارني وٽ جمع ڪرائين پر ان سان گڏوگڏ پنهنجو اعلانيل پرامن احتجاج جاري رکندا.  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خط کي سامهون رکجي ته ان ۾ لکيل لفظ بيشڪ سندس گهرواريءَ بابت آهن پر اهڙي موقعي تي جڏهن چيف جسٽس گلزار احمد بظاهر گرمين جون موڪلون گذارڻ لاءِ آمريڪا ويل آهي انهيءَ عرصي دوران هن پنهنجي گهرواريءَ جو علاج پنهنجي خرچ تي ڪرائڻ جو ذڪر ڪندي دٻيل لفظن ۾ اهو پيغام ڏنو آهي ته سرڪاري خرچ تي جيڪي پرڏيهه وڃي علاج ڪرائي رهيا آهن اهو صحيح عمل ناهي. هن وقت تائين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پرڏيهه روانو ناهي ٿيو پر ذريعا اهو ٻڌائين ٿا ته هو ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجي گهرواريءَ جو علاج ڪرائيندو، جڏهن ته سندس اهڙن جاري ڪيل بيانن جو سپريم ڪورٽ جا باقي جج جائزو وٺي رهيا آهن ته سپريم ڪورٽ جي ججن کي علاج ڪرائڻ جي جيڪا سرڪاري سهولت موجود آهي ان تي دٻيل لفظن ۾ تنقيد نه ڪئي وڃي ۽ ان مامري تي جسٽس فائز عيسيٰ وڃي وقتي چيف جسٽس سان ملاقات به ڪئي  آهي. ٻئي طرف اهو موقف به سامهون اچي رهيو آهي ته جنهن طريقي سان 5 رڪني لارجر بينچ پنهنجو فيصلو ڏنو اهو فيصلو صرف ان لاءِ ڏنو ويو ته کين اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته ڪو نئون مامرو سامهون نه کڻي اچي، جنهن جو مثال اهو ڏئي سگهجي ٿو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پشاور ۾ دڪانن جي ڪيس ۾ ڪي پي  اندر بلدياتي نظام تحت چونڊون نه ڪرائڻ وارو مامرو کڻي آيو ۽ ان تي ٻڌڻي ڪئي، ان سموري صورتحال کي حڪومت به جاچيندي رهي.  حڪومت جي اهم وزيرن ان وقت سک جو ساهه کنيو جڏهن 5 رڪني لارجر بينچ جو فيصلو آيو، حڪومت کي اهو خوف هو ته صحافين جي درخواست تي جيڪڏهن ٻڌڻي 2 رڪني بينچ جاري رکي ته هو حڪومت پاران پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت تيار ڪيل بل تي  ٻڌڻي شروع نه ڪري، في الوقت 2 رڪني بينچ جو فيصلو معطل ٿيڻ ڪري حڪومت کي رليف ملي چڪو آهي پر امڪان واضح آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي واري بل کي ڪنهن به وقت سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو، پر اهو يقين آهي ته ان بل کي چئلينج ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شامل نه هوندو.