اليڪشن ڪميشن کي 15 ڏينھن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ جو حڪم

0
394

ڪراچي (رپورٽ: نذير ميمڻ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽  حيدرآباد ڊويزنز ۾ مڪاني چونڊون  ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

عدالت جماعت اسلامي ۽ پي  ٽي آءِ  جي درخواستن تي فيصلو  جاري ڪري ڇڏيو آھي، عدالت اليڪشن ڪميشن کي  حڪم ڏنو ته چونڊن جو شيڊول  جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چوڻ آھي تھ سنڌ سرڪار سڪيورٽي لاءِ  نفري فراهم ڪري، جڏھن تھ عدالت چونڊن ۾ دير ٿيڻ بابت  داخل ڪيل سموريون درخواستون  منظور ڪري ورتيون

سنڌ ھاءِ ڪورٽ لکت ۾ جاري فيصلي ۾ چيو آھي تھ اليڪشن ڪميشن 60 ڏينهن اندر مڪاني چونڊن لاءِ تياريون مڪمل ڪري

لکت  واري فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ عدالت اليڪشن ڪميشن کي مجبورنه ٿي ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن 3 ڊسمبر تائين مڪاني چونڊن بابت شيڊول جو اعلان ڪري

اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي حوالي سان 60 ڏينهن اندر سمورا انتظام مڪمل ڪري، مڪاني چونڊ جي تاريخ جو اعلان ٻن مهينن اندر ٿيڻ گهرجي

سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي سميت سموريون سهولتون ڏيڻ لاءِ پابندي آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ٻن ھفتن اندر ڪرائڻ جي خاطري