ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ٻن ھفتن اندر ڪرائڻ جي خاطري

0
515

ڪراچي:سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آھي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ رينجرز جي نمائندي سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي

عدالت پاران آءِ جي سنڌ کان سوال ڪيو ويو ته توهان پاران مڪاني چونڊن دوران سيڪيورٽي لاءِ ڪيتري فورس ڏني ويندي

آءِ جي غلام نبي ميمڻ جواب ڏنو ته عدالت جيتري فورس چوندي اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، عدالت صوبائي اليڪشن ڪمشنر کان سوال ڪيو ته توهان مڪاني چونڊون ڪيترن ڏينهن ۾ ڪرائي سگهو ٿا؟

صوبائي اليڪشن ڪمشنر جواب ڏيندي چيو ته 15 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائي سگهون ٿا، مڪاني چونڊن بابت ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، جماعت اسلامي جو نعيم الرحمان، ايم ڪيو ايم طرفان وسيم اختر ۽ خواجا اظهار به پيش ٿيا

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فوري مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم: سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

مڪاني چونڊون ملتوي ڪيو: ايم ڪيو ايم جو به عدالت سان رابطو