شڪيرا فيفا ورلڊ ڪپ 2022 ۾ پرفارم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
203
شڪيرا فيفا ورلڊ ڪپ

ڪولمبيا(شوبز نيوز) عالمي شهرت يافته ڪولمبين ڳائڻي شڪيرا فيفا ورلڊ ڪپ جي شاندار افتتاحي تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

پرڏيهي ميڊيا موجب شڪيرا 20 نومبر کان قطر ۾ شروع ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ پرفارم ڪندڙ فنڪارن جي فهرست مان پنهنجو نالو خارج ڪرائي ڇڏيو

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شڪيرا ذاتي سبب جي ڪري فيفا ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ پرفارم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ شڪيرا 2006، 2010 ۽ 2014ع جي فيفا ورلڊ ڪپ ايونٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شاندار پرفارمنس ڏئي چڪي آهي