سنڌ ڪابينا ترڪيه جي زلزلي سٽيل شهرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
231

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ترڪيه جي زلزلي سٽيل شهرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ترڪيه جي عوام سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد ڏني هئي، اسان ترڪيه جي عوام کي هن ڏکي گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ٿا ڇڏي سگهون
ڪابينا اجلاس دوران صحت کاتي جي نان پرموشنل پوسٽ جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو
سنڌ ڪابينا جي فيصلي موجب ملازمن کي ٽائيم اسڪيل 5، 12، 19 ۽ 27 سالن جي سٺي سروس تي ڏنو ويندو، اهو ٽائيم اسڪيل هڪ کان 15 گريڊ جي ملازمن کي ڏنو ويندو

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جون تباهيون، 12 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت، هزارين زخمي، هنگامي حالتن جو اعلان

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ تباهي، 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت