ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب قيامت برپا: 2 هزار کان وڌيڪ فوتگيون

0
237
ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب قيامت برپا
ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب قيامت برپا: 2 هزار کان وڌيڪ فوتگيون

تُرڪي ۽ شام ۾ 7.8 جي شدت جي زلزلي قيامت برپا ڪري ڇڏي، مجموعي طور فوتين جو انگ 2 هزار کان به وڌي ويو
زلزمي سبب عورتون ۽ ٻارن سوڌو هزارين زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن فوتگين جو انگ وڌڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي
خوفناڪ زلزلي دوران عمارتون اِک ڇنڀ ۾ مٽي جو ڍير بڻجي ويون، ترڪي جي سرڪاري ٽي وي طرفان هيل تائين 11 سئو ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي
شام عورتن ۽ ٻارن سوڌو 700 کان وڌيڪ اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، ريسڪيو ٽيمن طرفان ملبي ۾ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي
ترڪ صدر طرفان زلزلي جي تباهي کانپوءِ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي
امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز ترڪي جو ڏاکڻو علائقو هو، اونهائي 17.9 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، قبرص، يونان، اردن، لبنان ۽ جاپان ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا
ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين 50 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري رهيو

سنڌ ڪابينا ترڪيه جي زلزلي سٽيل شهرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ اماڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جون تباهيون، 12 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت، هزارين زخمي، هنگامي حالتن جو اعلان

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ تباهي، 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت