Scary footage of the earthquake in Turkey 🇹🇷 May Allah protect them all. pic.twitter.com/5vLqFSJoSa
— • (@Al__Quraan) February 6, 2023
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ترڪيه، شام ۽ ڀرپاسي جي ملڪن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ سوين ماڻهو زخمي، عمارتن کي نقصان پهتو آهي، ماڻهو خوف وچان ٻاهر نڪري آيا
ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ 195 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، شام ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 7 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ترڪيه جي ڏکڻ وارو علائقو هو
اونهائي 17 ڏهائي 9 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ترڪيه ۾ زلزلي جا لوڏا هڪ منٽ تائين محسوس ڪيا ويا، قبرص، يونان، اردن ۽ لبنان ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا
پرڏيهي خابرو ادارن موجب زلزلي شام ۾ به تباهي مچائي ڇڏي آهي، جتي عمارتون ڪرڻ سبب 230 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن
Shrine of Sayyida Zaynab during the earthquake in Damascus in Syria #earthquake #Syria #Iraq #Turkey #Iran#earthquake #DEPREMOLDU #Turkey pic.twitter.com/J0fhpAp1K4
— Chaudhary Parvez (@ChaudharyParvez) February 6, 2023