ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جون تباهيون، 12 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت، هزارين زخمي، هنگامي حالتن جو اعلان

0
278

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، عمارتون پٽ پڌر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 12 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، هزارين زخمي ٿي پيا، ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ 9 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي

ترڪيه ۾ زلزلي سبب هزارين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردگان هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شام ۾ به زلزلي جي جهٽڪن دوران ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پيون

 شام ۾ زلزلي جي لوڏن دوران 237 ڄڻا فوت ٿي ويا، 6 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 7 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي  جو مرڪز ترڪي جي ڏکڻ وارو علائقو هو

 اونهائي 17 ڏهائي 9 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي،  ترڪي ۾ زلزلي جا لوڏا هڪ منٽ تائين محسوس ڪيا ويا، قبرص، يونان، اردن ۽ لبنان تائين زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا

صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي دوران ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪي ۽ شام جي عوام سان گڏ آهيون

وزيراعظم شهباز شريف پاران به زلزلي ۾ جاني نقصان تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مشڪل گهڙي ۾ ترڪ حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون